سائيبر دنيا ۾ سنڌ ڪٺي ڪندڙ ڪل وقتي قلمي يوڌو سليمان وساڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سائيبر دنيا ۾ سنڌ ڪٺي ڪندڙ ڪل وقتي قلمي يوڌو سليمان وساڻ

    آصف رضا موريو

    ڪجهه ڏينهن اڳ سليمان وساڻ منهنجي لاڙڪاڻو واري فارم هائوس تي آيو جتي ساڻس کوڙ ساري ڪچهري ٿي. ان کان اڳ ٽيليفون تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ سندس متعلق منهنجي ذهن ۾ جيڪو تصور اڀرندو هيو مون کيس ان جي تمام ويجهڙو پاتو. من مندر ۾ درويشي صفت، خيالن جي صفائي، اظهار جي برجستگي، سلجهيل طبيعت ۽ مذاڪاڻي معنويت جي رجحان واري هن يار سان ٻه اڍائي ڪلاڪن جي ٿورڙي ڪچهريءَ ۾ اسان هڪ ٻئي سان اهڙا بي تڪلف ٿي وياسين جو ڄڻ ورهين جو ياراڻو هجي. ان جو سبب مان نه پر سليمان هيو جو طبيعتن هو مون کي انهن ماڻهن منجهان لڳو جيڪي هم خيال ماڻهن سان گفتگو دوران اوپرائپ جي ڀت بيهارڻ پسند نه ڪندا آهن. سندس رويي مان لڳو ته هو زندگي کي صاف شفاف ذهن سان ڏسڻ جو عادي آهي.
    محمد سليمان المعروف سليمان وساڻ جي پيدائش 13 مارچ 1976ع ڌاري خيرپور ضلع جي تعلقي ڪوٽ ڏيجي جي ڳوٺ مٺل وساڻ ۾ ٿي. سندس والد محرم علي هڪ محنت ڪش هاري هيو جنهن جي چار پنج ايڪڙ آبائي زمين ئي سندن لاءِ ڪل ڪائنات جيان هئي تنهن غريب هوندي به پنهنجي وني غلام زهرا جي سهڪار سان اولاد جي تعليمي ۽ پرورش لاءِ هڙان وڙان ڪونه گهٽايو.
    سليمان وساڻ جي ڏاڏي جي نالي تي ٻڌل سندن ”ڳوٺ مٺل وساڻ“ مجموعي طور تي پنجاھ سٺ گهرن تي مشتمل ۽ سندن علائقو پنج ڇهه سو گهرن تي ٻڌل مختلف ويڙهن تي مشتمل آهي جيڪي مختلف ڪٽنبن آڌار سندن زمينن مٿان جوڙيل آهن. انهن ويڙهن مان سندس ويڙهو پڻ پنجاهه سٺ گهرن تي مشتمل آهي. هن ڳوٺ ۾ صرف وساڻ ذات جا ماڻهو رهن ٿا جڏهن ته ان وستي جي ويجهڙائي ۾ سومرن، گوپانگن، شيخن، منگين، سيدن ۽ اڄڻن جا ڪجهه ڳوٺ پڻ آباد آهن. سائين سليمان وساڻ جو ڳوٺ ڪوٽ ڏيجي کان ڏهه ٻارنهن ڪلوميٽر اولهه طرف آباد آهي جنهن جي ساڄي پاسي ۾ سنڌو درياهه وهي ٿو. هي سمورو علائقو کجين جي باغن جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي پر هتان جي زرخيز زمينن ۾ ٻنهي مندن جا فصل سٺا ٿين ٿا خاص ڪري ڪمند، ڪڻڪ ۽ وونئڻن جو فصل گهڻو لاڀائتو ٿئي ٿو. سليمان کي هڪ ننڍو ڀاءُ پڻ آهي جيڪو ڳوٺ ۾ زمين جي سال سنڀال سان گڏ مال مڙي جي خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار ڪندو آهي.
    سنڌ جي رواجي ٻهراڙي جو غريباڻو پسمنظر رکندڙ سٻاجهو انسان آهي جنهن انهن تمام تعليمي، سماجي ۽ تهذيبي محرومين سان مهاڏو اٽڪائيندي تدريس ۽ تخليق سان نباهه ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو جن سان صدين کان اسان جو سنڌي نوجوان متاثر ٿي مڃتائن کان محروم ٿي رهيو آهي. سليمان وساڻ پرائمري پنج درجا 1986ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ”پير گڊو“ مان پاس ڪري گورنمينٽ مڊل اسڪول عارب سولنگي مان اٺين جماعت پاس ڪئي. مئٽرڪ 1991ع ۾ ”فيض ھاءِ اسڪول ڪوٽڏيجي“ مان ۽ انٽرميڊئيٽ ”سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور“ مان 1993ع ۾ پاس ڪئي. 1996ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان شماريات ۾ بي ايس سي ۽ 1999ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ئي ايم بي اي (مارڪيٽنگ) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي.
    جنهن پرائمري اسڪول ۾ سليمان وساڻ پڙهندو هيو سو ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري هوندو هيو جنهن جي رستي ۾ هڪ ڍنڍ پڻ ايندي هئي، سياري ۾ رستا ٻڏي وڃڻ ڪري ور وڪڙن وارا ڊگها ڪنارا وٺي اسڪول پهچڻ تائين فاصلو ٻه ٽي ڪلوميٽر وڌي ويندو هيو. ڇهين جماعت ۾ پڙهڻ وقت هو ڳوٺ کان ٽي چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري روڊ تي پهچندو هيو جتان بس تي چڙهي باقي فاصلو طئه ڪبو هيو جو مڊل اسڪول اتان کان 10 ڪلوميٽر پري، هاءِ اسڪول 12 ڪلوميٽر پري ۽ انٽرميڊئيٽ وارو ڪاليج 30 ڪلوميٽر پري هوندو هيو. سليمان لاءِ پهرين جماعت کان بي ايس سي ڪرڻ تائين سردئين گرمئين انهن اڻانگن مسافرين جو اڪلائڻ روز جو معمول هوندو هيو.
    ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪندي ئي کيس آئي بي اي سکر ۾ ليڪچرار جي نوڪري ملي جنهن جي ٽيسٽ به آئي بي اي ڪراچي وارن ورتي هئي. ست اٺ مهينا نوڪري به ڪيائين پر ان دوران آئي بي اي سکر وارن پاليسي جوڙي ته هتي”شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور“ مان پاس ڪيل استادن جو تعداد گهڻو آھي تنھنڪري ٻين يونيورسٽين جا گريجوئيٽ کڻجن. ان پاليسي تحت سنڌ يونيورسٽي، قائد اعظم يونيورسٽي ۽ زيبسٽ وغيره مان پاس ٿيل اميدوارن کي ترجيح ڏني وئي، جنهن ڪري اتي پنهنجو مستقبل نه ڀائيندي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ سليمان نوڪري ڇڏي ڪراچي ھليو ويو.
    2000ع ۾ سليمان وساڻ کي سئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ ۾ ڪميشن ذريعي گريڊ IIنوڪري ملي جتي ڪمپني ۾ بلنگ، ڪسٽومر تعلقات، سيلز، سرويلنس ۽ مونيٽرنگ شعبن ۾ ڪم ڪندي هاڻي گريڊ VI ۾ چيف مئينيجر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ھو گهڻو تڻو ھيڊ آفيس ۾ نوڪري ڪندو رھيو آھي پر ھڪ سال سکر ۾ ريجنل انچارج بلنگ رھي چڪو آھي. ھن نوڪري دوران بہ ماڻھن جا ڪيئي ڪم ڪيا ۽ بغير لالچ ۽ لوڀ جي پنھنجي ماروئڙن جي مدد ڪندو رھيو آھي. سندس نوڪري ڪراچي هيڊ آفيس ۾ هئڻ ڪري گذريل ٻن ڏهائين کان هو سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو جتان پڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ بيشمار ادبي پروگرامن ۽ محفلن ۾ تسلسل سان شرڪت ڪندو رهي ٿو. نوڪري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ مسافرين سندس ذهن کي وسعت ڏيندي منجهه مثبت لاڙا متعارف ڪرايا ته سٺن دوستن جي صحبت طبيعت ۾ رهندي زندگي واپرائڻ متعلق بهتر تجربه ماڻيا ۽ ڪتابن جي مطالعي سبب اندر ۾ سياسي، ادبي، معاشي ۽ نفسياتي شعور تيزي سان پرورش پائڻ لڳو جنهن سان سندس شخصيت ۾ مظبوط ڪردار جي تعمير ممڪن ٿي سگهي.
    سليمان وساڻ کي ٻالڪپڻي کان گذارڻ لاءِ اهڙو ماحول مليو جنهن سان کيس زندگي جي قدروقيمت جو احساس اندر ۾ نه رڳو وڌندو ۽ ويجهندو رهيو پر سموري ڄمار هر لمحي کي قيمتي ڄاڻندي ان جو بهترين ڪارج پڻ ڳوليندو رهيو. سندس ڳوٺاڻي زندگيءَ جو شروعاتي دور انتهائي ڪٺنائين سان ڀرپور هي جتي تعليم پرائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست نه هئڻ جي برابر هوندو هيو. سختيون ۽ مشڪلون زندگي جو حصو هئڻ سبب مڙس ماڻهن لاءِ مانائتيون ٿين ٿيون. سليمان جي زندگي ان ڳالهه جي پختي شاهدي ڏئي ٿي ته ”دعائون به جهدِ مسلسل جو ساٿ ڏين ٿيون“. کيس تعليم ۽ تربيت مليل هئي ته زندگيءَ جي سادگي ۾ عظمت ۽ شان لڪل هوندو آهي پر وقت سان گڏ تربيتون برقرار رکندي زماني جي جديد رنگن ۾ رنگجڻ به ضروري ليکيو وڃي ٿو جنهن جي حاصلات لاءِ سليمان سموري عمر پاڻ پتوڙيندو رهيو ته جيئن انهن تمام محرومين کان پنهنجي اولاد کي بچائي جنهن مان ڪڙهي ڪري هو پاڻ ڪندن بڻجي نڪتو. سليمان وساڻ جي شادي 13 نومبر 2011ع ڌاري ٿي ۽ کيس ذيشان علي وساڻ ۽ زايان سليمان نالي ٻه پُٽ ۽ ھڪ نياڻي عليزہ سليمانجي اولاد آهي.
    منهنجي يار نثار کوکر کان پوءِ مون هي واحد قلمي يوڌو ڏٺو آهي جنهنجي چهري تي سدائين دل لڀائيندڙ مرڪ چلولايون ڪندي نظر ايندي آهي بلڪه مان يقين سان چوان ٿو ته ”جنهن تصوير ۾ نثار ۽ سليمان کي کلندي نظر نه ايندا آهن ان تصوير جي اصليت تي مون کي شڪ ٿيندو آهي“. اها ٻي ڳالهه آهي ته نثار صفا دل جا دروازا کولي کلندو آهي جڏهن ته سليمان هلڪي مسڪراهٽ مکئين سجائيندو آهي. يوسفي ڏيک ويک ۽ خوبصورت جسماني بيهڪ وارو هي وڏو ماڻهو پنهنجي طبيعت ۾ گهڻو خوش مزاج ۽ سڌو سادو انسان آهي جنهن کي جيڪڏهن درويش صفت سڏيان ته غلط ڪونه ٿيندو جيڪو دلئون سنڌ جي سياسي، سماجي، اخلاقي ۽ اقتصادي ترقي جو خواهان هئڻ سان گڏ دنيا ۾ امن و امان ۽ رواداري جو ڳولائو آهي. سندس خواب آهي ته ”جيڪو ڪجهه هو پنهنجي ارد گرد ڏسڻ چاهي پيو ۽ ڪونه ڏسي سگهيو آهي اهي سمورا سُک، ترقيون، تعليم ۽ چڱ ڀلائيون سندس ايندڙ نسل کي سنڌ ۾ ضرور ميسر هجن“.
    سليمان وساڻ هڪ ورسٽائل لکاري ۽ تجزيه نگار پڻ آهي جنهن مضمون نويسي، ڪالم نگاري ۽ ڪهاڻيڪاري ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي جو آئي ڏينهن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپندا رهندا آهن ته دوستن احبابن تي سندس لکيل سوانحي خاڪا پڻ سوشل ميڊيا جي زينت بڻبا رهندا آهن. هن بيشمار ڪتابن تي بي لاگ تبصره پڻ ڪيا آهن جڏهن ته سنڌ جي ناماچاري شخصيتن تي لکيل سندس خاڪا ۽ ماڳ مڪانن تي جوڙيل پر مغز مضمون تمام گهڻا پسند ڪيا ويندا آهن. سليمان هن وقت تائين 300 کان مٿي ڪالم لکي چڪو آهي جڏهن ته لکڻ ۾ سندس پسنديده موضوع سماجيات آهي. سليمان وساڻ لاءِ ڪتاب ۽ لکاري جو پسنديده هجڻ سندس موڊ تي آهي پر هر موڊ ۾ سندس پسنديده لکاري امرجليل، نورالهدا شاهه ۽ الطاف شيخ آهن. امرجليل جو ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ سندس لاءِ شاهڪار پڙهڻي آهي. اخبارن ۾ ”ڪاوش“ ۽ رسالن ۾ مرحوم تاج بلوچ جو ”سوجهرو“ ادبي ذوق ۽ شوق لاءِ سندس آبياري جو ڪم ڪندا رهيا آهن. انگريزي فلمن جو شائق پڻ آهي کيس اداڪارن ۾ شاهه رخ خان ۽ ڪاجل گهڻو وڻندا آهن جڏهن ته سندس پسنديده فلم ”ٿري ايڊيئٽس“ آهي. سليمان وساڻ جي پسنديده شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پسنديده سياسي اڳواڻ جي ايم سيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو آهن.
    ھو مڃي ٿو ته سندس تربيت ۾ سندس مامي تاج محمد وساڻ جو وڏو ڪردار رھيو آھي جنھن ھر قدم تي سندس رھبري ڪرڻ سان گڏ آسانيون پيدا ڪيون آھن. تاج محمد وساڻ پاڻ ڪل وقتي سماجي ۽ سياسي ڪارڪن آھي جنھن ڪراچيءَ ۾ پنھنجي سياسي ساک ٺاھي آھي. ان کان ئي سليمان سماجي ڪم ڪرڻ جي تربيت ورتي آھي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ذريعي سماجي ۽ علمي ڪمن ۾ پڻ اڳڀرو رھي ٿو. ھو ھن وقت سگا جي سچل ڳوٺ شاخ جو جنرل سيڪريٽري آھي.
    موجوده دور ۾ سنڌيءَ جي وڏي ۾ وڏي سائيبر فورم ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ 2009ع ۾ رشيد سمون، عراق ۾ رهندڙ علي ظفر، .مڪي شريف مان نثار احمد ابڙو، ٽنڊو محمد خان واسي نثار احمد ناز ۽ دادو ۾ رهندڙ عامر ضياءَ چارڻ جوڙي هئي جنهن جو شروعاتي مقصد صرف انٽرٽينمنٽ هيو ته انٽرنيٽ تي ڪو اهڙو سنڌي فورم جوڙيو وڃي جتي ڪي حال احوال ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وڃن. سنڌ ۾ ڪمپيوٽر جو شروعاتي دور هيو ۽ هن دنيا ۾ نه رڳو سنڌي ڳالهائيندڙن جو واهپو تمام گهٽ هيو پر سنڌي زبان جا فورم به نه هئڻ جي برابر هيا تنهن ڪري هي فورم ماڻهن جو ڪو خاص ڌيان ڇڪڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿيو. 2010ع ۾ سليمان وساڻ پنهنجي دوستن سان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جوائن ڪري ان کي باقاعدگيءَ سان سنڌي ٻولي جي سائيبر دنيا ۾ ترقي ۽ ترويج مقصد بڻائي پروموٽ ڪرڻ جي گس تي لاٿو جتي هن وقت به سليمان مينيجنگ ايڊيٽر طور ڪتاب گهر ۽ ڪنٽينٽ اپلوڊنگ سان گڏ پبلڪ افيئر جا مسئلا سنڀاليندو آهي. عبيد ٿهيم، عامر چارڻ ۽ سجاد چنو ڊولپر هئڻ ڪري ٽيڪنيڪل ڪم سنڀاليندا آهن. انهن تمام معاملن ۾ سندس ساٿي ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري به عملن سانجهيدار هوندو آهي.ڪتاب وغيره اپ لوڊ ڪرڻ جو ڪم سليمان وساڻ ۽ گل لاکو ڪندو آهي. راشد شر به ڊولپر آهي جيڪو ٽيڪنيڪل ٽيم سان سهڪار ڪندو آهي. امين ڀٽي ۽ شاهنواز ٽالپر سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لاءِ ناياب ڪتابن جي ڪمپوزنگ جو والنٽيئرلي ڪم ڪندا رهن ٿا جن جا ڪمپوز ٿيل بيشمار ادبي شاهڪار سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي لائيبرري جي زينت بڻيل آهن. اهي تمام دوست هڙان، وڙان، ڪهي ۽ ڪڙهي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي متعلق اڏول جدوجهد جا همراهي بڻجي پنهنجي پنهنجي محاذن تي جٽيل آهن جن جو هن وقت به ٽيڪنيڪل هيڊ يا سرواڻ سنڌ سلامت جو بانيڪار رشيد سمون ئي آهي.
    هن وقت سنڌ سلامت جون چار ايپليڪيشنون بشمول ڪتاب گهر، پيغامِ قرآن. لفظيڪار ۽ الطاف شيخ جا ڪتاب گهڻو متحرڪ آهن. هي فورم پنهنجي موجوده ۽ ايندڙ هزارين نسلن لاءِ ادب جي سمنڊ مان غوطا هڻي علمي ۽ ادبي تحقيق ۽ دانش جا انمول موتي ڪٺو ڪندڙن، سنڌي ٻولي تي لکندڙ، سنڌي ٻولي تي ڪم ڪندڙ شاعرن، اديبن، ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جون شاهڪار محنتون جيڪي ڪتابن ۽ مضمونن جي شڪل ۾ آهن سي سانڍڻ جو انوکو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. هي دوست ڳولي ڳولي اهي ڪتاب پڻ آن لائين ڪري رهيا آهن جيڪي هن وقت عام قاري لاءِ اڻلڀ ٿي چڪا آهن.
    2016ع ۾ هنن دوستن ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي نالي سان هڪ ڊجيٽل لائيبرري جوڙي، ان تي هن وقت تائين 2000 کان مٿي سنڌي ڪتابن جو علمي ۽ ادبي ذخيرو آن لائين رکيو ويو آهي جن مان ٻارنهن سئو کان مٿي ڪتاب پي ڊي ايف ۽ هزار جي ويجهو ڪتاب ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن جيڪي پي ڊي ايف ۾ ڊائون لوڊ ڪري يا آن لائين پڙهي سگهجن ٿا. انهن ڪتابن مان دنيا ڀر ۾ روزانو هزارين سنڌي پڙهندڙ لاڀ پرائي پنهنجا ادبي ۽ قلمي قبلا درست ڪري رهيا آهن. انهن دوستن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليءَ جي تمام مروجه لفظن جي ذخيرن تي مشتمل لغت ”لفظيڪار“ جي نالي سان رکي آهي. ان کان علاوه سنڌي شخصيتن جي انسائيڪلوپيڊيا، تاريخ جي دري، شاھ لطيف جا تشريح ۽ سمجهاڻي سان بيت، سنڌي ٽائيپنگ، گوگل تي سنڌي ٽرانسليشن وغيره سان گڏ سائيبر دنيا اندر ٿيندڙ اضافن ۾ سنڌي زبان کي روشناس ڪرائڻ، ڪتابن، انگن اکرن، تاريخ وغيره جي ڪم کي وقت سان گڏ وڌائي ويجهائي رهيا آهن.
    قرآن شريف جي تعليم کي سنڌي ۾ عام ۽ فهم ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران ”پيغامِ قرآن“ جي نالي سان پڻ هڪ ويب سائيٽ هلائي رهيا آهن جتي مولانا تاج محمد امروٽي، مولوي محمد ادريس ڏاهري، علامه مدني ۽ ٻين عالمن جا ڪيل قرآن شريف جا اٺ ترجمه موجود هجڻ سان گڏ ٽن ترجمن تي ڪم ٿي رهيو آهي جنهن مان هڪ مولوي احمد ملاح طرفان قرآن شريف جو نظم ۾ منظوم ترجمو ”نورالقرآن“ پڻ شامل آهي جنهن کي 1969ع ۾ ارباب الله جڙيو پبلش ڪرايو هيو. قرآن شريف ۽ اسلامي موضوع واري ادبي ڪم جي ٽيڪنيڪي تدوين ۽ اصلاح قاضي احمد جو مولوي رحيم بخش ڏاهري ڏسندو آهي.
    سنڌ سلامت جي ھڪ خدمت ”تاريخ جي دري“ سان سال جي سڀني ڏينهن ۾ خاص سنڌي لوڪن جي پيدا ٿيڻ ۽ وفات جي تاريخ ڏني ويندي آهي. هن ٽيم شاهه لطيف جي ڪلياڻ بولچند آڏواڻي واري ترتيب ڪيل رسالي جو ترجمو ۽ لطيفيات تي 40 کن ڪتاب پنهنجي ويب تي رکيا آهن جڏهن ته ٻين رسالن سان گڏ ڀٽائي جي ڪلام ۾ آسان ڪاري متعلق پڻ ڪم ٿي رهيو آهي. هن ٽيم الطاف شيخ جي 99 ڪتابن مان 60 ڪتابن جو بلاڪ پڻ پڙهندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي جنهن کي وقت سان گڏ وڌائي رهيا آهن.
    پنهنجي موجوده نسل ۽ ايندڙ هزارين نسلن تائين اهي شاندار ادبي سهولتون جوڙي پهچائڻ متعلق، تمام اينڊرائيڊ ۽ آن لائين ايپليڪيشنز، ڊاٽابيسز ۽ ويب سائيٽز کي آسان ۽ عام بڻائڻ جي ڪم ۾ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم تسلسل سان هر وقت باعمل ۽ رڌل رهندي گذريل ٻارنهن سالن کان ادب کيتر ۾ پنهنجي ٻولي، قوم، ادب ۽ تاريخ متعلق مزاحمتي جنگ جاري رکندي آئي آهي جنهن جي مڃتا طور هن وقت سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سڄي دنيا جي سنڌين ۾ مڃتا ماڻي چڪي آھي.
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي پنهنجي زندگيءَ جو ماسٽرپيس ۽ حفيظ لغاريءَ کي بهترين ساٿي مڃيندڙ سليمان وساڻ هڪ گهڻي رخي علمي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آهي جيڪو ٽيڪنوڪريٽڪ تدريسي پسمنظر رکندي پنهنجي زندگي جي انتهائي مصروف ڏينهن راتين جي باوجود حيرت انگيز طور تي نه رڳو فنونِ لطيفه جي بيشمار صنفن کي گڏ کڻي هلي رهيو آهي پر دنيا ڀر ۾ موجود تمام زنده ۽ سرڳواسيل سنڌي اديبن جون محنتون ۽ محبتون ڪٺو ڪري هڙان وڙان کين مڃتائون ڏيندي مصروفِ عمل نظر اچي ٿو. ٻولي، ادب، تحقيق ۽ سائبر دنيا ۾ ڪيل سندس تحقيقي خدمتن جي مڃتا طور کيس بيشمار ايوارڊ ۽ شيلڊون ملنديون رهنديون آهن جن مان خاص سنڌ فيس بڪ فرينڊز ايوارڊ، مظلوم فائونڊيشن ايوارڊ، انجمن ترقي پسند مصنفين ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، سنڌ راڻي ايوارڊ، احساس ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ، خادمين سنڌ فائونڊيشن ايوارڊ وغيره آهن.
    موجوده دور ۾ سليمان وساڻ سنڌي ٻولي، ثقافت، ادب ۽ علمي تحقيق جي حوالي سان نه رڳو سنڌ پر دنيا ڀر جي محبوب ترين فردن ۾ شمار ٿئي ٿو. توڙي جو سنڌي زبان متعلق سائيبر دنيا ۾ ماجدڀرگڙي، فياض ٻرڙو، شبيرڪنڀر جهڙي انيڪ پربتن کان پوءِ انهن جي وشال پورهئي جو قدر ڪندي ۽ انهن جي ڪمن کي وڌائيندي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي متعلق سليمان وساڻ جهڙي وقعت ۽ اعتبار وارو ماڻهو مون کي سائيبر دنيا جي ميدان ۾ هن وقت تائين نظر ڪونه آيو آهي جيڪو مسلسل ميدانِ عمل ۾ جهدِ مسلسل جو قائل رهي اسان توهان لاءِ ۽ اسان جي ايندڙ ڪئي پيڙهين لاءِ ادبي کيترن کي ريج ڏيئي رهيو آهي.
    سوشل ميڊيا جي عجيب و غريب دنيا ۾ جتي منجهيل، وکريل، انگهيل ۽ روايتي ڪردار جام نظر اچن ٿا جيڪي صرف ”الجهو ۽ الجهايو“ جي منشور تحت پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪمپيوٽر جو استعمال ڪندي ڏٺا وڃن ٿا پرانهن جي ابتڙ سليمان جهڙا ڪاپڙي ۽ قومي غيرت سان ڀرپور ڪردار انهن فورمن تي اڳڀرا نظر اچن ٿا جيڪي ان دنيا ۾ انهن لٻاڙي ڪردارن ۽ اسان جهڙي اٻوجهه ماڻهن جي وچ ۾ ”بيلينس ڪائونٽر“ ڪندا رهندا آهن ته ”سوشل ميڊيا جي دنيا اسان اڃان ايتري خراب ڪونه ڪئي آهي“. سائيبر دنيا جي تمام فورمن تي سليمان وساڻ اجائي ادبي مباحثن ۽ فضول مذاڪرن کان سدائين پري رهي سندس مهذب، زرخيز ۽ ترقي يافته ذهن قومي انفراديت قائم ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان ۽ ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ مصروفِ عمل ڏٺو ويو آهي. هن جو خيال آهي ته ”ڪامياب زندگيءَ جو ڪوبه تصور قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريون زندگي متعلق ڪو ڪامياب تصور قائم ڪيو وڃي“.


    [​IMG]
    محمد سليمان وساڻ ۽ آصف رضا موريو​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو