پاڪستان ۽ برطانيا جي دولتمند ماڻهن ۾ فرق ظهير حسين ملوڪاڻي (حصو ٻيون ۽ آخري) برطانيا ۾ سياست ۽ واپار ٻه الڳ الڳ شعبا آهن. ھتي جي سياستدانن کي ايتري واندڪائي نه آهي جو واپار جي جهنجهٽ ۾ الجهن، ۽ نڪو وري واپارين وٽ ايترو ٽيم آھي جو اھي سياست جي جهنجهٽ ۾ الجهن. برطانيا جا واپاري ڪاروبار ڪن ٿا. ڌن دولت ڪمائيندا آھن، ٽيڪس ڏين ٿا، ۽ پنهنجي ھر طرح جي اثاثن کي ڊي ڪليئر ڪن ٿا، ۽ ڪمايل دولت تي پنهنجي عيش عشرت ۽ آرام جي زندگي گذارين ٿا. ۽ جڏهن ته اسان وارا واپاري ۽ سياستدان بجلي، گيس چوري ڪرڻ، ٽيڪس نه ڏيڻ، ملاوٽ ڪرڻ، ۽ جعل سازي جا نت نت نوان طور طريقا ڳولڻ ۾ لڳا پيا آهن. برطانيا ۾ نجي ڪاروباري شعبي جي ڪجهه وڏين ڪمپنين جي ملازمن جي تعداد هزارن ۾ آهي. ۽ اھي ڪمپينيون وڏي ڪاميابيءَ سان هلي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته ايمانداري انهن جو پهريون اصول آهي، انهن ملازمن کي مناسب پگهارن سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون پڻ انهن ڪمپنين جي طرفان مليل آهن. جنهنڪري انهن جو مزدور طبقو پنهنجي محنت ۽ ديانتداري سان پنهنجو ڪم ڪار ڪن ٿا. نتيجي ۾ ڪمپنين جا ڌڻي ۽ نوڪر چاڪر خوشحال زندگي گهاري رهيا آهن. جڏهن ته اسان وٽ گهڻن ڪمپينن جي مالڪن جو اھو دماغ ھوندو آھي ته صرف اسان کي ئي نفعو حاصل ٿئي باقي مزدورن جو الله سائين آهي. جنهن ملڪ ۾ سياستدان ۽ واپاري ايمانداري سان ٽيڪس ڏيڻ، مزدورن کي مناسب پگهار ڏيڻ کي پنهنجو فرض نٿا سمجهن ته پوءِ ان ملڪ ۾ غلط طريقي سان ڪمائڻ جو طريقو اپنايو ويندو آهي. ڪو زمانو هو اسان جا سياستدان ۽ واپاري ڪرپشن جي ذريعي مال متاع ڪمائي ان کي ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ان ڳالهه جي ڪنهن کي ڀڻڪ به ڪونه لڳندي هئي. پر اڄ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ڪامن رپورٽنگ سٽينڊرڊ جهڙن منصوبن ڪنهن به شيءِ کي ڳجهو رھڻ نه ڇڏيو آهي. اھو وقت به ڏور نه آهي جڏهن ڪرپٽ سياستدانن ۽ ٽيڪس چور واپارين جا ڪچا چٺا، اثاثا، ۽ سندن جائدادون جي تفصيل انٽرنيٽ تي موجود ھوندي. مغربي دنيا ۾ ڌن دولت ڪمائڻ جو تصور مشرق جي مقابلي ۾ الڳ قسم جو آهي. مغرب وارا صحت، اطمينان، ۽ سڪون کي پنهنجي وڏي ملڪيت سمجهن ٿا. ضروري ناهي ته جيڪو ماڻهو دولتمند ھجي اھو امير به ھجي، اصل ۾ امير اھو ماڻهو آهي جيڪو دل جو غني آهي، ۽ اھو ماڻهو پنهنجي مال کي گڏ ڪرڻ جي بدران خرچ ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. صرف اھا ئي ڪمائي انسان کي ڪم اچي ٿي جيڪا اھو انسان پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي مٽن مائٽن ۽ انسانيت جي چڱائي ۽ ڀلائي لاءِ خرچ ڪري ٿو. اڪثر واپاري جڏهن ھن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن ته انهن جي ڌن دولت اھڙن پوئينرن کي ملندي آهي جنهن کي اھي واپاري پنهنجي حياتيءَ ۾ ھڪ حصو به ڏيڻ پسند ناهن ڪندا. ھڪ لمحي کن لاءِ توهان سوچيو ته ڇا محترمه بينظير ڀٽو جيڪو ڪجهه سياست ۾ محنت ڪئي ان جو ثمر ۽ پنهنجا سڀ اثاثا پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي مڙس آصف علي زرداري جي حوالي ڪرڻ ڪڏهن سوچيو ھوندي؟ جواب ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ائين ڪونه سوچيو پر ان جي وفات کانپوءِ اھو سڀ ڪجهه زرداري صاحب جي حوالي ٿي ويو. برطانيا، خاص طور تي لنڊن جيڪو دنيا جي مٿي طبقي لاءِ خاص مقام رکي ٿو. اپريل 2019 تائين يونائيٽڊ ڪنگڊم ۾ ٻن لکن پونڊ جي سرماياڪاري ڪرڻ وارن کي انوسٽمنٽ ويزا ملي ويندو هو، جنهن جي ڪارڻ ٿوري وقت کانپوءِ انهن کي برطانوي شهريت به ملي ويندي هئي. پر ھاڻي انوسٽمنٽ ويزا جي لاءِ سرماياڪاري جي رقم وڌائي ڪري ٻه مليون پونڊ ڪئي وئي آهي. تنهن هوندي به پاڪستان سان گڏوگڏ ٻين غريب ملڪن جا واپاري ۽ سياستدان ھن ويزا کي حاصل ڪرڻ جا وڏا وڏا جٿن ڪري رهيا آهن. پر سڀ کان وڏو مسئلو اھو آھي ته ٻن مليون پونڊ جي ڪثير رقم جي سرماياڪاري ڪرڻ ڪرڻ کان پهرئين حڪومت برطانيا کي اھو ثبوت ڏيڻو پوندو آهي ته توهان اھا رقم ڪئين ۽ ڪٿان حاصل ڪئي؟ چاھي اھو برطانيا ھجي يا ٻيو ڪوئي ترقي يافتہ ملڪ انهن ۾ ھڪ شيءَ گڏيل آهي ته انهن ملڪن جا سياستدان امير ۽ مالدار ناهن. تڏهن به انهن جو معاشرو خوشحال ۽ اقتصادي ۽ معاشي طور تي طاقتور آهي. جڏهن ته نائيجيريا کان هندستان ۽ افغانستان کان پاڪستان تائين ۽ اهڙن ڪيترن ئي غريب ملڪن جا سياستدان ۽ حڪمران امير ۽ مالدار آهن، ۽ عوام غريب، مظلوم، ۽ ويچاري آهي. ووٽ کي عزت ڏيڻ جا دعويدار، روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان جا نعرا ھڻندڙ، ۽ تبديلي جا سبز باغ ڏيکاريندڙن جا پنهنجا ته عاليشان گهر ۽ بنگلا آهن. باقي عوام کي سک سان فقط قبر جي مٽي ملي ٿي. باقي نه ڄاڻ الائي ڇو ڪيترن سالن کان انهن ڌوڪي باز حڪمرانن ۽ سياستدانن عوام جو رت چوسڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان جي پڇاڙي الائي ڪڏهن ٿيندي. الائي ڪڏهن غلامي جا زنجير پنهن سرن تان لاهي اڇلائيندا سين. احمد نديم قاسمي ڪيڏو نه ڀلو چيو آهي: باوقار آزادي آهي اسان غريب ملڪن جي سر تي تاج آهي ۽ سنگهرون آهن پيرن ۾. hzaheer145@gmail.com