قتل جي هڪ قيدي کي (ذاولفقار علي ڀٽي) امريڪي يونيورسٽي طرفان پروفيسرشپ جي آڇ آصف رضا موريو دنياجي سڌريل ملڪن ۾ استاد ۽ پروفيسر جو درجو سماج جي تمام امتيازي ڪردارن کان مٿاهون ڀانئيو ويندو آهي تنهنڪري ئي انهن ساڃاهوند سماجن ۾ استادن جي تقرري جا قانون تمام سگهارا رکيا ويندا آهن. تاريخ ۾ ترقي يافته ملڪن جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تي سبقت ۽ معتبرائي جو سبب به انهن جو شاندار تعليمي نظام ۽ بهترين استاد ليکيا وڃن ٿا جيڪي سندن ايندڙ نسلن کي تباهي بجاءِ بقائي معاملن لاءِ تيار ڪندا رهندا آهن. انهن ملڪن ۾ استادن جي مقرري لاءِ اهڙا ته ڪڙا نفسياتي، سماجي ۽ ڪرداري امتحان رکيا ويندا آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرداري جهول تي سودي بازي ڪونه ڪئي ويندي آهي بلڪه ائين چئجي ته استاد جي نوڪري لاءِ عيبدار سماجن ۾ به اهڙا بي عيب ڏاها ماڻهو تلاش ڪيا ويندا آهن جن جو ڪنهن به قسم جي جائز ناجائز معاملي ۾ ڏوهه، جيل ۽ بندي خانن سان پري پري جو تعلق به نه رهيو هجي. اهڙي اڀرندڙ ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ جتي سندن پنهنجي شهرين لاءِ ايترا سخت قانون نافذ هوندا آهن اتي اها ڳالهه ڪيتري نه حيرت انگيز آهي جو امريڪا جهڙي دنيا جي اڪيلي ڀوتار ملڪ جي ڪيليفورنيا رياست ۾ 1891ع ڌاري قائم ڪيل اسٽين فورڊ يونيورسٽي طرفان جنهن جو بنيادي تعليمي نعرو آهي ته “The wind of Freedom blows” پاڪستان جهڙي پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته ملڪ جي هڪ اهڙي سياسي قيدي (ذوالفقار علي ڀٽو) کي پنهنجي ملڪ جي تمام خاص رهنمائن ۽ عهديدارن جي مرضي سان پروفيسرشپ جي آڇ ڪري ٿئي جنهن تي پنهنجي سياسي مخالف جي قتل جو مقدمو سندس ملڪ جي خاص عدالت ۾ هلي رهيو آهي. واضع رهي ته 18 مارچ 1978ع جو 8 وڳي 20 منٽن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ذڪاءُ الدين، جسٽس گلباز خان ۽ جسٽس ايم ايچ قريشي جي بينچ تي ٻڌل ججن نواب محمد احمدخان قصوري واري قتل جي ڪيس ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ ميان محمد عباس، رانا افتخار احمد، ارشد اقبال ۽ غلام مصطفآ کي موت جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ٻن سلطاني گواهن مسود محمود ۽ غلام حسين کي معافي ڏني وئي. جناب ڀٽو تي موت جي سزا سان گڏ 000،25 هزار روپين جو جرمانو پڻ عائد ڪيو ويوهيو. نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل جي سادي واردات هيئن هئي ته 11 سيپٽمبر 1974ع تي رات جو قريبن ساڍي ٻارهين وڳي احمد رضا قصوري پنهنجي ڪار نمبر9495 ايل اي جي ۾ پنهنجي والد نواب قصوري، والده ۽ ماسي مسز محمد مهدي خان سان گڏ سيد بشيير حسين شاه جي گهر کان شاه جمال طرف وڃي رهيا هيا. پٽ گاڏي هلائي رهيو هيو جنهن سان پيءُ اڳئين سيٽ تي ويٺو هيو جڏهن ته ٻئي ڀينرون پٺئين سيٽ تي براجمان هيون. رستي ۾ سندس ڪار تي فائرنگ ٿي جنهن ۾ نواب محمد احمد کي مٿي تي گولي لڳي جنهن کي سندس پٽ ساڳي گاڏي ۾ گلبرگ ۾ واقع امريڪي اسپتال کڻي ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ان قتل جو الزام احمد رضا قصوري پنهنجي سياسي مخالف ذوالفقار علي ڀٽو تي هنيو ته “مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجا سرڪاري ماڻهو موڪليا هيا پر اتفاق سان گولي منهنجي والد کي لڳي وئي. ان قتل جي ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو. قريبن چار سال ڪيس هليو، سندس حڪومت تي فوجي حڪومت قبضو ڪري ڀٽو، ان جي گهر وارن، دوستن، عزيزن ۽ پارٽي ورڪرن جو جيئڻ محال ڪيو ۽ نيٺ چئن سالن کانپوءِ کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي جنهن تي عمل 4 اپريل 1979ع تي ٿيو. ڀٽو کي ڏنل سزا سان بين الاقوامي خبررسان ادارن کي هلندڙ صدي جو انتهائي ٻرندڙ موضوع ملي ويو ته انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن کي پنهنجي تاريخ جو اهڙو وڏو احتجاجي اشو مليو جيڪو اڃان تائين سندن دستورن ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. ان سان گڏ دنيا ڀر جا سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقا جناب ڀٽو کي بي گناهه سمجهندي سندس آزادي لاءِ هر قسم جي هلچل هلائيندا رهيا. زمين تي ڪيڙن ماڪوڙن جيان رهندڙ، سرندڙ ۽ مٿئين سطح تي جڳ مڳ ڪندڙ ستاري جهڙن ماڻهن به ڀٽو جي آزادي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ان مزاحمتي جنگ ۾ حصو بهرو ورتو. 4 جولائي 1978ع تي سٽين فورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي ايسوسيئيشن پاران هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته پاڪستان جي سياسي قيدي جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس تعليمي قابليت، شخصي معتبرائپ، علمي فضيلت ۽ اخلاقي جرئت جي مالڪ هئڻ جي بنياد تي اعزازي پروفيسرشپ آڇي وڃي جيڪو هڪ سياسي مخالف جي قتل جي سازش جي الزام تحت پنهنجي ملڪ جي عدالت ۾ اپيل جي سماعت کانپوءِ فيصلي جي انتظار ۾ آهي. مسٽر ڀٽو کي پروفيسرشپ ڏيڻ واري تجويز کي يونيورسٽي جي ستين صدر پروفيسر رچرڊ وال مين جي حمايت پڻ حاصل آهي جيڪو اسٽين فورڊ يونيورسٽي جو 1967ع کان 1970ع واري عرصي ۾ پروووسٽ ۽ 1970ع کان 1980ع تائين صدر رهيو. نيشنل هيومنٽيز سينٽر جي باني رچرڊ وال مين پڻ انسانيت جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ ڪئي هئي. ڀٽو کي فورڊ يونيورسٽي جي شاگرد ايسوسيئيشن جي ان سفارش کي اعزازي پروفيسرشپ واري بورڊ پڻ قبول ڪيو هيو. يونيورسٽي طرفان ڪيل ان اعلان کان هڪ هفتو اڳ انتظاميه پاران پيٽرڪ ميڪ ڪلائوز ان رٿ تي تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪئي ته جيئن هن معاملي کي گهڻي کان گهڻي موٽ ملي سگهي ۽ سينيٽ توڙي انتظاميه ان ڏس ۾گڏجي پاڪستان سرڪار سان جناب ڀٽي جي سلامتي واسطي ڳالهين جون سموريون ڪوششون ڪم آڻين. انهن طرفان ان معاملي تي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ان لاءِ ڪيو ويو هيو ته جيئن “سندن يونيورسٽي کي نهايت تعليم يافته پروفيسر ملڻ سان گڏ کين اهو موقعو پڻ فراهم ٿئي ته اهي “پيٽرڪ ميڪ ڪلائوز، جارج بش، ايلين ڪرسليٽن ۽ رمزي ڪلارڪ جي انساني حقن وارين ڪوششن ۾ ساڻن شريڪ ٿي وڃن”. جيئن ته مسٽر ڀٽومتعلق سندس ملڪ مان ايندڙ خبرن جي انوسار فوجي حڪومت طرفان سندس سزاءِ موت جي پرچار ڪئي پئي وڃي ان لاءِ شاگردن جا ننڍا ننڍا گروپ تشڪيل ڏنا ويا، پروفيسرن جو ٽيمون ٺاهي سموري ملڪ جي مختلف تنظيمن ۽ بااثر شخصيتن سان رابطا قائم ڪيا هيا جن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل، جرمن ڄائي امريڪي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر ۽ رياستي سيڪريٽري هنري ڪيسينجر ۽ انساني حقن جي ترجمان وڪيل ۽ امريڪي فيڊرل آفيسر رمزي ڪلارڪ پڻ قابلِ ذڪر هيا. سينيٽرن جو وڏو تعداد پڻ دوستن، فيڪلٽي ۽ گروپن جي معاملن تي دارومدار رکندي پنهنجي سر تحقيق ڪندو رهيو. جڏهن ته سندن لائيبررين ۾ پڻ هر ڪيترن ڪلاڪن تائين تحقيقات ٿيندي رهندي هئي. ان ڏس ۾ اهي سفارشي خط، بيان ۽ مضمون جيڪي سينيٽر ڪلائوزي سين ڪرسٽين، جارج بش ۽ پاڪستاني سفيرن لکيا هيا سي پڻ حاصل ڪيا ويا هيا. اسٽين فورڊ يونيورسٽي انتظاميه ڀٽي جي پٽن، وارثن، دوستن ۽ خير خواهن کان سندس ڪيس متعلق قسم نامن وارا بيان، برڪلي انتظاميه ۽ فيڪلٽي جا خط ۽ رمزي ڪلرڪ جو اهو مضمون جيڪو هن پاڪستان جي دوري کان پوءِ لکيو هيو سي هٿ ڪيا هيا. ان کان سواءِ ڀٽي جي حمايت ۽ مخالفت ۾ عام راءِ جي بي شمار مضمونن، بيانن ۽ خبرن جو پڻ وڏي پيماني تي جائزو ۽ تجزيو ڪيو ويو هيو. ان سموري تحقيق کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو متعلق سندن شخصي پاڇِي هن طرح جڙي ته “جناب ڀٽو هڪ شاندار تعليمي لياقت، انفرادي ڪردار ۽ اهميت واري شخصيت هيو جيڪو لڳاتار پنهنجي ڪيس جي جانبدارانه طريقه ڪار ۽ بنيادي انساني حقن کان انحراف جي ڏس ۾ قانون واري عمل کان انڪار ڪندو رهيو هيو”. تنهن ڪري هن جي اخلاقي، سياسي ۽ سماجي مدد ڪرڻ سڀني تي لاڳو ٿئي پيو. معاملن جي ڇند ڇاڻ کان پوءِ “پروفيسرشپ” ڏيڻ وارا ان نتيجي تي پهتا ته جناب ڀٽي ۾ بين الاقوامي قانون، پوليٽيڪل سائنس، تاريخ ۽ بين الاقوامي تعلقات جا مضمون يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جي مڪمل صلاحيت ۽ قابليت موجود هئي. هن برڪلي جي پوليٽيڪل سائنس ۾ آنرز ڪئي جتان کيس پنهنجي ملڪ ۾ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏيڻ تي جناب ڀٽو کي “Hass“ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هيو. هن قانون جي ڊگري اوڪسفرڊ مان حاصل ڪئي هئي ۽ انگلنڊ ۾ سائوٿ همٽون يونيورسٽي ۾ پڻ پڙهائيندو رهيو هيو. پاڪستان ۾ عمده درجي جي سياست ۾ سندس ويهه ساله تجربو هيو جنهن ۾ بحيثيت صدر ۽ پوءِ پهرئين چونڊيل وزيرِاعظم جو دور به شامل هيو. ان سان گڏ هن بين الاقوامي سياست ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. هن اڳوڻي صدر نڪسن جي چين واري دوري کي ڪامياب بڻائڻ ۾ به بنيادي ڪردار ادا ڪيو هيو. ڪلارڪ پنهنجي مضمون ۾ لکيو هيو ته “جناب ڀٽي جا دوست ۽ دشمن به سندس ذهانت، عمدي دماغ، مقبوليت ۽ مدبراڻي شخصيت جو اقرار ڪن ٿا”. اسٽين فورڊ يونيورسٽي جي شاگرد ايسوسيئيشن ان معاملي کي کڻڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ مسٽر ڪلارڪ سان پڻ ملاقات ڪري کائنس ڀٽو کي پروفيسرشپ ڏيڻ واري سلسلي ۾ مشورو ڪيو هيو جنهن ان معاملي ۾ سندن ڀرپور همت افزائي ۽ تعريف ڪئي هئي. انتظاميه طرفان کيس اهو پڻ ٻڌايو ويو ته “انهن دنيا جي معروف شخصيتن ۽ تنظيمن کي ٻه سو کان مٿي خط لکي انهن کان ان سلسلي ۾ تجويزون گهرايون هيون جن مان اڪثر ان سلسلي ۾ سندن عمل جي تعريف ڪندي ڀٽي کي ان فيلوشپ لاءِ قابل شخص ڄاڻايو آهي”. ان سلسلي ۾ اسٽين فورڊ يونيورسٽي انتظاميه طرفان هڪ بيان اخبار ۾ هن ريت ڇپيو هيو “اسان سمجهون ٿا ته ان مسئلي تي جيڪو اڻ سڌي طرح يونيورسٽي جي شاگردن جي مفاد سان لاڳاپيل آهي سو بلند ترين انسانيت جي سوال کان پڻ اڳتي آهي. اسان سڀني کي واضع ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان جي سامهون روايتي سياسي حدبنديون ڪا به اهميت ڪونه ٿيون رکن. ۽ اهو ته فورڊ يونيورسٽي دنيا ۾ هڪ قابل احترام ۽ قابل اثر تعليمي ادارن منجهان هڪ آهي. ان ڪري ان موقعي تي اسان کي انساني حقن ۽ دنيا جي آزادي سان پنهنجي گهري وابستگي جو اظهار ڪرڻ گهرجي تنهن لاءِ اسٽين فورڊ يونيورسٽي جي شاگرد ايسوسيئيشن مقامي سياسي واقعن کي نظرانداز ڪندي هڪ سياسي قيدي ذوالفقار علي ڀٽي کي اعزازي پروفيسرشپ جي آڇ ڪري ٿي. اسان کي اميد آهي ته هڪ شاگرد تنظيم پاران ڪنهن بي گناهه پڙهيل لکيل انسان کي ڏنل اهڙي خراج تحسين کي هڪ احسن قدم سمجهيو ويندو. محترم آصف رضا موريو صاحب جي تحرير سندس ٿورن سان اپلوڊ ڪئي وئي