صوفي سيد بيرنگ بادشاهه بخاريءَ جي شخصيت ۽ شاعري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تحرير: خاوند ڏنو لاڙڪ 18 جون2020ع


    ”صوفي سيد بيرنگ بادشاهه بخاريءَ جي شخصيت ۽ شاعري“

    سيد محمد اسماعيل شاهه المعروف بيرنگ بادشاهه

    سنڌ جي سرزمين کي قديم تهذيب، علم، ادب، ڏاهپ ۽ پنھنجي ثقافتي تاريخ ھئڻ ڪري خاص اھميت حاصل آھي. تاريخ انساني فڪر جي آبياري جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. صوفياڻو فڪر ڪنهن حد جو محتاج ناهي. صوفياڻي شاعريءَ ۾ بين الاقوامي شعور ۽ سموري انسان ذات لاءِ آفاقي پيغام سمايل آهي. جيڪو هر دور ۾ عالم انسانيت لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. صوفين جو پيغام خدا ۽ خدا جي وحدانيت جي راز کي سمجهڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿو. اهڙن سچن صوفين، سالڪن مان صوفي شاعر فقير سيد بيرنگ بادشاهه بخاري پننجي دور جو هڪ اهم نالو آهي.
    سيد بيرنگ بادشاهه جو اصل نالو سيد محمد اسماعيل شاهه ۽ سندس والد بزرگ جو نالو سيد غازي غلام شاهه آهي. سندس جنم 1901ع تي مدئجي شهر ڀرسان ڳوٺ آرائين ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سيد بيرنگ بادشاهه جي شخصيت ڪنهن روايتي تعارف جي محتاج ناهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌي ادب جي تاريخ سرجيندڙ موُرخن کيس گهڻي ڀاڱي نظر انداز ڪيو آهي جو ڪنهن هڪ ٻن مختصر حوالن کان سواءِ سندس ڪنهن به تاريخ ۾ تذڪرو نٿو ملي. توڙي جو سندس دور جي ٻين ڪيترن ئي همعصر شاعرن جو ذڪر صوفياڻي شاعريءَ طور ملي ٿو. جن ۾ محمد فقير کٽياڻ، فقير هدايت الله تارڪ نجفي، سيد مهدي شاهه جهانيان، صوفي ولايت شاهه، غمدل فقير ۽ ٻيا به شامل آهن. سيد بيرنگ بادشاهه انهن شاعرن جو نه رڳو همعصر شاعر پر سندن صحبتي پڻ هو. سندن آستاني ۽ محبتي ميخاني تي هميشه صوفياڻي راڳ ويراڳ جون محفلون ۽ ميلا مچندا رهيا. سيد بيرنگ بادشاهه ”بيرنگ بادشاهه“ جي نالي سان مشهور هو. پر هن بيرنگ جي زندگي ۽ شخصيت ۾ ڪيئي بي بها رنگ سمايل هئا. سندن شخصيت نهايت ٻاجهاري، رحم دل، سخي مرد، انسان دوستي ۽ نياز نوڙت سان ٽمٽار هئي. پاڻ صوفي بزرگ شاعر سيد سلطان شاهه جا دست بيعت طالب هئا. هميشه ذڪر فڪر ۾ رهندا هئا. اهائي زندگي سجائي آهي. جيڪا ذڪر فڪر ۾ گزري ٿي. ايتري قدر ٻڌايو وڃي ٿو ته سيد بيرنگ بادشاهه تي اسم اعظم جو ايتري قدر ٻڌايو وڃي ٿو ته سيد بيرنگ بادشاهه تي اسم اعظم جو ايترو غلطو طاري هو جو کٻي پاسي بُبيءَ جي هيٺان قلب وٽ ڪڪڙ جي آني جيتري کڏ محسوس ٿيندي هئي پاڻ نظاري جا شائق سير سفر جا شوقين ۽ سيلاني درويش هئا. قلندر لعل شهباز، شاهه لطيف ۽ شاهه نصير نوشهري فيروز واري جي درگاهن تي عقيدت سان حاضري ڀريندا هئا. موسيقيءَ سان سندن بيحد چاهه هو. راڳ، راڳڻيون ڄاڻيندا هئا. يڪتارو، طبلو پاڻ وڄائيندا هئا. سڄي رات جاڳڻ، کائڻ، گيڙو ويس پھرڻ، خلق جي خدمت ڪرڻ، پنهنجي گفتگوءَ ۾ نصيحت آميز نقطا ۽ معني خيز جملا ڳالهائڻ سندن زندگيءَ، شخصيت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ شامل هو.
    سيد بيرنگ بادشاهه جي شاعريءَ ۾ وحدت الوجود فڪر جي اُپٽار آهي. سندن ڪلام ۾ عشق، پيار، محبت، حق سچ، تصوف جي رازن ۽ معرفت جا انيڪ موضوع سمايل آهن. سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي ٻولين تي مشتمل اڻ ڇپيل ”بياض بيرنگ بادشاهه“ سندن وارثن وٽ موجود آهي. هتي فڪري حوالي سان سندن شاعري خاص اهميت رکي ٿي. سيد بيرنگ بادشاهه شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جن ۾ حمد، قصيده، بيت، ڪافي، غزل، حرفي، ٽيهه اکري منقبت شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ جي رومانوي لوڪ داستانن، سسئي، مارئي، مومل، سورٺ کي تمثيلي سُرن جي سري هيٺ پڻ لکيو اٿن. دنيا جي هر صوفيءَ حق سچ، امن محبت ۽ پيار جي پرچار ڪئي آهي. سنڌ جي اڪثر درگاهن ۽ صوفين جي اوتارن تي اڄ به حق موجود، سدا موجود جهڙيون صدائون بلند ٿين ٿيون. انهن صوفين حق کي پنهنجي وجود جو حصو بڻايو آهي. هڪٻئي ساڻ ملڻ وقت سندن سلام ئي حق موجود ۽ سدا موجود آهي. ”سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي. فقير جي ٻولي فقير ڄاڻي، عشق جي ٻولي عاشق ڄاڻن عام کي ڪهڙي ڪَل، صوفياڻي شاعريءَ ۾ به عقل کان مَٿي عشق جي ٻولي ٻوليل آهي. جيڪي سالڪ، صوفي ۽ سچا عاشق ئي ڄاڻن ٿا.

    سچل سائين چيو:

    عشق دا پنڌ سجايا، ٻيا ڪل پنڌ اجايا،

    بيدل سائين چيو:

    ظاهر بندو باطن موليٰ، عشق جي بازي سمجھي ڪير

    خوش خير محمد هيسباڻيءَ چيو:

    عشق اچي مونسان ڪيون ڙي ڳالهيون، نه سلڻ جهڙيون نه چوڻ جهڙيون

    سيد بيرنگ بادشاهه به ان ئي راهه جو پانڌيئڙو آهي. سندس شاعريءَ ۾ مجازي عشق و راز رموز ۽ حقيقي عشق جو اظهار آهي.

    عاشق اڏيءَ عشق ۾، ڪسي ٿيئڙا ڪين
    عشق ڪري آمين، ڪين منجهون ڪي ڪجھ ٿيا.


    جِتي آس۾ عشق جو، تتي هٿ نه پيرُ
    نڪا مسجد مندر اتهين، نڪو اکر ايز
    سالڪ ڪن ٿا سيرُ، اونهي بحر عميق جو.


    صوفي اهو آهي جيڪو پاڻ کي فنا ڪري حق سان ملي وڃي ۽ نفس جون خواهشون ماري حقيقتن سان هڪ ٿي وڃي خدا جو عرفان حاصل ڪري ٿو.
    پاڻ سڃاڻ وجودي فڪر جو اهم نقطو آهي. ان ڪري صوفين پاڻ سڃاڻڻ تي تمام گھڻو زور ڏنو آهي. پاڻ سڃاڻڻ سان ئي معرفت الاهي حاصل ٿئي ٿي. سيد بيرنگ شاهه پنهنجي ڪلام ۾ پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجي ربَّ کي سڃاڻڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو.

    پُٺِ سنڀالج پنهنجي ، ڇڏي وهم و وجود
    جي پاڻ سڃاڻين پانهنجو ته آهين سر معبود
    ننڊ ڪيو نانوڊ، جاڳين ته سُڌ سڄي لهين.

    الف منجھان احد بڻيو، احد منجھان احمد
    ماجد مجيد اسم الله جا، ميم سندس مهد
    واحد سو وحد، وسي ٿو وجود ۾

    اوڏو ٿي اثبات کي ڪري نانءُ نفي
    ذات ذڪر جي لات اندر، خيال رکج خفي
    ثابت حق صفي، آهي تو اندر ۾

    انسان کي صوفين پاڻ سڃاڻ دم سان سرت لڳائڻ اجايو ويهي وقت نه وڃائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن هميشه پنهني قدم کي دم سان ئي سنڀالي رکيو آهي. ”جو دم غافل سو دم ڪافر“ . انهن خدا جي ذڪر فڪر کانسواءِ هردم کي غافل سڏيو آهي. مهدي سائين جهانيان چيو: ”دم ديدار تئون دم دم سان اسين ڪار ناهيون ٻئي ڪم سان“. اهڙن ئي خيالن جو اظهار سيد بيرنگ بادشاهه هن طرح ڪيو آهي.

    وسي ٿو وجود ۾، تنهن جو ڪر ذڪر
    دم ڊوڙائي دل اندر ڦوڙاءِ ڪر فڪر
    نفيءَ منجهان نڪري، اوڏو ٿي اثبات کي

    دم کان پڇج پنهنجو، ڪوئي وسريل وطن وٿاڻ
    دم ٿي رهبر رهنماءُ، ڪر تنهن سان روح رهاڻ
    يڪدم اچي يار اهو، توکي ڏيندو ڄاڻ
    ته پاڻئون وڃائي پاڻ، وري هل وٿاڻ تي

    نماز مومن لاءِ معراج آهي، خدا سان رجوع ٿيڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو ذريعو آهي شاهه لطيف کي نماز کي نيڪ ڪم سڏيو آهي، نماز نيڪي سيکاري ٿي ۽ نيڪي معاشري کي سنواري ٿي. انساني زندگيءَ ۾ پنج وقت نماز هر مسلمان تي فرض آهي. سيد بيرنگ بادشاهه ڪنهن هڪ وقت يا ويل جي ڳالهه نٿو ڪري هو هر وقت خدا سان رجوع رهڻ لاءِ تلقين ڪندي چوي ٿو.

