انقلابين کي موت کان نه ڊڄڻ گهرجي

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    انقلابين کي موت کان نه ڊڄڻ گهرجي​

    مهاتما گانڌي/ مخدوم شمس

    هڪ ڏينهن آءُ آزادي جي شرطن کي نظر مان ڪڍي رهيو هوس ته آزادي ڪهڙي شرط سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. منهنجي من ۾ ان لاءِ صرف هڪ ئي ڳالهه آئي ته ان جو صرف هڪڙو شرط آهي ” موت کان نه ڊڄڻ“ . ڇاڪاڻ ته جيڪا قوم موت کان ڊڄندي آهي سا آزادي هرگز ماڻي نه سگهندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا قوم آزاد ٿي به وڃي ته اها ان جي حفاظت ناهي ڪري سگهندي. انگريز پنهنجي زندگيءَ کي تريءَ تي کڻي گهمندا آهن. عرب ۽ افغاني موت کي هڪ هلڪي ڦلڪي بيماريءَ کانسواءِ ڪجهه به تصور نه ڪندا آهن تنهنڪري هو پنهنجي ڪنهن پياري جي موت تي ڪو روڄ راڙو نه ڪندا آهن.

    اهڙيءَ طرح بوئر قوم جون عورتون موت ته ٺهيو موت کان ڊڄڻ جي معنى به نه ڄاڻنديون آهن.

    بوئر قوم جي آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ هزارين عورتون بيوهه ٿي ويون تڏهن به ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه ڪيائون نه پنهنجي مڙسن جي موت تي روڄ راڙو ۽ نه پنهنجي اولاد جي موت تي. هو چونديون هيون ته جيڪڏهن ملڪ ۽ وطن غلامي جي کڏ ۾ ڪري پيا ته مڙس ۽ پٽن جو ڪهڙو فائدو؟

    انهيءَ کان هي بهتر نه آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي غلامي ۽ ذلت واري زندگي ۾ رهڻ بجاءِ انهن جي فاني جسم کي قربان ڪري انهن جي لافاني نالي کي زندهه رکون.

    آءٌ هي انهن شخصن جي باري ۾ چئي رهيو آهيان جن لڙائين ۾ حصو ورتو ۽ شهادت ماڻي . هاڻي هو تاريخ جي ورقن ۾ زنده آهن ڇاڪاڻ ته انهن موت جي پرواهه ڪونه ڪئي. اسين هرگز آزادي ماڻي ڪونه سگهنداسين جيستائين موت جو خوف اسان جي دلين ۾ آهي. اسان کي آزادي تيستائين نه ملي سگهندي جيستائين اسان جي ڌرتي جا نوجوان پنهنجي حياتي وطن جي راهه ۾ قربان نه ڪندا. اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي ته اسان جو ڪو ٻار يا نوجوان جڏهن مري ويندو آهي ته اسان کي پريشان ٿيڻ نه گهرجي ڇا هي دنيا اچڻ ۽ وڃڻ وارو مثال نه آهي؟

    اهڙي ڪا به گهڙي ڪو به پل نه آهي جڏهن ڪيترائي روح هن دنيا ۾ اچن ٿا ۽ ڪيترائي وڃن ٿا. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اهڙي بيوقوفي کان پاڻ کي بچايون جو ڪنهن ٻار جي پئدائش تي پاڻ خوشي ملهايون ۽ ڪنهن جي موت تي روڄ راڙو ڪيون. هندو، مسلمان عيسائين ۾ ڪير اهڙو نه آهي جنهن کي روح جي دائمي ۽ غير فاني هجڻ جو يقين نه آهي؟ هر ڪنهن کي يقين آهي ته روح ڪڏهن به ناهي مرندو . اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته جنهن وطن ۾ اسين زندگي گذاري رهيا آهيون جڏهن ته اهو وطن اسان جو هڪ خانداني گهر آهي ۽ ان جا رهاڪو اسان جا پنهنجا آهن انهيءَ وطن ۾ روز ڪيترائي ڄمن ۽ ڪيترائي مرن ٿا پوءِ جيڪڏهن اسين هر ويندڙ شخص ۽ هر ايندڙ شخص تي روز ويٺا خوشيءَ جو اظهار ڪريون ۽ غم جو نماءُ ڪريون ته اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويندو! سڄي عمر اهڙين حالتن ۾ اسان جي چپن تان مسڪراهٽ ختم ٿي ويندي يا وري اسان جي اکين مان ڳوڙها ختم ٿي سگهندا؟ اسان کي ڪجهه انهي سوچ کان ڪم وٺي موت جو خطرو دل مان ڪڍڻو پوندو. دنيا ۾ مشهور آهي ته هندستان فلاسفرن ۽ سمجهدار ماڻهن جو ملڪ آهي جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته اسان کي واقعي خوش ٿيڻ گهرجي. پر ان جي باوجود اسان سڀني قومن کان وڌيڪ موت کان ڊڄي رهيا آهيون جيڪا ڳالهه اسان ۾ نه هئڻ گهرجي. تنهنڪري جيڪڏهن حقيقت ۾ انسان کي آزادي درڪار آهي ۽ ان کي اهڙي حالت ۾ رکڻ چاهيون جو دنيا ۾ فخر ڪري سگهون ته اسان کي پنهنجي دلين مان موت جو خوف ڪڍڻو پوندو! پوءِ جيڪو ائين ٿي ويو ته پوءِ جيل يا قيد ڪهڙي ڳالهه آهي. جيڪو شخص موت جي پرواهه نه ڪندو اهو قيد کان ڪيئن ڊڄندو؟ اسان کان آزادي جا پري رهي آهي ان جو سبب اهو آهي جو اسان موت جي تياري نه ڪئي آهي يا انهن مصيبتن جي جيڪي موت کان گهٽ آهن. جيئن جيئن آزادي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ انهن معصوم ديس واسين جو تعداد وڌندو ويندو جيڪي آزادي جي حصول لاءِ موت کي ڀليڪار چون ٿا. تيئن تيئن انهن جي قرباني ٻين تي نظر انداز ٿيندي ويندي ۽ آزادي ويجهي ٿيندي ويندي ڇاڪاڻ ته جيڪا مصيبت صبر ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪبي آهي اها پاڻ وڏي خوشي بڻبي ويندي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو شخص ڪنهن مصيبت کان ڀڄڻ جي ڪندو اهو شخص ان جي اچڻ کان اڳ ئي هڪ اهڙي مصيبت جي ڄار ۾ ڦاسي پوندو جو ان جو نڪرڻ مشڪل هوندو.

    اهو شخص جيڪو ايندڙ مصيبتن کي دليريءَ ۽ خوشيءَ سان منهن ڏيندو آهي اهو هر مصيبت کان بچي ويندو آهي.

    آءُ هي مقالو ان ڪري لکي رهيو آهيان جو منهنجي دل ۾ هي ڳالهه اچي رهي آهي ته جيڪڏهن اسان کي هن سال اندر ئي آزادي حاصل ڪرڻي آهي ته بيشڪ اسانکي موت جي اکين ۾ اکيون ملائي بيهڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته وقت کان اڳ اچڻ وارين مصيبتن جي تياري ڪرڻ واور انسان گهڻين مصيبتن کان بچي ويندو آهي. آءُ تاڪيد ٿو ڪريان ته عدم تعاون وارو عمل ئي صرف اسانجي ڪاميابي جو ضامن آهي. البته اسان تي واجب آهي ته اسان هر ايندڙ مصيبت جي اڳواٽ تياري ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ ته اسانجي خلاف مادي قوتون پنهنجي زورن تي انڌيون ۽ ٻوڙيون بڻيل آهن. ممڪن آهي ته حڪومت انهن مادي قوت جي نشي ۾ اسانجي خلاف اهو عمل صادر ڪري جنهن کان اسان بلڪل بي خبر ۽ غير منتظر هجون. ان لاءِ آءُ چاهيان ٿو ته منهنجا ديس واسي موت جي ملاقات يا قيد بند جي هر مصيبت کان پنهنجو پاڻ کي تيار رکن. انقلابي عزت جو موت مرندا آهن. اهڙي موت ۾ عزت ۽ خوشي محسوس ڪندا آهن. پر امن عدم تعاون واري تحريڪ جنهن کي تڪليف سان برداشت ڪري اهيا آهيون جنهن ۾ بد نظمي جي ڪا به گنجائش موجود نه آهي. اسين نٿا چاهيون ته بي عزتي جو موت مرون. جيڪڏهن اسان جي مقدر ۾ آريءَ ۾ چيرجڻ لکيل آهي ته اسان کي اهو خوشيءَ سان قبول ڪرڻو پوندو پرن ان تي چڙهنداسي ته انقلابين وانگر پاڪدامن ٿي چڙهنداسي ۽ موجوده فنگي حڪومت کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏينداسين. ( هي مقالو 1923ع تي ”الجامعه“ ڪلڪتي ۾ شايع ٿيو).
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو