• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خريدار وڃو موٽي۔

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
خريدارو، وڃو موٽي، خدا جو سُنهن کتل آهيان،ڄمڻ کان موت تائين، سنڌ ـــــــــ ڌرتيءَ جو وَتل آهيان.
جي اورين ٿو ته مان همغم، جي روئين ٿو ته مان ماتم،جي ماپين ٿو ته مان پربَت، جھُڪائين ٿو جبل آهيان.
اجل منهنجي پٺيان، تقدير سِرَ تي ، رب رڳ رڳ ۾،اٽل جيڪي به آهن مون سان آهن مان اٽل آهيان.
خليل الله ٿو بنجين، گواهه الله ٿو ڏين، پر،اِنهيءَ ڪاتي اِنهيءَ هٿ کان ڪئي ڀيرا ڪُٺل آهيان.
جي تون آڙاهه مان بادل، جي تون بادل ته مان اوٿر،تون جيڪي ٿين ۽ جاٿي ٿين، مٿان تنهنجي اجل آهيان.
ازل کان پئي هليو آهيان، بخاري ڪجھ ٿڪو هوندس،جھلئي ڪَنهنجي رڪيو ناهيان اڃان چئبو اجھل آهيان



Uploaded with ImageShack.us
 
Back
Top