ساموندي سياح ۽ مصنف الطاف شيخ سان منهنجي پهرين ملاقات

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ساموندي سياح ۽ مصنف الطاف شيخ سان منهنجي پهرين ملاقات
    آصف رضا موريو
    سيٽمبر 2018ع جي ٻئي هفتي ۾ منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه دنيا جي مشهور و معروف سونهين، سفرنامه نگار ۽ جهازي انجنيئر الطاف شيخ سان ٿي جيڪو پنهنجي دل جي بيماري جي علاج سببان راولپنڊي ۾ هيو. ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي به پاڻ فون ڪري ڪلاڪ کن ڳالهايائين ۽ ٻڌايائين ته “ڊاڪٽر ڳالهائڻ کان منع ڪئي آهي”، پر پوءِ به اسان کي اوڀاريون لنهواريون ڪندي اڌ منو ڪلاڪ گذري ويو. تنهن کان پوءِ اهو چئي فون بند ڪندي چيائين ته “هاڻي توسان چڱو وقت فون تي ته ڳالهايو آهي پر ڪافي وقت تڪليف ڀوڳڻي پوندي”.
    ٽئين ڏينهن وري فون ڪري پچيائين ته “آصف وڪي پيڊيا تي پيل مضمون کي ايڊٽ ڪيئن ڪجي”. مون پنهنجي سمجهه مطابق سمجهائيندي کيس عباس ڪوريجو سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو جيڪو سندس معتقد ۽ انهن معاملات ۾ گهڻو ماهر آهي. عباس جو نالو ٻڌي چيائين “يار واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي جو عباس دوبئي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿو ڪري. سوچيان ٿو ته هن تي به ڪڏهن ڪجهه لکڻ گهرجي“.
    الطاف شيخ انتهائي سٻاجهو، ملنسار ۽ محبتي ماڻهو آهي جنهن به لکاري جو ڪتاب خريد ڪندو آهي ته کيس شابس ڏيڻ لاءِ خط لکڻ يا فون ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو ۽ انهن کان وقتِ ضرورت معلومات ڏيڻ وٺڻ ۾ به عار محسوس ڪونه ڪندو آهي. ايتري قدر جو ليکڪن جي همت افزائيءَ خاطر هو پنهنجن پنج ڇهه فيس بڪ اڪائونٽن تي مليل ڪتاب جي تصوير ڏئي پنهنجن 20 هزار کن فيس بڪ فرينڊس کي اطلاع ڪندو آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ لائق آهي. مون ڪجهه سال اڳ پنهنجي ڇپرايل انورڏنگڙائي واري ڀٽائي ڊڪشنري کيس موڪلي هئي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فون ڪري ڀٽائي جي هڪ شعر جو مطلب پڇيائين. مون عرض ڪيو “سائين ڀٽائي اسان جهڙن ڄٽن ڄاموٽن کان چڙهيل آهي”. کيس انورڏنگڙائي جو نمبر ڏئي ساڻس ڳالهائڻ لاءِ عرض ڪيم. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪري چيائين “آصف انور سان رابطو ڪرائي واهه جو ڪم ڪيو اٿئي جو ڀٽائي ڪڏهن ڪڏهن منجهائي وجهندو آهي هاڻي پيو انور ڏنگڙائي کي تڪليف ڏيندم”.
    الطاف شيخ جي سفرنامن سنڌ ته ڇا پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهندڙن جو تمام وڏو حلقو جوڙڻ سان گڏ دنيا جي تمام ساڃاهه وند سنڌين کي پنهنجي ڪتابن ۾ پڻ ڪٺو ڪيو آهي. هو هڪ اهڙو تخليق ڪار آهي جنهن جو هر ڪتاب سندس ٻيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندو آهي. الطاف شيخ سدائين جوان همتي، لگن، محنت ۽ پورهئي سان معياري ادب تخليق ڪندو رهيو آهي. جيتري سندس عمر آهي ان کان وڌيڪ عمرن ۽ نسلن ان کي پڙهيو پڙهايو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته ڌرتي تي جنم وٺندڙ هزارين نسلون سندس محنت ۽ مشقت مان مستفيض ٿينديون رهنديون.
    اسان جهڙي جيتامڙن لاءِ الطاف شيخ جو ادبي وجود ڪنهن اڏول پربت ۽ وشال سمنڊ کان به مٿاهون رهيو آهي پر حيرت آهي جو ايتري وڏي نالي، ڏانوءُ، مقام، شهرت ۽ هنر واري ڪاريگر کي تر جيتري به وڏائي ۽ غرور ڪونه آهي. مون سندس پهريون ڪتاب لاڙڪاڻو جي ريلوي اسٽيشن واري بوڪ اسٽال تي اڄ کان ارڙهن ويهه سال اڳ خريد ڪيو هيو جنهن جي قيمت ڏيڻ جي منهنجي حيثيت ان وقت ڪونه هئي جيڪا منهنجي دوست اعظم عباسي ادا ڪئي هئي جنهن جو اسٽيشن تي چانهن جو ٺيلو هوندو هيو.
    الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ڀر جي علاقائي، سياسي، ادبي، جاگرافيائي معلومات سان گڏ عالمي ڄاڻ ڏيندو گهٽ گهير، روڊ گهٽيون، رستا گهمائيندو، فلمون ڏيکاريندو، کاڌا رڌائيندو، کارائيندو پڙهندڙن کي هو پنهنجي سٽن، سٽائن، حاشين، لفظن ۽ جملن سان گڏ وٺيون هلڻ جو فن خوب ڄاڻندو آهي. سندس سفرنامن ۾ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن پنهنجي تمام جولانين سان گڏ سينگاريل ملندي آهي ته ريتن، رسمن ۽ روايتن جا سمورا رنگ روپ جهاتيون پائيندا آهن. اهڙي ريت ثقافتون، آثارِ جديده و قديمه، لوڪ ادب به ملندو. انقلاب، سماجي تبديلين، معاشي اُٿل پُٿل سان گڏ انهن تبديلين جا ڄاڻايل مُلڪ تي پوندڙ اثرن ۽ لاڙن جي به ڄاڻ ڏيندو رهندو آهي.
    سائين الطاف شيخ سان فون تي ته رابطو ڪيترن ئي سالن کان رهندو پئي آيو پر ساڻس ملاقات جي سبيل نڪري ڪونه سگهندي هئي جو هو سيلاني ماڻهو ڪڏهن ڪنهن ديس ته ڪڏهن ڪنهن پرديس. 2014 جي سردين ۾ مان ڪراچي هيم جتي فون تي رابطو ڪرڻ مهل سائين ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ آهي ۽ شام تائين هتان ڪنهن ٻئي ديس نڪرڻ وارو آهي. پر حڪم ڪيائين ته “آصف ڪلاڪ اڌ ۾ اچي سگهين ته تڪڙي ئي سهي ملاقات ڪري سگهجي ٿي جو توسان ملڻ ضروري آهي”. مان ان وقت پنهنجي دوست قمر پنهور جي آفيس ۾ ويٺو هيم تنهن کي ساڻ کڻي ڊفينس هائوسنگ ڏانهن گاڏي کي ڀاڄ ڏياري” رستي ۾ سائين فون ڪئي ته “مان توهان جي انتظار ۾ آهيان”. رابطو هلندو رهيو آخر سائين به تڪڙو هيو سو هو گهران نڪري آيو ۽ اسان رستي ۾ ئي ڊفينس واري مسجد وٽ ملياسين.
    بيٺي بيٺي پندرهن ويهه منٽ ڪچهري ٿي. ان وقت منهنجي وڏي ۾ وڏي لالچ اها هئي ته ساڻس هڪ اڌ تصوير ڪڍرايان پر همت ڪونه پئي ٿئي. حال احوال ڪندي ڪندي سوچيم ته هاڻي سائين کي تصوير ڪڍرائڻ لاءِ چوان ته هن پنهنجي ڊرائيور کي سڏيندي چيو “ابا گاڏي مان ڪيميرا ۽ بيگ به کڻي آ”. ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿيندي چيائين “آصف توسان تصوير ڪڍرائڻي آهي.” منهنجو دل سندس سادگي، وڏائي ۽ معتبرائپ تي حيران ته ٿيو ئي پر مون زندگي ۾ پاڻ سان متعلق جيڪڏهن ڪي انتهائي خوبصورت اتساهي جملا ٻڌا هوندا ته انهن مان هڪ جملو سائين الطاف شيخ جو اهو هيو ته “آصف توسان تصوير ڪڍرائڻي آهي.” تنهن کان پوءِ هن پنهنجو هڪ ڪتاب “ملائيشيا ڪي دن” مون کي هٿ ۾ ڏئي ان سان منهنجي تصوير پڻ ڪڍي. موقعي جو فائدو وٺي مون به پنهنجو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب Moriro, Fisherman and the Shark of Kalachi گاڏيءَ مان ڪڍي کيس ڏنو جنهن جو بيڪ ٽائيٽل به سندس لکيل هيو ۽ هڪ اڌ تصوير به ڪڍرائي.
    مزي جي ڳالهه اها آهي ته سيارو هيو مون کي باس جي ٽي شرٽ مٿان جينز جي ڪارڙي جيڪٽ پاتل هئي ته سائين کي چيڪ واري اڇيرڙي شرٽ تي نيوي بليو رنگ جو اوور سائيز ڪوٽ پهريل هيو جنهن تي اڳيان ٻه وڏا سنهري بٽڻ لڳل هيا ممڪن هيو ته اهوڪوٽ ڪنهن دور ۾ سندس يونيفارم جو رهيو هجي. اڇي سونهاري واري ديوتائي چهري تي دوستاڻي پر موناليزائي مرڪ هئي جيڪا سندس شخصت جو خاصو رهي آهي. مونکي هيڏي وڏي پروفائيل واري شخصيت جي سادگي تي حيرت هئي جو هو ڪنهن ضروري ڪم سان وڃي رهيو هيو پر سندس شرٽ استري به ڪونه ٿيل هئي. مان سائين سان ڪجهه تصويرون جيڪٽ پهري سان ڪڍرايون ۽ پوءِ جيڪٽ لاهيندي کيس عرض ڪيم ته “سائين هڪ تصوير ٻي به ٿئي”. تنهن تي سائين پڇيو ته “ڀلا جيڪٽ ڇو لاٿئي؟”. مون عرض ڪيو “سائين هاڻي ٻه وينيو لڳندا ته ٻن جڳهن تي ملاقات ٿي آهي”. تنهن تي الطاف شيخ ٽهڪ ڏيندي پنهنجو ڪوٽ به لاهي ڊرائيور کي ڏيندي چيو “يار واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي”. ڪجهه تصويرون ٻيون به نڪتيون. تنهن کان پوءِ سائين موڪلائيندي چيو “هاڻي معاف ڪجانءِ ٻي ڪا صلاح ڪونه ٿو ڪيانءِ جو ڪنهن ضروري ڪم سان وڃڻو آهي”. ۽ پوءِ هڪ ننڍڙو ڏيڍ فٽ باءِ فٽ جو ڀاري بيگ مون کي ڏيندي چيائين “هي منهنجي طرفان تنهنجي لاءِ” ۽ پوءِ موڪلائڻ ٿيو.
    الطاف شيخ جو ڏنل ڪوريئن ڪمپني ACKOLITE جو ٺهيل هلڪي سامونڊي رنگ جو مظبوط بيگ چڱيرڙو وزني هيو جنهن کي قمر پنهور جي آفيس پهچي کوليم ته ان ۾ سندس لکيل ٽي ڪتاب “ملائيشيا ڪي دن، سمندر ڪي دن ۽ سي ئي جوڀن ڏينهن“ سان گڏ هڪ ننڍڙو جاپاني گلدان، هڪ عدد 6 باءِ 8 جو ڪاري رنگ جو خوبصورت ڦوٽو فريم به هيو جنهن ۾ هڪ جاپاني دوشيزه جي تصوير پيل هئي جنهن جي سفيد لباس تي صوف يا آڙو ٺهيل هئا ۽ هوءَ ڪا دعا گهري رهي آهي. فريم ۾ مڙهيل ان ڇوڪر جي پٺيءَ کان Best wishes from Altaf Shaikh, Malacca, Malaysia پرنٽ ٿيل هيو. ان بيگ ۾ ٻه نئون نياپو ميگزين رسالا پڻ هيا جنهن جي ٽائيٽل تي الطاف شيخ جي خوبصورت تصوير سندس هن جملي جي سونهن وڌائي رهي هئي ته “هاڻ هن پوڙهائپ ۾ پاڻ کي لکڻ پڙهڻ جو عادي نه پر ايڊڪٽيڊ سمجهان ٿو، جيئن ڪو نشئي ماڻهو نشي بنا رهي نه سگهندو آهي تيئن منهنجي به دل هر وقت لکڻ پڙهڻ تي چوندي آهي”.
    ان پهرئين ملاقات ۾ الطاف شيخ مون لاءِ ته اوپرو نه پر هڪ هيرو، اتساهه ۽ تمام خاص هيو بلڪه مان هن لاءِ سندس لکين ٻين پرستارن جيان ويڳاڻو، عام ۽ ننڍڙو هيم پر ان ملاقات ۾ هن مون کي نه رڳو خاص جيان وهنوار ڪيو پر مون کي پنهنجي اخلاق ۽ قرب سان خريد ڪرڻ سان گڏ مون کي منهنجي پنهنجي نظرن ۾ به مٿاهون بڻائي ڇڏيو. مون کي ان ڳالهه تي اڃان تائين به حيرت ٿيندي آهي ته “جيڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي سڀني چاهيندڙن کي ايترو مان ڏيندو آهي ته پوءِ اهڙي مهذب ماڻهوءَ کي هن مطلبي، گورک ۽ هوڏي دنيا ۾ ڪٿي رکجي يا بيهارجي”. بحرحال ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته الطاف شيخ جهڙا ماڻهو اسان جهڙي لکارين جي لفظن، جملن، معنائن، نيتن ۽ سوچن کان به مٿاهان ۽ مانائتا هوندا آهن.
    مون جهڙي جيتامڙي ۽ عام ماڻهو کي سنڌ جي هڪ ليجنڊ انسان طرفان ايترو مان اڃان تائين سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي پر ايترو ضرور سمجهندوآهيان ته اڳيان هڪ عمده ظرف وارو انسان هيو. مون جهڙي ماڻهن لاءِ ته الطاف شيخ جهڙن انسانن جو ملڻ ئي تمام وڏي ڳالهه هوندي آهي ۽ ان سوچ جو نشو به عجيب هوندو آهي ته “الطاف شيخ جهڙو ماڻهو مونکي سڃاڻي ٿو”. ان رات خوشيءَ وچان مونکي ننڊ ئي ڪونه آئي بلڪه سائين الطاف شيخ سان ٿيل اها ملاقات هن وقت تائين بيشمار معاملن ۾ منهنجي پٺي ٺپيندي مون کي اتساهيندي رهندي آهي.
    مان تاريخ جو هڪ ننڍڙو شاگرد آهيان جنهن جي پيرن ۾ به گهمڻ گهتڻ متعلق باهه لڳل هوندي آهي ٻه اڍائي ڊزن ڪتاب به لکيا آهن. منهنجون ملاقاتون دنيا جي هزارين بين الاقوامي اديبن، سياحن، محققن، مورخن سان ٿيون هونديون پر مان نهايت ايمانداري سان راءِ ڏيان ٿو ته “هن وقت تائين سواءِ الطاف شيخ جي ڪوبه اهڙو اديب ڪونه مليو جنهن کي اسان جيئن سندس لکيل ڪتابن مان سمجهيو سو اهڙو ئي نڪتو هجي ۽ جن وٽ پنهنجي اندر جيان ڌرتي ۽ انسانن لاءِ انتهائي سادي، سهڻي ۽ مثبت اپروچ هجي”.
    الطاف شيخ جيڏاهن ويندو آهي چاهي اهو ڪو ملڪ هجي يا ديس، سمنڊ هجي يا پهاڙ واپسي تي ڄڻ ته اهو سمورو ماڳ پنهنجي ذهن ۾ کڻي ايندو آهي جيڪو ڪنهن امانتدار جيان ڪاغذ تي لاهي مون جهڙي لکين قارين تائين پهچائيندو آهي جيڪي اتي رسڻ جو ڪو چارو ڪونه ڀائيندا آهن. مون کي هو ڪڏهن ڪڏهن ته سياح کان وڌيڪ مورخ ۽ فلاسفر لڳندو آهي جو سندس عقابي اک کان ننڍي کان ننڍي ڳالهه، عام ماڳ، منظر ۽ ماڻهو ڇيڻو به نڪرندي ڪونه ڏٺو ويو آهي. االطاف شيخ جي مشاهداتي حس ڪنهن وڻجاري کان تمام گهري ۽ ڪنهن مشاق تجزئي نگار يا مبصر جهڙي لڳندي آهي.
    سندس لکڻين مان سيلاني کان وڌيڪ محقق جهاتيون پائيندي ملندو آهي جو سيلاني ته اهو ڪجهه ڏيکاريندو آهي جيڪو هو ڏسي ٿو پر الطااف شيخ اهو پڻ ڏسيندو هلندو آهي ته اهو اهڙو ڪيئن ٿيو ۽ ڪهڙن مرحلن مان گذي ٿيو ۽ اهو ائين نه هجي ها هيئن هجي ها وغيره وغيره. الطاف شيخ جو هر ڪتاب هڪ اهڙي دري کولي ٿو جنهن مان بيشمار نين تهذيبن، تمدنن، دورن، شخصيتن، ماڳن، مڪانن، ملڪن، بحرن، ديسن وغيره جا هزارين منظرپسمنظر ڪر کڻي اسان جي من کي لڀائيندا رهندا آهن.

    آصف رضا موريو صاحب جي تحرير سندس ٿورن سان اپلوڊ ڪئي وئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو