صدارتي ايوارڊ يافتہ سنڌ جو ماياناز ڪلاڪار اُستاد مير مُحمّد لُنڊ ڪنھن پُراڻي عشق پوڙھي جي وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتي، ملڻ ھي مير مُحمّد جو جوانين کي جڙي ٿو پيو.....!!! ``حسن درس`` اُستاد مير مُحمّد لنڊُ جي اڄ 24 ھين ورسي جو ڏھاڙو آھي، پاڻ اڄ کان 23 سال پھرين اڄوڪي ڏھاڙي يعني 16 اپريل سنہ 1997ع تي وفات ڪئي، اُستاد مير مُحمّد لُنڊُ جنھن موھن جي دڙي کان پو۽ بوڙينڊي کي سنڌہ ۾ متعارف ڪرايو ۽ پو۽ نہ صرف ان کي سنڌہ تائين محدود رکيو پر دنيا جي ٻين مُلڪن تائين بہ کڻي ويو ۽ موھن جي دڙي جي ان قديمي ساز کي اُتي وڄائي ۽ اُتان کوڙ سارو مان، لک عزتون ۽ مڻين محبتون کڻي آيو، اُستاد مير مُحمّد بوڙينڊي کان علاوہ نڙ، ڇير، دنبورو ۽ چنگ پڻ وڄائيندو ھو، پر ھڪ ئي وقت ٽي ساز گڏ وڄائڻ جو بہ کيس عبور حاصل ھو، ھن جرمني سميت ڪيترن ئي مُلڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو ۽ پنھنجي ديس جو ناءُ روشن ڪيو، صدارتي ايوارڊ سان گڏ ٻيا بہ ڪافي ايوارڊ پنھنجي فن جي عيوض سندس حصي ۾ آيا، ھڪڙي ڀيري جرمني ۾ ھڪ پروگرام دوران جڏھن ھن بوڙينڊي کي اُتي وڄايو تہ اُتي جي بادشاھ ۽ سندس گھرواري ھن کان بوڙينڊو خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن انھن کي اھو چئي بوڙينڊو نہ ڏنو تہ ھي سنڌ جي مٽي مان ٺھيل آھي ان ڪري ھن کي پيسن جي عيوض نہ ٿو وڪڻي سگھان، جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ھن کي جنرل ضياءُ محفل ڪرائڻ لاء گھرايو پر اُستاد سندس سڏ تي نہ ويو ۽ جواب ۾ اھو چئي موڪليائين تہ اسان شھيدن سان شامون ملھايون آھن ان ڪري ھاڻي قاتلن سان محفل نہ ٿا ڪري سگھون، اُستاد مير مُحمّد لُنڊ جي حوالي سان ناليوارو اديب مشڪور ڦلڪارو چوي ٿو تہ: فقير مير مُحمّد لُنڊ وٽ مون لنڊن جي ميوزڪ ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي پٽ تي وڇايل تڏي تي گوڏا کوڙي ويٺل ڏٺو ھن مون کي چيو تہ آئون پندرھن ڏينھن کان کيس لنڊن ھلڻ لا۽ منٿون پيو ڪريان، فقير کي سمجھايو تہ.... مون اُستاد ڏانھن ڏٺو تہ: ھن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، مونکي چيائين تہ: ھن انگريز کي سمجھائي تہ اگر لنڊن جي بادشاھي ڏيندا تڏھن بہ جيجل سنڌہ نہ ڇڏيندس، سون تي سيڻ مٽائڻ وارا وڃي ڪي ٻيا ڳولي ڏسي ۽ اجايو وقت نہ وڃائي، سلام آھي پنھنجي مٽي سان محبت ڪرڻ وارن اھڙن عظيم انسانن تي! دعا آھي تہ مٺو مالڪ اُستاد مير مُحمّد لُنڊ کي جوار رحمت عطا ڪري، آمين! آخر ۾ موقعي جي مناسبت سان سندس ورسي ڏھاڙي سندس ئي ساز، سُر ۽ فن جي ھن انتھائي شاندار ۽ ناياب ويڊيو جي آڌار سان کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.....!!! تحرير : نياز محمد لُنڊ