سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 8(تحقيقي مطالعو)

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    بيت جو تشريحي، شمارياتي، معنوي، وياڪرڻي مطالعوسر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 8غلام محمد شاهواڻي جي ترتيب
    اَوَتَڙِ ڪنهن(ڪو) نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
    بَي بَها بالِمَ، آڳي ڪيا اَڳهين.

    بيت جو پس منظر
    هي بيت خبر تي مبني آهي جيڪا اعلي! انسانن متعلق آهي
    هي بيت هن کان اڳ آيل بيت جي تسلسل وارو بيت آهي.
    پوئين بيت ۾ جن فائقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي هن بيت ۾ تنهن جي گذريل ساڳين نشانن سان گڏ ڪجهه ٻيو وڌيڪ نشانيون پڻ ٻڌايو ويون آهن جيڪي هن طرح آهن
    اهي اعليٰ انسان ڪڏهن به غلط رستي تي نه هليا
    هي صحيح گس تي سلامتي سان هلندا رهيا
    مالڪ سان هڪ ٿيا.
    هنن اعليٰ انسانن کي مالڪ شروع کان ئي املهه بڻائي ڇڏيو هو.

    اَوَتَڙِ ڪنهن(ڪو) نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
    بَي بَها بالِمَ، آڳي ڪيا اَڳهين.
    بيت جي معنيٰ
    اهي(اعليٰ انسان) ڪڏهن به ابتي تڙ طرف ڌڪجي نه ويا، صحيح سالم سنئين راهه تي هلندا رهيا ۽ وڃي هڪ ئي دفعه(سنئون سڌو) پنهنجي مالڪ سان هڪ ٿيا انهن پنهنجن پيارن کي مالڪ ازل کان ئي املهه بڻائي ڇڏيو هو.
    سٽ وار شمارياتي تفصيل تفصيل
    پهرين سٽ ۾لفظ (7) ا،و،ت،ڙ،ڪ،ن،ه،ل،ي،س،م- اکر (11) ورجائو سان ٽوٽل (24)
    ٻئين سٽ ۾لفظ (6) ء،ٿ،ح،دع - نوان اکر (4) ورجائو سان ٽوٽل (22)
    ٽئين سٽ ۾لفظ (6) ب،ڳ– نوان اکر (2) ورجائو سان ٽوٽل (20)
    بيت جي سمري
    سٽون 3
    لفظ 19
    اکر 19
    ورجائو سان ٽوٽل اکر 66

    سٽ وار لفظن جي معنيٰ ۽ وياڪرڻي درجابندي جو اڀياس
    اَوَتَڙِ ڪنهن(ڪو) نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
    اَوَتَڙِ_ (اسم مذڪر، صفت) مشڪل جاءِ، (تڙ کان پري “تڙ اڄ ڪلهه جي زبان ۾ جنهن کي بندر گاهه چئون يا پورٽ”، درياءِ يا سمنڊ جي اها جاءِ جتي ٻيڙين بيهڻ يا سامان کڻڻ جي سهولت نه هجي،)
    اوليا_(فعل ماضي) ڌڪجي ويا
    سُتَڙِ_(اسم مذڪر) پتڻ، سٺو گهيڙ، سنئين واٽ، سڌو رستو
    سالِمَ_( صفت) صحيح سلامت، صلح سلامتي وارو، سنئين راهه تي هلڻ وارو

    هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
    هيڪائي_(ظرف) هيڪڙائي سان، هڪ دفعو(سڌو سنئون)
    هيڪ_(صفت) هڪ، هڪڙو، هڪ عدد
    اَحَدَ_(اسم صفاتي) هڪڙو، واحد، اڪيلو(الله پاڪ جو صفاتي نالو معنيٰ جنهن جي ذات ۾ ڪوبه شريڪ نه هجي.
    عالم_(صفت) علم وارا، ڏاها، ماهر

    بَي بَها بالِمَ، آڳي ڪيا اَڳهين.
    بي بها_ (صفت) اَمُلهه، لاثاني، جنهن جي قيمت نه هجي، جنهن جو ڪو ملهه نه هجي.
    بالم_(صفت) پيارو، محبوب، دلبر،توڪل وارو، اعليٰ انسان
    آڳي(آگي)_(اسم صفاتي) ڌڻي، مالڪ، اڳواڻ، آقا
    ڪيا_(فعل) ڪري ڇڏيا
    اڳهين(اڳهم)_(ظرف) اڳواٽ، پهرين ئي، اصل کان، ازل کان وٺي.

    بيت ۾ آيل لفظن جي درجابندي
    اسم
    صفت
    فعل
    ظرف
    نوٽ؛ گرامر مطابق بيت زمان ماضي ۾ چيل آهي

    تحقيق، ترتيب، تشريح، معنيٰ، تحرير؛ صراط بلوچ
     
    آخري ترميم: ‏29 مارچ 2021

هن صفحي کي مشهور ڪريو