سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 7 (تحقيقي مطالعو)

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    بيت جو تشريحي، شمارياتي، معنوي، وياڪرڻي مطالعو
    سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 7
    غلام محمد شاهواڻي جي ترتيب

    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ، جَنِّ اُتو سين ايمانَ،
    تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا.
    .........................................
    بيت خبر تي مبني آھي، ڄاڻ تي مبني آھي.
    اھا خبر اھڙي جماعت متعلق آھي جنھن جو خدا جي وحدانيت تي ايمان آھي
    رسول ڪريم جي مددگار، حامي، و شافع ھجڻ تي ايمان آھي
    اھي خداوند جي حڪم کي تسليم ڪندڙ آھن
    اھي عام ماڻھو نہ پر عقيدي ۾ ٻين کان مٿين درجي تي پهتل انسان آھن.
    ھي انسان سب جا سب اھي آھن جيڪي ڪڏھن بہ ابتي تڙ ڏانھن نہ ويا آھن، ھنن جو سفر سدائين صحيح، سالم تڙ تان جاري رھيو آھي.
    ھنن وحدانيت جو اقرار عام رواجي طرح ھرگز ناھي ڪيو پر ھنن جي وحدانيت جو اقرار ايمان سان ڪيل آھي
    ھنن رسول ڪريم صلہ کي پنھنجو حامي مددگار، شافع تسليم ڪيو آھي، جنھن کي ھو دل سان قبول ڪندي ان جو زبان سان اقرار پڻ ڪن ٿا.
    ھي انھن ماڻھن مان ناھن جيڪي رڳو زبان سان اقرار ڪن پر دل سان تسليم نہ ڪن.
    نه ئي انھن ماڻھن مان آھن جيڪي دل منجھ ته ايمان رکن ٿا پر زبان سان سرعام ان جو اعلان اقرار خوف سبب نٿا ڪري سگھن مطلب تہ ھي نہ تہ منافق آھن نه ئي وري خوف منجھ مبتلا.
    ھي اھي انسان آھن جنھن جي دل و زبان جو گڏيل اقرار آھي.
    جيڪي دل و زبان سان گڏيل اقرار ڪن، سي عام نہ بلڪ خاص (فائق) ايمان جي بلند درجي تي پھتل انسان آھن.
    جيڪي ھميشہ خالق جي حڪمن جي پيروي ڪن ٿا.
    جنھن جو نتيجو اھيو ٿو نڪري تہ ھي ڪڏھن بہ غلط طرف ناھن ويندا سدائين ھنن جو سفر سلامتي وارو رھي ٿو

    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ، جَنِّ اُتو سين ايمانَ،
    تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا.

    بيت جي معنيٰ
    جنهن ايمان سان چيو ته “ الله هڪ آهي ان جو ڪو به ثاني نه آهي. تنهن رسول ڪريم حضرت محمد صه جن کي زبان جي اقرار ۽ دل جي ايمان سان پنهنجو مددگار ۽ شفاعت ڪندڙ تسليم ڪيو آهي. اهي خدا جي حڪم کي تسليم ڪندڙ اعليٰ انسان ڪڏهن به ابتي تڙ طرف ڌڪجي نه ويا.
    ............................................
    سٽ وار شمارياتي تفصيل
    پهرين سٽ ۾لفظ (8) و،ح،د،ه،ل،ا،ش،ر،ي،ڪ،ج،ن،ت،س،م- اکر (15) ورجائو سان ٽوٽل (25)
    ٻئين سٽ ۾لفظ (7) ڃ،ڻ،ق،ب- نوان اکر (4) ورجائو سان ٽوٽل (26)
    ٽئين سٽ ۾لفظ (8) ف،ء،ڙ– نوان اکر (3) ورجائو سان ٽوٽل (27)
    .................
    بيت جي سمري
    سٽون 3
    لفظ 23
    اکر 22
    ورجائو سان ٽوٽل اکر 78
    ............................................

    سٽ وار لفظن جي معنيٰ ۽ وياڪرڻي درجابندي جو اڀياس

    وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ، جَنِّ اُتو سين ايمانَ،
    وَحۡدَهُ (صفت)_ اڪيلو
    لَا _(حرف نفي) ناهي، کانسواءِ، عربي ۾ ڪنهن لفظ جي اڳيان اچي ته سنڌي “نه” واري معنيٰ ڏيکاري ٿو.
    شَرِيۡڪَ (صفت)_ شامل، گڏ، ثاني، حصيدار، جهڙو
    لَہُ_ (ضمير) هن جو، ان جو
    جن_(ضمير) جنهن، جيڪي
    اُتو_(فعل) چيو
    سين_(حرف جر) سان، ساڻ، گڏ
    ايمان_(اسم مذڪر) عقيدو، يقين

    تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
    تن_(ضمير) تنهن، انهن
    مڃيو (فعل ماضي) قبول ڪيو
    مُحَمَّ‍دُ_(اسم) پيغمبر آخر زمان رسول ڪريم صه جن جو اسم گرامي
    ڪَارَڻِي_(صفت) ڪارڻ، سبب، ذريعو، وسيلو، مددگار، حامي، شفاعت ڪندڙ
    قَلبَ _(اسم مذڪر) دل
    ساڻُ_(حرف جر) سان،سين، گڏ، سميت
    لِسانَ_(اسم مونث) زبان، ڄڀ

    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا.
    اُوءِ_(ضمير) اِهي، اُهي
    فائق_ (صفت) بلند، اعليٰ، عقيدي ۾ ٻين کان مٿين درجي تي پهتل
    فرمان(اسم مذڪر) خدا جو حڪم، خدا جو ڪلام، بادشاهي اعلان، حڪم نامو، ارشاد

    گرامر جي لحاظ کان بيت منجھ آيل لفظن جي درجہ بندي
    اسم
    ضمير
    صفت
    فعل
    حرف
    .............
    نوٽ گرامر جي لحاظ کان بيت جون سٽون ماضي يا حال ڪامل ۾ چيل آهن.

    تحقيق، ترتيب، تشريح ء تحرير صراط بلوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو