شاهه عنايت شهيد ( جهوڪ ميران پور وارو )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شاهه عنايت شهيد ( جهوڪ ميران پور وارو )​

    ڊاڪٽر عبدالجبار سنڌي

    شاهه عنايت الله صوفي ”جهوڪ“ ميران پور وارو ذات جو لانگاهه هو ۽ مخدوم صدو لانگاهه جي اولاد منجهان هو. مخدوم صدو لانگاهه پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس مزار ٺٽي ضلعي جي هڪ پراڻي ڳوٺ ”نصريه“ ۾ آهي. شاهه عنايت الله جي نسب جو سلسلو هن ريت ملي ٿو:

    ”شاهه عنايت ولد مخدوم فضل الله، ولد ملا يوسف، ولد شهاب الدين، ولد ملا آجب، ولد مخدوم صدو لانگاهه.“

    سنڌ جي هن لانگاهه خاندان جا تعلقات ملتان جي لانگاهه خاندان سان تمام قديم زماني کان هئا، مخدوم فضل الله جي شادي به ملتان جي لانگاهن مان ٿيل هئي. انهيءَ ڪري مخدوم صاحب ڪجهه عرصي جي لاءِ پاڻ ملتان ۾ به وڃي رهيو هو. شاهه عنايت الله جي ولادت ملتان ۾ سنه 1065هجري (1655ع) ۾ ٿي. هن ڪجهه عرصو ملتان جي هڪ بزرگ شمس شاهه جي صحبت ۾ رهي ان کان علمي فيض حاصل ڪيو. ان کان پوءِ حق جي تلاش ۾ هن وڏيون مسافريون ڪيون.

    آخر شاهه عنايت الله دکن ۾ وڃي نڪتو، جتي هن شاهه عبدالمالڪ جي قادري طريقي ۾ وڃي سندس مريدي اختيار ڪئي ۽ سندس صحبت ۾ ڪجهه عرصو رهي روحاني فيض حاصل ڪيو. ان کان پوءِ شاهه عنايت دهلي ۾ آيو، جتي رهي هن اتان جي هڪ عالم غلام محمد کان ظاهري علمن جي تعليم حاصل ڪئي.

    غلام محمد، شاهه صاحب کي ظاهري علم ته پڙهايا پر هو سندس روحاني مرتبي کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هو شاهه عنايت کي مرشد سمجهڻ لڳو.

    شاهه عنايت جڏهن دهلي کان ٺٽي روانو ٿيو، تڏهن غلام محمد به ساڻس گڏ هو، انهن ڏينهن ۾ ٺٽو علم ۽ عرفان جو هڪ وڏو مرڪز هو.

    شاهه غلام محمد جيئن ته شاهه عنايت جي نظر فيض اثر جي طفيلي روحاني ڪمال جي رتبي کي پهتو هو، تنهن ڪري هو شاهه عنايت الله جي ايتري قدر تعظيم ڪندو هو، جو ٺٽي جي عالمن هڪ دفعي کيس شرعي عدالت ۾ مجرم بڻائي پيش ڪيو.

    شاهه غلام محمد، پنهنجي مرشد شاهه عنايت الله جي اڳيان تعظيمي سجدو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شرعي عدالت جي تعزيز موجب پنهنجي مرشد جي حڪم سان دهلي واپس هليو ويو، اتي هن پنهنجي خانقاهه قائم ڪري رشد ۽ هدايت جو سلسلو جاري ڪيو ڪيتروئي وقت پنهنجي خانقاه درويشي قائم رکڻ کان پوءِ انتقال ڪري ويو. خانقاه درويشي فيض پراثر جي حلقي ۾ هزارين ماڻهو آيا ۽ فيض حاصل ڪيائون.

    ٺٽي جا عالم سڳورا شاهه عنايت الله جي سوچن ۽ نظرين سان اختلاف رکندا هئا، تنهن ڪري سندس مخالفت ڪرڻ لڳا. شاهه عنايت انقلابي ذهن جو مالڪ هو ۽ هو عوام ۾ خوداعتمادي، خودداري، عزت نفس ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ جو خواهان هو، اهو ئي سبب هو جو حڪمران طبقو به ساڻس ناراض رهڻ لڳو.

    شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ، روحاني تحريڪ هئڻ سان گڏ انقلابي تحريڪ هئي ان جي لاءِ هن سمجهيو پئي ته ان تحريڪ جي مرڪز جي لاءِ ٺٽو مناسب جڳهه نه آهي، ان ڪري پاڻ ٺٽو ڇڏي پنهنجي وڏڙن مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاهه جي مزار کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي ميران پور جي وڃي رهائش اختيار ڪئي جيڪا ”جهوڪ“ يا ”جهوڪ ميران پور“جي نالي سان مشهور آهي.

    جهوڪ ۾ صوفي صاحب رشد ۽ هدايت جو سلسلو جاري رکيو ۽ پنهنجي نظرين کي عملي صورت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي طريقي کي تحريڪ جي صورت ڏني.

    غريبن ۽ محنت ڪندڙ مزدورن سان محبت ۽ دک درد ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي ظالم ۽ استحصالي قوتن کان بچائڻ، انسان دوستي، محبت، رواداري، اخوت، اتحاد ۽ سر قربان ڪرڻ هن تحريڪ جا اهم جزا آهن.

    اهڙي محبت ۽ همدردي ڏسي هزارين ماڻهو سندس دائري ۾ وٽس اچي گڏ ٿيا ۽ سندس هٿ تي بيعت وٺڻ لڳا ۽ سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيندا ويا.

    صوفي صاحب کين خودداريءَ جو سبق ڏنو ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ان ڪري هاڻي اهي ظالم قوتن کان خوفزده نه هئا، انهن کي هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي هئي ته اسلامي مساوات صرف عبادتن تائين محدود نه آهي، پر اسلام ۾ سماجي ۽ معاشي مساوات جو درس ڏنل آهي.

    شاهه عنايت الله جي هن تحريڪ سبب ماڻهن ۾ سجاڳي اچي وئي هئي ۽ اهي زميندارن، پيرن ۽ حڪمران طبقي جي انسان دشمن روين ۽ طبقاتي نظام جي خلاف احتجاج ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا.

    عوام جي هيءَ بيداري ڏسي پير ۽ وڏيرا ڪاوڙ ۾ اچي تپي باهه ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته شاهه عنايت جي فقيرن جي جماعت هاڻي انهن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳي هئي. انهيءَ علائقي جي پيرن ۽ وڏيرن گڏجي صلاح مشوري سان فقيرن کي تنگ ڪرڻ ۽ ستائڻ شروع ڪري ڏنو ته جيئن جهيڙو ۽ فساد وڌي ۽ وري انهن حڪمرانن کي اهي چغليون پهچائڻ شروع ڪيون ته شاهه عنايت پنهنجي خود مختيار رياست قائم ڪرڻ ٿو چاهي. انهيءَ وقت ٺٽي جو مغلن جي طرفان مقرر ڪيل گورنر مير لطف علي هو. شاهه عنايت جي بدخواهه پيرن ۽ وڏيرن ان کي به پنهنجو حمايتي بڻائي ورتو.

    آخر پيرن ۽ وڏيرن پنهنجي ماڻهن سان ملي اوچتو فقيرن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ شاهه عنايت جا پنجٽيهه (35) فقير شهادت جي رتبي کي رسيا. فقيرن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ انهن جوابي ڪارروائي لاءِ پنهنجي مرشد کان اجازت طلب ڪئي پر شاهه عنايت کين صبر تحمل جي هدايت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ حقيقت جي آگاهي لاءِ ٺٽي جي گورنر ڏي فقيرن جو هڪ وفد موڪليو ويو پر گورنر ته فقيرن جي مخالفتن جو حمايتي هو، جنهن ڪري ڪوبه نتيجو حاصل نه ٿي سگهيو.

    ان کان پوءِ فقيرن جو هڪ وفد دهلي موڪليو ويو. جيڪو اتي پنهنجي همدردن جي معرفت بادشاهه سان مليو ۽ داد رسي جي لاءِ پنهنجي فرياد پيش ڪئي.

    دهليءَ جي درٻار مان فقيرن جي داد رسي ٿي ۽ قانون مطابق شهيدن جي قاتلن جون زمينون انهن جي وارثن جي حوالي ڪيون ويون ان کان پوءِ ڪيترائي غريب ماڻهو ۽ مجبور هندستاني عملدارن جي ظلمن ۽ ڪارستانين کان ڀڄي آيا ۽ شاهه عنايت جي فقيرن واري دائري مان پناهه وٺي اچي آباد ٿيا.

    انهن ڳالهين جي ڪري مغلن جو گورنر ۽ علائقي جا ٻيا پير امير ۽ وڏيرا ويتر ڪاوڙيا ۽ اهي پنهنجي پر ۾ شاهه عنايت ۽ سندس فقيرن کي ڪچلڻ جي سازش ۾ مصروف ٿي ويا. انهن سازشن آخر رنگ لاتو، انهن سڀني گڏجي شاهه عنايت واري هاري تحريڪ کي بغاوت جو رنگ ڏئي دهلي جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽ اتان دهلي جي شاهي درٻار مان شاهه عنايت ۽ سندس تحريڪ تي لشڪر چاڙهي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو پروانو حاصل ڪري ورتو.

    ان کان پوءِ سنڌ جي سمورن پرڳڻن جون فوجون جمع ڪري شاهه عنايت تي حملو ڪيو ويو. فقيرن وڏي دليري ۽ بهادري سان ان حملي جو مقابلو ڪيو. جڏهن دشمنن ڏٺو ته سڌي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي ته پوءِ انهن شاهه عنايت کي جنگ بنديءَ ۽ صلح جي آڇ ڪئي ۽ قرآن پاڪ تي کيس يقين ڏياريو ويو ته ساڻس ڪوبه ڌوڪو ڪونه ٿيندو.

    شاهه عنايت هڪ صوفي، دل صفا ۽ انسان دوست ماڻهو هو، تنهن ڪري هن خون خرابي ۽ فساد کي روڪڻ جي لاءِ اها آڇ قبول ڪئي ۽ پنهنجي چند فقيرن جو وفد ساڻ ڪري حملو ڪندڙن جي سرڪرده ماڻهن سان 9 صفر 1130هه (1718ع) تي ميرانپور کان ٻاهر آيو. جڏهن شاهه عنايت جو هي مختصرقافلو ٺٽي جي گورنر اعظم خان جي خيمي جي قريب آيو ته حڪمران طبقي جي ماڻهن شاهه عنايت ۽ انهن فقيرن کي گهيري ۾ آندو، جيڪي شاهه عنايت سان گڏ هئا، شاهه عنايت کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس فقيرن کي اتي جو اتي شاهه عنايت جي سامهون شهيد ڪيو ويو ۽ صوفي صاحب کي گورنر جي سامهون پيش ڪيو ويو. جنهن بنا دير جي سندس شهادت جو حڪم صادر ڪري ڇڏيو. 16 فيبروري 1130هجري (1718ع) تي جلاد شاهه عنايت جو سر تن کان جدا ڪري ڇڏيو. شاهه شهيد، شهادت جي وقت پنهنجو هي شعر پڙهيو ۽ جام شهادت نوش فرمايو:

    رها نيري مرا از قيد هستي

    جراک الله في الدارين خيرا

    ترجمو( تو مون کي زندگي جي قيد مان آزاد ڪيو، خدا توکي ٻنهي جڳن ۾ اجر ڏيندو.)

    سريار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو

    هي قرض محبت جو ادا ٿيو ته بجا ٿيو.(حامي)

    (ڪتاب: پاڪستان مين صوفيانه تحريڪين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو