رڳو امر جليل سان ناراضگي ڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ saqi irshad Lorer طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2021۔

  1. saqi irshad Lorer

    saqi irshad Lorer
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2017
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڌنڌو:
    سماجي ورڪر
    ماڳ:
    قنبرقنبر علي خان
    رڳو امر جليل سان ناراضگي ڇو؟
    تحرير ساقي ارشاد لورڙ
    سائين امر جليل صاحب تي ڏمريل ليڊيز اينڊ جينٽل مين کي تمام گهڻي احترام ۽ ادب سان گذارش آھي تہ سائين امر جليل صاحب جي ٻہ ٽي سال اڳ پڙھيل ڪھاڻِيءَ جي مواد کي خدا جي شان ۾ گُستاخي قرار ڏنو تہ وڃي پيو، پر اھو نہ ٿو سوچيو وڃي تہ خدا جو شان ننڍڙو يا بنھ نازڪ ناھي. ٻيو اھو بہ ڏسڻو آھي تہ ڇا خدا سان ڪيل اھڙي حجت پھريون ڀيرو ٿي آھي يا ان کان اڳ ۾ بہ دنيا جي مختلف ٻولين جي شاعرن ۽ اديبن بہ ڪجھ اھڙو يا ان کان وڌيڪ تہ ناھي لکيو.
     
    آخري ترميم: ‏31 مارچ 2021
  2. saqi irshad Lorer

    saqi irshad Lorer
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2017
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڌنڌو:
    سماجي ورڪر
    ماڳ:
    قنبرقنبر علي خان
    رڳو امر جليل سان ناراضگي ڇو؟

    سائين امر جليل صاحب تي ڏمريل ليڊيز اينڊ جينٽل مين کي تمام گهڻي احترام ۽ ادب سان گذارش آھي تہ سائين امر جليل صاحب جي ٻہ ٽي سال اڳ پڙھيل ڪھاڻِيءَ جي مواد کي خدا جي شان ۾ گُستاخي قرار ڏنو تہ وڃي پيو، پر اھو نہ ٿو سوچيو وڃي تہ خدا جو شان ننڍڙو يا بنھ نازڪ ناھي. ٻيو اھو بہ ڏسڻو آھي تہ ڇا خدا سان ڪيل اھڙي حجت پھريون ڀيرو ٿي آھي يا ان کان اڳ ۾ بہ دنيا جي مختلف ٻولين جي شاعرن ۽ اديبن بہ ڪجھ اھڙو يا ان کان وڌيڪ تہ ناھي لکيو.
    رڳو سائين امر جليل صاحب تي ڇو ناراضگي آھي. اچو تہ امر جليل صاحب جي انھن پيشرُو سڀني گستاخان خدا، دھرين ۽ ڪافرن لاءِ بہ ڪا سزا يا تعذير سوچيون.
    پر ان کان اڳ انھن جا نالا ۽ سندن وِيچار معلوم ڪيون:

    پاڪستان جي قومي شاعر علامہ اقبال صاحب جي خدا سان ڪيل حجت ڏسو:
    فارغ تو نہ بيڻهي گا محشر مين جنون ميرا،
    يا اپنا گريبان چاک، يا دامن يزدان چاک.
    ترجمو: منھنجي مستي قيامت جي ڏينھن ماٺ ڪري ڪونہ ويھندي. مان يا تہ پنهنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيندس يا خدا جو گريبان ڦاڙيندس.

    علامہ اقبال جو ٻيو شعر:
    سمندر سي ملي پياسي کو شبنم،
    بخيلي هي يہ رزاقي نهين هي.
    ترجمو: تنھنجي سمنڊ مان اُڃايل کي رڳو ماڪ ڦڙو ملي، اِھا بخِيلي آھي، رزاقي ناھي.

    علامہ اقبال جو ٽيون شعر:
    روز حساب، جب مرا پيش هو دفتر عمل،
    آپ بهي شرمسار هو، مجهکو بهي شرمسار کر.
    ترجمو: حشر جي ڏھاڙي جڏھن منھنجي اعمالن جو دفتر پيش ٿئي، پاڻ (خدا) بہ لڄي ٿئي، مون کي بہ شرمسار ڪري.

    علامہ اقبال جو چوٿون شعر؛
    متاع بي بها هي درد سوز آرزومندي،
    مقام بندگي دي کر نہ لون شان خداوندي.
    ترجمو: آرزو ۾ رھڻ جي درد ۽ سوز جو خزانو، بي بھا آھي، شان خداونديءَ جي عيوض بندگيءَ جو مقام بہ مان نہ ڏيندس.

    علامہ اقبال جو پنجون شعر؛
    يہ مشت خاک، يہ صر صر، يہ وسعت افلاک،
    کرم هي يا کہ ستم، تيري لذت ايجاد.
    ترجمو: ھيءَ خاڪ جي مٺ، ھيءُ شور شرابو ۽ ھيءَ بي انت ڪائنات ، (خدايا) تنھنجو ڪرم آھي يا ستم آھي، يا ماڳھين ايجاد جي لذت پيو وٺين!

    علامہ اقبال جو ڇھون شعر:
    قَصُور وار، غَرِیبُ الدّیار ہُوں لیکن
    تِرا خَرابہ فَرِشتے نہ کَر سَکے آباد.
    ترجمو: (اي خدا) مان پرديسي ئي تنھنجو ڏوھاري آھيان، پر تنھنجي ويران ڪائنات کي فرشتا تہ آباد ڪري ئي نہ سگهيا ھئا.

    عمر خيام جي شاعراڻي عظمت جي تہ سڄي دنيا معترف آھي. ھُو چوي ٿو تہ:
    ابريق مي مراشکستي ربا !
    برمن در عيش را بہ بستي ربا
    برخاک بدبختي مي لعل و مرا،
    خاکم بدهن کسخت مستي ربا !
    ترجمو: اي اياڻا، منھنجي شراب جي مٽڪي ڀڃي ڇڏيئي، منھنجي عيش جو دروازو بہ بند ڪيئي، منھنجو ڳاڙھو شراب، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيئي، لڳي ٿو تہ اي رب ! تون بہ نشي ۾ الوٽ آھين.

    عمر خيام جو ٻيو شعر:
    از آب گلم سرشتئہ من چہ کنم،
    وين پشمِ قصب تو رشتئہ، من چہ کنم،
    هر نيک و بدي ازمن آيد بوجود،
    تو برسر من توشستئہ، من چہ کنم.
    ترجمو: اي خدا ! تو ئي مون کي مِٽيءَ مان ٺاھيو، مان ڇا ڪيان؟ منھنجي ڀُڏن افعالن جو ويس توئي مون کي ڍڪايو، مان ڇا ڪيان؟ جيڪي ڪجھ (چڱائي ۽ لڱائي) منھنجي ھٿان ٿئي پئي، سو تہ تو منھنجي قسمت ۾ اڳي ئي لکي ڇڏيو ھئئي، مان ڇا ڪيان؟

    مرزا غالب، اردوءَ جو تمام وڏو شاعر آهي، هن جو هڪڙو شعر آهي تہ :
    جب کہ تجھ بن نہیں کوئی موجود
    پھر یہ ہنگامہ اے خدا کیا ہے؟
    ترجمو: جيڪڏهن تو کان سواءِ ڪو ٻيو خالق ڪونهي، تہ پوءِ هي هيڏو مانڌاڻ ڇو متل آهي اي خدا!
    مرزا غالب جو بيو شعر:
    ہم کو معلوم ہے جنت کی حقیقت لیکن
    دل کے خوش رکھنے کو غالبؔ یہ خیال اچھا ہے.
    ترجمو: اسان کي جنت جي آسري جي خبر آهي، پر مڙئي دل کي پرڀائڻ لاءِ اهو خيال بہ سٺو آهي.

    امير خسرو جن جي شاعريءَ کان ڪير انڪار ڪندو. چوي ٿو:
    گرشما دين عاشقان داريد،
    بعد ازين پيش بت نماز کنيد.
    ترجمو: جي عاشق جي دين جا پوئلڳ آھيو تہ اڄ کان پوءِ ھن بُت جي اڳيان نماز پڙھو.

    خواجا حافظ شِيرازي شاعريءَ جي دنيا جو ھڪ درخشان ستارو آھي، ھن جا شعر بہ اھڙي رندانہ مستي ۽ حجت سان ڀريل آھن:
    بکوي مي فروشانش بہ جامي درنمي گيرند
    زهي سجاده تقوي کہ يک ساغر نمي ارزد.
    ترجمو: نمازين کي پنھنجي جنھن مصلي تي فخر آھي، سو اسان رندن جي دنيا ۾ شراب جي ھڪڙي پيالي جي برابر بہ ناھي.
    خواجا حافظ شِيرازيءَ جو ٻيو شعر:
    من رند و عاشق و آن گاه توبہ
    استغفرالله استغفرالله!
    ترجمو: مون جھڙو شرابي ۽ عاشق ۽ ھن گهڙِيءَ تونبھن ڪري، شال خدا پناھ ۾ رکي.

    مولانا جلال الدين رُوميءَ جي ولايت ۽ شاعريءَ جا تہ اھل مشرق ۽ اھل مغرب معترف آھن. سندن شعر پڙھون:
    بزيرِ کنکره کبريائي مردانند،
    فرشتہ صيد، پيمبر شکار، يزدان گير.
    ترجمو: وشال اُڀ جي ھيٺان اھڙا بہ ماڻھو موجود آھن، جن جي پنجوڙ ۾ ملائڪ قيد، پيغبر قابو ۽ خدا بہ ڦاٿو پيو آھي.
    مولانا جلال الدين رُومي جو ٻيو شعر:
    من ز قرآن مغز دا برداشتيم،
    استخوان پيش سگان انداختيم.
    ترجمو: مُون قرآن جو مغز حاصل ڪري ورتو آھي، ھڏيون ڪُتن جي آڏو ڦِٽي ڪيون اٿم.

    سچل سرمست جي شاعري بہ پڙھي ڏسون، فرمائي ٿو:
    صورت سڀ سلطان
    پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.

    سچل سرمست جو ٻيو شعر:
    آهيان پاڻ الله، عشق ڪنان ٿو عبد سڏايان.

    سچل سرمست جو ٽيون شعر:
    ايجها ڪم ڪريجي،جنهن وچ الله آپ بڻيجي.
    سچل سرمست جو چوٿون شعر:
    پنهنجي ذات لڪائي،ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
    اعلى اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان،
    منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان!

    سچل سرمست جو پنجون شعر:
    پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجھہ سڃاڻ،
    الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ!

    سچل سرمست جو ڇھون شعر:
    ڪاٿئين پٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
    ڪاٿئين اناالحق چوي، ڪاٿئين ڦيرائي فرمان،
    ڪاٿئين احمد بلاميمي، ڪاٿئين هنو مان!

    سچل سرمست جو ستون شعر:
    سجدو سُونھي تن، جنين پرک پرين جي،
    باقي منجھہ مسجدن، ماڻھن مٿا گسائيا.

    سچل سرمست جو اٺون شعر:
    نُوري نارِي ناھيان، آھيان رَبُ جبار
    مُرشد ٻانھو نہ چيو، سچل تُون سردار.

    سچل سرمست جو نائون شعر:
    تون ئي مالڪ مُلڪ جو، پنھنجو ڀانءِ مَ پاڻ
    لاخير في عبدي، اھو اٿي اُھڃاڻ،
    صورت منجھہ سڃاڻ، پاڻ پنھنجو پاڻھي.

    خواجا غلام فريد جي شاعريءَ ۾ اھي ساڳيون مستيون ۽ حُجتون نظر اچن ٿيون:
    بڻ دلبر شڪل جهان آيا،
    هر صورت عين عيان آيا
    ڪٿ عيسى تي الياس نبي
    ڪٿ لڇمڻ رام تي ڪان آيا
    ڪٿ پنڊت، جوشي، جوڳي هي،
    ڪٿ سامي تي ڪٿ يوڳي هي،
    ڪٿ مصر پيراڳي روڳي هي،
    ڪٿ بيد بياس دا گيان آيا.

    بابا بُلا شاھ جي شاعريءَ کان ڪير بي خبر ھوندو. پاڻ فرمائي ٿو:
    الله آدمي بن آيا،
    اسان آدم ڪنون اڳ هياسون،
    آدم ساڏا ڄايا !
    نه مين مرڻا، نه مين جيوڻا،
    نہ ميرا والد هويا !

    لطيف سرڪار تہ مرڳو ئي ڪمال ڪيو آھي، فرمايين ٿا:
    ڪافر ٿي نہ ابهين، باب شرع جا ڇڏ،
    من مشرڪن گڏ، تہ ويجهو ٿين وصال کي
    (يعني تہ ڀٽائي گهوٽ تہ شريعت کي ڇڏڻ جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ خدا کان ئي پري ڪري ٿو، چئي ٿو تہ پنھنجو مَنُ مُشرڪن سان گڏاءِ).

    خدا جي شان ۾ گُستاخيءَ جي حد تہ ڀٽائي سرڪار ڪري ڇڏي آھي، فرمائي ٿو:
    نہ ڪنن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
    ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، سڀني آهي سياءُ،
    لم يلد ولم يولد، ايءُ نجابت نياءُ،
    ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.
    (ھن بيت ۾ لطيف سائين تہ لم يلِد ولم يُولد جيڪي خدا جون صفتون آھن، سي ڄام تماچيءَ سان منسوب ڪيون آھن).
    لطيف سائينءَ تہ اڃان بہ وڏو ڪمال اھو ڪيو آھي تہ سڀني نبين، ولين ۽ بزرگن کان شيطان ملعون کي مٿانھون ڪري ڇڏيو اٿس:
    عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
    منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.
    معنيٰ تہ عزازيل يعني جيڪو ابليس يا شيطان آھي، اھو لعنتي، سڪ محبت سبب لعل ٿي ويو !

    لطيف سرڪار فرمائين ٿا:
    مُنھنن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جھان،
    ڦرھيءَ تان فرقان جي ڪاٽيائون قرآن،
    اُڏامي ات ويو، عقل ۽ عرفان،
    سڀوئي سبحان، ڪاڏي ڪيان نيتيان؟
    ھن بيت ۾ لطيف سائين ھڪڙي بشر جي مُنھن کي عبادت جي جاءِ يعني مسجد جي محراب جھڙو ٿو چوي ۽ وري دل جي فرقان مان قرآن کي ڪاٽڻ جي ڳالھ بہ ٿو ڪري، اھا حجت تہ وڏي جگر وارو ئي ڪري سگهي ٿو! وري ھيٺ ڏنل بيت ۾ تہ سزا ۽ جزا جو بہ انڪار ڪري ٿو ۽ مسلمانيءَ کان بہ انڪار ڪري ٿو:
    ڪھڙي ڪام ڪاپڙي، ٿا اھڙي روش رون،
    نہ ڪا دل دوزخ ڏي، نڪو بھشت گهُرن،
    نڪو ڪم ڪُفار سين، نڪا مسلماني من،
    اُڀا ايئن چون تہ پرين ڪجو پانھنجو!

    حاصل مطلب: جيڪڏھن سائين امر جليل صاحب جي ڪھاڻيءَ ۾ خدا سان ڪا حجت ٿيل آھي ۽ اُھا ڪنھن سزا يا تعذير جي قابل آھي تہ پوءِ پھرين علامہ اقبال، حافظ شِيرازي، امير خسرو، مولانا رُومي، مرزا غالب، سچل سرمست، خواجا غلام فريد، بابا بُلا شاھ، ۽ لطيف سرڪار کي سزا ڏني وڃي، جن امر جليل کان وڌيڪ رندانہ مستي ۽ حجت جو اظھار ڪيو آھي، امر جليل سائينءَ تہ انھن جي پوئلڳي ڪئي آھي.

    [​IMG]
    [​IMG]


    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏31 مارچ 2021

هن صفحي کي مشهور ڪريو