• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چمڻ ٿي چنڊ کي چاهي_ غزل عبدالغفور شاهه

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
چمڻ ٿي چنڊ کي چاھي لڳي ٿو ڪا چري آهي,
وڃيو گهر سيرَ تي ٺاهي لڳي ٿو ڪا چري آهي.
ھزارين جهيرَ پيرن ۾ اڃان ورچي نه ويٺي آ,
پئي ڪوهَ ڪاف ڏي ڪاھي لڳي ٿو ڪا چري آهي.
اکيون آڪاش ۾ ٻوڙي ٻڏي ويندي آ لڙڪن ۾,
صفا وس ۾ رھي ناھي لڳي ٿو ڪا چري آهي.
سڄو ڏينھن محل سپنن جا ڪري تعمير سوچن ۾,
ڇڏي ٿي پاڻ پو ڊاھي لڳي ٿو ڪا چري آهي.
ورڻ جي منڌ موٽي وئي وريو هن جو نه وڻجارو,
نٿي پر آس هيءَ لاھي لڳي ٿو ڪا چري آھي.
تونگر ملڪ جا “ تقوي” جتان پينار ٿي موٽيا,
اُتي سينو وڃيو ساھي لڳي ٿو ڪا چري آهي.
 
Back
Top