• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ داستان 1 بيت 14 (شمارياتي مطالعو تشريح سان گڏ)

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
شمارياتي مطالعو ۽ تشريح
*******
سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 14
ترتيب غلام محمد شاهواڻي
*******
وَحۡدَهُ لَاشَرِيۡڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،
ڪَي(ڪِ) تو ڪَنَين نه سُئا، جي گَهٽَ اَندر گهوڙا،
ڳاڙيندين(ڳاڙيندهَ) ڳوڙها، جِتِ شاهد ٿِيندَءِ سامُهان.
*******
بيت جي تشريح
*******
**بيت جو موضوع وحدانيت آهي.
**بيت ۾ بندي کي مخاطب ٿي وحدانيت جي بابت پچا ڪئي وئي آهي.
**بيت ۾ اھيو واضع ڪيو ويو آهي تہ
وحدانيت جي تبليغ انسان جي اندران ئي ٿئي ٿي.
**وحدانيت جي لاءِ جيڪي اندر منجهان آواز اچن ٿا انسان انھن کي ٻڌي بہ سگھي ٿو ڄڻ ته اھي اواز انسان جي ڪنن تائين پهچن ٿا.
** ھي راز انسان تي واضع ڪيو ويو آھي ته انهن اندران ايندڙ آوازن تي شاهد پڻ موجود آهن.
**ڪو وقت ايندو جڏهن اهي شاهد سامهون اچي شاهدي ڏيندا.
**(جيڪڏهن انسان انهن آوازن تي ڪن نه ڏنو ته) هي ڳوڙها ڳاڙيندو.
*****
بيت منجهه وحدانيت جي لاءِ اندران ايندڙ آوازن جي باري ۾ گفتگو ڪندي انهن ماڻهن کي تنبيه ڪئي وئي آهي جيڪي ان اندر جي تبليغ تي ڌيان نه ٿا ڌرين تنهن کي چيو ويو آهي ته الله هڪ آهي اهو پيغام اندران پيو اچي ڇا تو اهو ڪنن سان نه ٻڌو آهي ڇا تون ٻوڙو آهين (هوشيار ٿي، خبردار ٿي) ائين نه ٿئي ته وحدانيت جي اندران ٿيندڙ تبليغ جا شاهد اچي تنهنجي سامهون ٿين ۽ تون ڳوڙها ڳاڙئين.
*****
بيت جو شمارياتي مطالعو
سٽ وار تفصيل
*****
پهرين سٽ لفظ (7) و،ح،د،ه،ل،ا،ش،ر،ي،ڪ،ٻ،ڌ،ء،ن،ڙ- اکر (15) ورجاءُ سان ٽوٽل (20)
ٻئين سٽ ۾لفظ (9) ت،س،ج، گه،ٽ- نوان اکر (5) ورجاءُ سان ٽوٽل (25)
ٽئين سٽ ۾لفظ (6) ڳ،ٿ،م، نوان اکر (3) ورجاءُ سان ٽوٽل (29)
*****
بيت ۾ آيل اکرن جي ورجاءُ جي نشاندهي
*****
و5،ح1،د5،ه9،ل2،ا10،ش2،ر2،ي4،ڪ3،ٻ2،ڌ1،ء3،ن8،ڙ4،ت2،س2،ج2، گه2،ٽ1،ڳ2،ٿ1،م1
*****
بيت ۾ آيل اکر ترتيب وار
*****
1) ء
2) ا
3) ٻ
4) ت
5) ٿ
6) ٽ
7) ج
8) ح
9) د
10) ڌ
11) ر
12) ڙ
13) س
14) ش
15) ڪ
16) گه
17) ڳ
18) ل
19) م
20) ن
21) و
22) ه
23) ي
نڪتن وارا اکر 11
بغير نڪتن وارا اکر 12
*****
بيت ۾ آيل لفظ سٽ وار
*****
سٽ پهرين
1) وَحۡدَهُ
2) لَا
3) شَرِيۡڪَ
4) لَہُ
5) ٻُڌءِ
6) نه
7) ٻوڙا
سٽ ٻئين
8) ڪِ
9) تو
10) ڪَنَين
11) نه
12) سُئا
13) جي
14) گَهٽَ
15) اَندر
16) گهوڙا
سٽ ٽئين
17) ڳاڙيندهَ
18) ڳوڙها
19) جِتِ
20) شاهد
21) ٿِيندَءِ
22) سامُهان.
*****
بيت جي شمارياتي سمري
*****
سٽون 3
لفظ 21
ورجاءُ سان ٽوٽل لفظ 22
اکر 23
ورجاءُ سان ٽوٽل اکر 74

ثحقيق، ترتيب، تشريح، تحرير: صراط بلوچ
 
آخري ترميم:
Back
Top