    اهڙي پڙهه نماز، جنهن جو وقت نڪو ويلو
    محبت جو ميلو پري ناهي پاڻ کئون
    اول ڪاٺ ڪفر کي پوءِ نيهي پڙهه نماز
    الستي آواز، اندرئون ايندئي اُوچتا.

    بيرنگ سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن ۽ رومانوي قصن کي خوب ڳايو آهي. سهڻيءَ جو نڪاح ڏم سان ٿيل هو. پر ٻئي طرف ميهار سان محبت جون اهڙيو منڊليون متل هيون ۽ پيار پريت جا پيچ پختا هئا جو روزانو رات جو دلي تي سوار ٿي درياهه پار ڪري وڃي محب ميهار سان ملندي هئي. ميهار جي قرب ۾ اهڙو ته ڪڙجي وئي هئي جو کيس هر وقت خيال ۾ ميهار جي تانگهه ۽ تار هئي. سهڻيءَ جي اهڙن خيالن کي بيرنگ سائينءَ هن طرح پيش ڪيو آهي.

    مونکي ميل ميهار سان، جنهن جي چڪي ڪيم چور
    چڪي مونکي چور ڪيو، ٿيو سيني اندر سور
    مونکي مطلق مور، ڏنگو نظري ڏم ٿو.

    سهڻي گهري سير ۾، کڻي دلو دليلن
    سُرت رکيائين ساهڙن جي، ڇڏي ڪٽنب قبيلن
    وانگي عليلن، ٿي سهڻي ساهڙ کي سڏي.

    سسئي جدوجهد ۽ جستجوءَ جي علامت آهي. سندس پنهونءَ سان عشق جي انتها آهي. خيال ۾ پختگي ارادي ۾ نيڪ نيتي سسئيءَ کي منزل تي پهچائي ٿي. هوءَ پنهون کان پل به پري رهي نٿي سگھي. سندس وڇوڙي روئي رڙي ٿي پنهون جي ئي سورن ۾ پچي پڄري ٿي سسئيءَ جي زباني بيرنگ سائينءَ هن طرح بيان ڪئي آهي.

    سو پنهون پري ٿيو، جنهن سان جيءَ جڙيون
    ساريو تنهن سڄڻ کي وڃان سور سڙيون
    بيرنگ روز رڙيون، ڪندس جانب ڪاڻ جبل ۾.

    اهڙي طرح مارئي جو ڪردار وطن دوستي جي علامت آهي۔ جنهن ساڻيهه جي سڪ ۽ مارون سان محبت عيان نظر اچي ٿي.
    مارئي عمَر جي قيد بند ۾ رهي به هڪ پل پنهنجي ديس ۽ سانگين مٽن مائٽن کي نه وساريو. عمر جي آڇل عياشي شاهي بنگلا، ماڙيون نوڪر چاڪر، باغ باغيچا سڀني کي ٺڪرائي هر دم پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ بيتاب رهي بيرنگ سائين مارئي جي ان ورد ڪٿا کي هن طرح بيان ڪيو آهي.

    ماڙيءَ چڙهي مارئي ٿي پَل پل پُڪاري
    دانهون ڪيون درد مان ٿي سانگيئڙا ساري
    اکيون اباڻي پار ڏي کنيون نيڻ نهاري
    رويو رويو رت ڦڙا، هنجون نت هاري
    والي شل واري، منهنجي واڳ وطن تي.

    سيد بيرنگ شاهه جو ڪلام مجازي عشق جي مهميزن کان حقيقي عشق جي رمزن ۾ رچيل آهي. جو سراپا انسان ذات کي روحاني رمزن پرکڻ ۽ پروڙڻ جو درس ڏئي ٿو. آءُ ٿورائتو آهيان سائين بيرنگ بادشاهه جي پوٽي سائين حزب الله شاهه صاحب جن جو جنهن مونکي بيرنگ سائين جي شاعري پڙهائي ۽ان تي ڪجھ راءِ لکڻ جوموقعو ڏنو. کانس اها به اميد ڪيان ٿو ته جلد ئي سيد بيرنگ شاهه جو اڻ ڇپيل ڪلام شايع ڪرائي منظر عام تي آڻڻ جون ڪوششون ڪندا جيئن هر خاص ۽ عام هِن آفاقي پيغام مان مستفيد ٿي سگھي.
     
  2. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    81
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    پيارا سائين ھن صوفي ھستيءَ تي ڊاڪيومينٽري ٺاھڻ چاھيان ٿو، وڌيڪ مواد ملي ته قرب ڀائيندس. منھنجو نمبر اوھان وٽ آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو