مادر وطن جي دل (حيدرآباد سنڌ )

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مادر وطن جي دل (حيدرآباد سنڌ )​

    منٺار ملاح

    مادر وطن سنڌ جو من مهڻو شهر حيدرآباد، جيڪو ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. جنهن کي سونهن سوڀيا ۽ ٿڌڙين هوائن جي نصيب ٿيل نعمتن سبب منگهن وارو شهر پڻ سڏيو ويندو هو. تاريخ جي ورقن ۾ هي شهر نيرون ڪوٽ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. پر قبل مسيح واري زماني ۾ هن شهر کي ” پٽيالا“ پڻ سڏيو ويندو هو. هن شهر کي هاڻوڪو نالو ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڏنو هو. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هن قلعو به تعمير ڪرايو هو. اسان جڏهن تاريخ جو مطالعو ٿا ڪريون ته، راءِ سهارس جي زماني ۾ به هن شهر کي نيرون ڪوٽ سڏيو ويندو هو. هڪ صوبيدار هن قلعي تي مقرر ٿيل هو. حيدرآباد جو قلعو ڪنهن ۽ ڪهڙي دور ۾ اڏايو ويو سو هڪ الڳ بحث آهي. پر هن قلعي جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڇا ڪاڻ ته هي قلعو ماتر ڀومي سنڌ جو تخت گاهه رهيو آهي، ٻيو ته هن قلعي اندر سنڌ جي سورهيه هوشو شيدي جي تربت آهي.

    تاريخ نويس لکن ٿا ته ، جڏهن ٽي سو قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم سنڌ ۾ آيو، هن هي شهر تعمير ڪرايو هو جنهن کي پٽيالا سڏيو ويندو هو. تاريخ نويسن سان ان نقطي تي اختلاف به رکي سگجي ٿو. ڇا ڪاڻ ته، سڪندر اعظم جڏهن ملتان جي برهمڻن کان زخمي ٿي سنڌونديءَ وسيلي سنڌ ۾ آيو هو تڏهن سندس جسم ۾ اها طاقت ئي نه رهي هئي. تنهن ڪري هو مختصر قيام کان پوءِ بئبلان ڏانهن هليوويو. جڏهن ته، پٽيالا ( حيدرآباد ) ان وقت به آباد هو. منهنجي علم مطابق حيدرآباد تي پٽيالا نالو ان ڪري پيو هجي جو، هن شهر جي نشيبي ايراضيءَ تي سنڌو نديءَ جي اٿل وارو پاڻي سڄو سال موجود رهندو هو ايتري تائين جو ايندڙ مند جو پاڻي وري اچي پهچندو هو، تنهن ڪري انهيءَ ايراضيءَ ۾ ٻن مندن ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ کي دو آبو، پڻ سڏيو ويندو هو. حيدرآباد جا اهي هيٺائين وارا علائقا، جتي اڄ لطيف آباد، قاسم آباد، حر ڪئمپ ۽ ڀٽائي نگر جهڙون بستيون آباد ٿي چڪيون آهن.

    جتي حيدر آباد جا اهي ماڳ ۽ مڪان پڪو قلعو، ڪچو قلعو، مولا علي جا قدم گاهه، غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو ۽ ميرن جا قبا تاريخي حيثيت رکن ٿا. اتي هيرآباد، بوري بزار، راڻي جو باغ ۽ گدو بندر تفريح جو مرڪز به رهيا آهن. هن شهر جي سونهن ڦليلي واهه جي ڪري اڃا به وڌيڪ آهي. حيدرآباد جي هندو شاعرن ۽ اديبن جو ڦليليءَ سان ازلي عشق هو. هر نظم، قصي ۽ ڪهاڻيءَ جي شروعات ۽ پڄاڻي تائين ڦليليءَ تي ڪندا هئا.

    پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب، ( اهي ڏينهن اهي شينهن) ۾ لکي ٿو ته، ڄيٺمل پرسرام هڪ ڀيري ڦليليءَ تي هڪ نظم ٻڌائيندي روئي وڌو هو. راشدي صاحب لکي ٿو ته، سانوڻ جا پاڻي وهي ايندا هئا ته، سڄي شهر جا هندو گدو بندر واري طرف سنڌءَ ڪناري اچي گڏ ٿيند هئا، ۽ ميلا لڳي ويندا هئا. جڏهن گدو بندر جو ذڪر نڪتو آهي، تڏهن راشدي صاحب جي لکڻيءَ موجب اتي ٻيڙين ۽ جهازن جو بندر هوندو هو. انگريزن پنهنجي دور ۾ اتي هڪ پارڪ ٺهرائي ماڻهن جي تفريح لاءِ گوشو تيار ڪرائي ڇڏيو هو. راشدي صاحب لکي ٿو ته، رابندرناٿ ٽئگور کي خبر پئي ته، ان پارڪ وٽان سج اڀرڻ جو نظارو ڏاڍو دلڪش هوندو آهي ته، پاڻ ڪلڪتي مان ڪهي حيدرآباد آيو سڄي رات پارڪ ۾ ويهي سج اڀرڻ جو انتظار ڪيائين. جڏهن طلوع آفتاب جو منظر ڏٺائين ته، دانهن نڪري ويس.

    چيائين، ساري دنيا ڏٺي اٿم پر سج اڀرڻ جو اهڙو منظر ٻيو ڪٿي به نظر نه آيو. وڌيڪ چيائين ته جتي اهڙا نظارا هوندا اتي شاعر ۽ فطرت جا ترجمان ڇو نه پيدا ٿيندا.

    ميرن جي صاحبيءَ جي تخت گاهه واري هن شهر ۾ هندو ۽ مسلمان پيار محبت ۽ امن سان رهندا هئا. هندو ۽ مسلمان ۾ نفرتون آزاديءَ واري تحريڪ دوران پيدا ٿيون. راشدي صاحب لکي ٿو ته، پوئين گند ٿيڻ کان اڳ حيدر آباد جون راتيون گويا جنت جون راتيون هونديون هيون. ڇا هوا، ڇا هوا جي جان پروڙ تازگي، ڇا ان سان مٺڙي ٿڌ جي آميزش، سالن جا ٿڪ هڪڙي رات ۾ ئي لهي ويندا هئا. هندستان جي لٽريچر ۾ ” صبح بنارس، شام اوڌ“ مشهور آهن، پر ڪو گدوءَ جو صبح ۽ حيدرآباد جي شام ڏسي ها ته، بنارس ۽ اوڌ وسري وڃيس ها.

    ٽالپرن جي چوياري ته مشهور آهي پر حيدرآباد ۾ هڪ ٻي چوياري به هوندي هئي. ان جو تعلق سنڌي ٻوليءَ ۽ لٽريچر سان هو. پڙهندا هئا، لکندا هئا، کوجنا ڪندا هئا ۽ زبر زير تي وڙهندا به هئا، رسالا ڇپائيندا هئا ۽ اخبارون به ڪڍندا هئا. اهي ڪاڪو ڀيرو مل، لعل چند، ڄيٺ مل پرسرام، ۽ صوڀراج نرملداس جهڙا سٻاجهڙا ماڻهو هئا. سنڌي نرڄي آهي. هزار سالن ۾ ڪا نه مئي آهي ۽ ڪڏهن به ڪا نه مرندي جيستائين هيءَ ٻولي زنده آهي تيسين اهي نالا به زنده رهندا.

    حيدرآباد ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جو شهر آهي جتي چئني ڏسائن کان رستا اچي ٽاور مارڪيٽ تي دنگ ٿا ڪن. هي شهر سنڌ جي دل ۽ سنڌي ماڻهن جي وڻج ۽ واپار جو سهارو ۽ جياپي وارو شهر آهي. دل چاهي ٿي ته، هن شهر جي فضائن ۽ فضيلتن تي لکندو ئي رهان پر وري جڏهن تاريخ جي ٻي رخ تي نظر ٿي پئي ته تاريخ جا ورق رت ۾ ٻڏل به نظر اچن ٿا. هي شهر چارلس نيپئر کان وٺي دهشتگردن ۽ لساني تنظيم جي لٽيرن هٿان اجاڙيو ويو آهي. هي اهو شهر آهي جنهن جون سرحدون گھٽائي سٽي حڪومت جي نالي ۾ ان جون واڳون دهشتگر ٽولي جي هٿ ۾ ڏنيون ويون آهن. نيپئر جا ظلم، مدد خان جون ڪاهون ۽ هلاڪون جا حملا ته اسان فقط ڪنين ٻڌا هئا پر ماضي قريب ۾ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ پناهگيرن جا ظلم اکئين ڏٺا اٿئون. رستن ۽ گھٽين منجهان گولين سان پروڻ ٿيل لاش به کنيا اٿئون. حيدرآباد جي رت آلوده گھٽين ۽ رستن کي ڏسي مون انهيءَ زماني ۾ هڪ ناوليٽ به لکيو هو. اڄ جڏهن حيدرآباد شهر جي ڪهاڻي لکڻ جو موقعو مليو آهي تڏهن انهيءَ ناوليٽ ” رت هاڻي ڪهاڻي“ جا پئراگراف پڻ هت لکڻ مناسب سمجهان ٿو.

    1 . هو جڏهن اسپتال پهتا ته، هنن لطيف آباد، کاهي روڊ سري گهاٽ ۽ تلڪ چاڙهي تي ٿيل تازي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل سارنگ، سوڍي، دودي ۽ سالار جا لاش اسپتال جي سردخاني ۾ پيل ڏٺا، ۽ بي شمار گهايل سٻاجهڙا جنرل وارڊ جي بسترن تي سڏڪيون ڀري رهيا هئا.

    شهزور، سڪندر ۽ عائشه کي گهايل سٻاجهڙن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ” هو ٽوپي وارو سري گهاٽ تان ٻارن لاءِ شيون وٺندي زخمي ڪيوويو آهي. ۽ هو همراه مال پڙيءَ ۾ وهٽ کپائڻ لاءِ آيو هو. عائشه ۽ سڪندر جي منهن تي ڪاوڙ جون ريکائون اڀري آيون. سندن رت ائين ٽهڪڻ لڳو جيئن غيرت مند جو رت پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي ڏسي ٽهڪندو آهي.

    2. رات جا ڏهه وڳا هئا ته، ڳوٺ ۾ اوچتو قهرام مچي ويو، قهرام تڏهن برپا ٿيو هو، جڏهن مسجد جي لائوڊ اسپيڪر تان اعلان ڏياريو ويو ته، ڪراچيءَ ۾ سردار گل بيگ خان جي وڏي فرزند کي دهشتگردن گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. لائوڊ اسپيڪر تان اعلان ٻڌڻ شرط ٻار، ٻڍا توڙي جوان گل بيگ خان جي حويلي ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. هر ڪنهن جي وات توبهه، توبهه ۽ زاريءَ جي تات جاري هئي.

    3. سردار گل بيگ جڏهن اليڪشن کٽي ته ان خوشيءَ ۾ “ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. دهشتگردن هٿان مارجي ويل پٽ جو حوالو ڏيندي چيائين ، ” اسان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. منهنجي ڪاميابي انهيءَ قرباني جو نتيجو آهي. “

    4. ميڙ ۾ ويٺل هڪ ماڻهوءَ آهستي هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي چيو، ٻڌو وڏيري 83ع واري تحريڪ ۾ قرباني ڇو نه ڏني؟

    ورندي ڏيندي چيائين ته، ” ضياءُالحق جئيرو هو، وڏيري کي ڦاهي چڙهڻو ڪو نه هو.“

    هن ماڻهوءَ وري سوال ڪندي پڇيو ” ته پوءِ وڏيرو پنهل چانڊي ۽ ميهڙ جي شهيدن جي ڳالھه ڇو نه ٿو ڪري“؟

    جڏهن سردار گل بيگ خان جي دلفريب لفظن تي تاڙيون وڳيون ته هنن جا لفظ به تاڙين جي گوڙ ۾ گم ٿي ويا.

    هيءَ پئراگرافس انهيءَ ناوليٽ تان ورتل آهن، جيڪي انهيءَ قيامت خيز منظر جي عڪاسي ٿا ڪن. ها، انهن ڏينهن ۾ به ڪا قوت هئي ۽ ڪو شهزور هو جنهن سنڌي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکيا ۽ ظلم خلاف مزاحمتي جنگ جو ٽي پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وجهي رهيو هو. اهو سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت ڊاڪٽر قادر مگسي هو. جيڪو اڄ به هر سال مادر وطن سنڌ جو جشن ملهائي انهيءَ عزم کي ورجائي رهيو آهي ته سنڌ تنهنجي سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏينداسين. اي حيدر آباد جي ڌرتي توکي غيرن جي ملڪيت بنجڻ نه ڏينداسين. هن جي آواز ۾ اڄ به هوشو جي هڪل، دودي جي دهشت ۽ هيمونءَ جو حوصلو آهي. هو وڙهي پيو، رڙهي پيو ۽ چوي پيو ته


    کپر گاروڙين سين، ايڏو وڌوئي وير،​


    نانگ نه ويندي نڪري، تو ڏر مٿي مون پير،​


    هيءَ تنين جو ڍير، جنين جهوناڳڙ جنين جلايو. ( شاه)​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو