فرانسيسي انقلاب جو باني ( والٽيئر )

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    فرانسيسي انقلاب جو باني ( والٽيئر )​

    مولانا ابوالڪلام آزاد
    هڪ ڀيري والٽيئر فرانس جي مشهور ناچڻي سان گڏ سندس گاڏيءَ ۾ ويٺو هو جيڪا ناٽڪ منڊليءَ ڏانهن وڃي رهي هئي، جتي کيس والٽيئر جي ڪنهن ڊرامي جي ريهرسل ڪرڻي هئي. ناچڻي حد کان وڌيڪ پريشان هئي ۽ چوڻ لڳي: ”ڪاميابيءَ سان هيءُ ڊرامو۽ ان جا دقيق جذبا ڏيکارڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته شيطان منهنجي جسم ۾ حلول ٿي وڃي“

    ”ها محترمه! سچ اهو آهي ته هر فن جي ڪاميابي جو بنياد اهو ئي آهي ته شيطان اسان ۾ حلول ٿي وڃي.“ والٽيئر وراڻيو.

    والٽيئر جي سمورن دشمنن جو هڪڙو ئي چوڻ آهي ته ”شيطان هن جي اندر ۾ حلول ٿي ويو هو. سندس ڪليسائي حريفن چيو هو ته: ”ابليس سندس جسم ۾ شامل هو ۽ هو دوزخ جي سمورن قوتن تي مڪمل طور حاوي هو.“

    اصل ۾ والٽيئر پنهنجي دورجو مڪمل ماڻهو هئو. ارڙهين صديءَ جي يورپ جي سڄي تصوير اسان کي هن فلسفي شاعر منجهه ئي ڏسڻ ۾ ايندي. هن جي لکڻين ۾ سندس سموريون برايون ۽ ڀلايون جمع ٿيل آهن. هو ڪڏهن بدسلوڪ، خلق کان رٺل، انتهائي گندو ۽ برائين جو مجسمو نظر ايندو ته ڪڏهن وري انتهائي نفيس، بيحد لطيف، اصول پرست، فيض سان ڀريل دوستن جو وفادار، سنجيده فهيمدو ڏسڻ ۾ ايندو. ڪنهن هنڌ پنهنجن يارن تان جان ۽ مال قربان ڪندي ڏٺو ويندو ته ڪڏهن وري دشمنن کي پيرن هيٺان چيٿاڙڻ تي اٽل... والٽيئر اهڙن ئي نرالن، انوکن ۽ هڪٻئي کان متضاد احساسن جي ڳٽڪي جو نانءُ آهي.

    پر اهي سموريون حقيقتون هن جي شخصيت جو بڻ بڻياد نه آهن. هن جي شخصيت جا ٿنڀا جنهن ۾ پهاڙيءَ تي قائم هئا، اها سندس اعلى ترين دماغي قابليت ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ ذهانت هئي. ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن تاريخي گواهي جي گهرج ناهي، اهي ڪتاب ئي سڀ کان وڏا گواهه آهن. موٽا موٽا نوانوي جلد هن جا يادگار آهن، جن جو هر هڪ صفحو روشني جي لفظن سان لکيو ويو آهي، هر سٽ مڪمل جادوگري آهي، ايڏا وڏا، ايڏا گهڻا ۽ ايڏا موٽا ڪتاب انتهائي گهٽ ماڻهن ڇڏيا آهن. اهي ڄاڻ ۽ بحث مباحثن جي گهرائين جي لحاظ کان انسائيڪلو پيڊيا جو درجو رکن ٿا، جڏهن ته اهڙيون موضوعاتي مناسبتون انتهائي گهٽ آهن.

    والٽيئر جو چوڻ آهي ته: ”منهنجو پيشو اهو آهي ته جيڪو ڪجهه به منهنجي ذهن ۾ اچي ته اهو چئي ڇڏيان.“ هن سڄيءَ حياتي ان تي عمل ڪندي گذاري ۽ سندس ذهن ۾ سدائين چئي ڇڏڻ جوڳيون ڳالهيون اينديون هيون، هروڀرو جي فڪرن کان سندس دماغ مٿڀرو رهيو، وٽس سڀ کان وڏي مهارت اها هئي ته هو هر خيال کي اهڙي اندازسان ادا ڪندو هو جو ٻڌندڙ ڏندڻجي پوندا هئا.

    والٽيئر جون سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ دلچسپ ۽ عجيب لکڻيون اهي آهن، جيڪي هن مسيحي گرجائن جي مخالفت ۾ لکيون آهن، هن سندس انهن لکڻين ۾ فصاهت ۽ بلاغت جو سمونڊ ڇوليون ماري رهيو آهي. سٽون ۽ لفظ فوجن جيان آهن، جيڪي حملو ڪندي ڏسڻ ۾ اينديون.حقيقت ۾ مسيحي گرجائن جي هزارين سالن کان اڏيل هڪ هٽيءَ کي والٽيئر جي قلم ئي ختم ڪيو ۽ اها هڪ هٽي اهڙي نموني نيست ۽ نابود ٿي وئي جو ان بعد وري ڪڏهن به ڪر کڻي نه سگهي.

    والٽيئر جي شهرت جو سبب رڳو سندس ڪتاب نه آهن پر هو تمام وڏو مقرر ۽ زبان جو ڄاڻو پڻ هئو ۽ اهڙين قابليتن ئي کيس پنهنجي دور جو سڀ کان وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو.

    والٽيئر وڏو ئي محنتي هئو، ڪم کان ڪڏهن به نه ٿڪڻ وارو... اهو ئي سبب آهي جو هيڏو سارو علمي ذخيرو ڏئي ويو. هن جي غيرمعمولي چستيءَ جي ثبوت ۾ سندس ئي چوڻيون پيش ڪري سگهجن ٿيون: ”سستي ۽ غيرموجودگي هڪ شيءِ آهن.“

    والٽيئر جي هي چوڻي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي ته: ”جيڪڏهن آپگهات قبول ناهي ته پوءِ پنهنجي لاءِ ڪو ڪم تخليق ڪري وٺجي.“ انهيءَ جملي تي نظر رکندي ئي ماڻهن سوچڻ شروع ڪيو هئو ته کيس آپگهات جو خيال پڻ ايندو رهيو آهي، جنهن سبب ئي هن پاڻ کي ڪم ۾ رڌل ئي رکيو پئي.

    ارڙهين صدي جي روح ويڪٽر هيروگو جو چوڻ آهي ته: ”والٽيئر ۽ ان جي روح کي سمجهڻ ائين آهي، ڄڻ ارڙهين صديءَ جي روح کي سمجهي وٺجي.“

    اٽلي وڏي تهذيب کي جنم ڏنو، جرمني ديني ڀلائيءَ جو سرچشمو پر فرانس...... ته فرانس ۾ والٽيئر هئو. والٽيئر هڪ وڏي قوم هيو، عظيم الشان انقلاب جي ڪوٺ هيو. نه، هو ته سراپا انقلاب هيو، فرانس جو جڳ مشهور انقلاب، جنهن رت جون نديون وهائي ڇڏيون، اهو والٽيئر جي حياتيءَ جو حصو آهي، هن شهر ۾ سڀ ڪجهه موجود هو. ”مونتين“ جو شڪ، ”رابيليه“ جي جادوگري ”لوٿر“ جي حملي آوراڻي قوت... ان کي ”مورات“، ”وانٽن“ ۽ ”روبسيرو“ کي تخليق ڪيو ۽ اهڙو بارود تيار ڪيو، جنهن دنيا جي قديم ترين نظامتن جون ديوارون هڪ ئي ڀيري هوائن ۾ اڏائي ڇڏيون. لامارمين چيو ته: ”جيڪڏهن ماڻهوءَ جو عمل اڏجي عظمتن جو ميزان آهي ته بيشڪ والٽيئر موجوده يورپ جو سڀ کان وڏو ڪاتب آهي. قدرت سندس ڄمار ۾ برڪت ڏني، 83 ورهين زندهه رهيو. قديم ترين نظام جو بڻياد معلوم ڪري، ان خلاف جهاد ڪيو ۽ جڏهن مري ويو ته فتحمند هئو.“

    ڪنهن به ليکاريءَ کي ايڏي وڏي سوڀ حاصل نه ٿي سگهي هئي، جيڏي والٽيئر کي نصيب ٿي. سڄو ڏيهه سندس مخالف هئو، گرجا، جيڪا ان وقت تائين سڀ کان وڏي طاقت هئي، کيس قيد ۽ جلاوطن ڪيو ويو، سندس ڪتاب روڪيا ويا، ساڙيا ويا، ايستائين جو ڇاپڻ، وڪڻڻ ۽ پڙهڻ وارن کي سزائون ڏنيون ويون پر والٽيئر جي عزم جرئت ۽ همت ۾ ڪو فرق نه آيو، سمورن دشمنن تي حاوي ٿيو، سمورين مشڪلاتن تي فتحمند ٿيو. هن هميشه حق ۽ حقيقت جو اظهار ڪيو ۽ نيٺ دنيا ڀر جو ڳاٽو سندس علمي ۽ عقلي جبروت جي اڳيان جهڪي پيو. بادشاهه، شهنشاهه ۽ روح جا پادري سندس خوشامد ڪرڻ لڳا، سڀئي سندس هيبت کان هيڻا ٿي پيا، پاپائن جون روحاني گاديون ۽ شهنشاهتون لرزڻ لڳيون.

    اڌ دنيا هن جادوگر لاءِ پنهنجا ڪن کولي ڇڏيا ۽ هن جي زبان ۽ قلم جو هر لفظ يورپ جي ماڻهن جي دلين ۾ لهي ويو.

    والٽيئر اهڙي زماني ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن ۾ سڀ کان اهم گهرج ڀڃ ڊاهه ۽ فطري ناڪامي هئي، جنهن دور لاءِ نٽشي چيو هو ته: ”کلندڙ شينهن جي ظاهر ٿيڻ جي ضرورت آهي.“ والٽيئر ايئن نه ڪيو پر جهنگ جي بادشاهه شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي کلندي اٿيو ۽ ڀتي ٿي ويل پراڻي نظام جي عمارت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، اصل ۾ يورپ جي موجوده ساڃاهه ونديءَ جو سهرو ٻن ماڻهن تي آهن: روسو ۽ والٽيئر ئي فرانس جي انقلاب کي تخم ريزي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه فراهم ڪيو، جنهن جي هن انقلاب کي گهرج هئي. نڀاڳي شانزو، قتل ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ قيدخاني ۾ روسو ۽ والٽيئر جا ڪتاب ڏٺا ته بي اختيار رڙيون ڪرڻ لڳو:”انهن ئي ٻنهي ماڻهن فرانس کي برباد ڪيو آهي.“

    ظاهر آهي فرانس جي برباديءَ مان نڀاڳي بادشاهه جي مراد رڳو سندس خاندان جي بربادي ئي هئي. نيپوليئن چوندو هيو: ”فرانس جو شاهي ڪٽنب پنهنجو تخت ۽ تاج محفوظ رکي ٿي سگهيو، جيڪڏهن روسو ۽ والٽيئر جي زبان بند رکي وڃي ها.“ پاڻ والٽيئر به چوندو هيو ته: ”ذهني تربيت کانسواءِ آزاديءَ جو ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونه آهي.“ هڪ ٻئي هنڌ هن چيو ته: ”جڏهن قوم سوچڻ لڳندي آهي ته پوءِ ان کي مقصد ۽ منزل تائين رسڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو آهي.“ والٽيئر جي ظاهر ٿيڻ سان فرانس سوچڻ شروع ڪيو هئو، پوءِ دنيا جي ڪابه قوت ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نه سگهي.

    مختصر سوانحي جائزو: والٽيئر جو اصلي نالو فرانسوماري اوريا آهي . جيڪو 1684ع ۾ پيرس ۾ پيدا ٿيو، هن جو پيءُ رجسٽرار هيو ۽ ماءُ انتهائي شريف عورت هئي. عام طور اهو ٻڌايو ويندو آهي ته والٽيئر وٽ ڪاوڙيلي طبيعت سندس والد کان ورثي جي طور آئي هئي ۽ ڏاهپ سندس ماءُ وٽان... والٽيئر کي جنم ڏيڻ وقت سندس امڙ کي ايتريون ته تڪليفون پيش آيون، جو هوءَ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهي. هو پاڻ به ايترو ته ڪمزور هيو جو دائيءَ کيس پنهنجي هنج ۾ جهلندي چئي ڇڏيو ته: ٻارڙو هڪ ڏينهن کان وڌيڪ جيئرو نه رهي سگهندو.“ هن جو اندازو غلط هئو ۽ هو 84 سالن تائين جيئرو رهيو. البت بيمارين ۽ سخت ترين جسماني تڪليفن ڪڏهن به کيس آجو نه ڪيو.

    والٽيئر جو هڪ وڏو ڀاءُ به هيو، جنهن جو نالو ”ارمان“ هيو. ان کي آزاد خياليءَ جي پاداش ۾ ڪليسا جي پادرين جي حڪم سان قتل ڪيو ويو. ان وقت والٽيئر جي دوستن کيس صلاح ڏني ته هو توبهه تائب ٿي پنهنجي جان بچائي ته هو ان مشوري تي صفا ڀڙڪي اٿيو ۽ دوستن کي دڙڪا ڏيئي چوڻ لڳو ته: ”توهان جا لک لائق، توهان پاڻ جيڪڏهن سوليءَ جو سينگار بڻجڻ کان گهٻرايو ٿا ته پوءِ انهن ماڻهن جي راهه ۾ رڪاوٽ ڇو ٿا وجهو، جيڪي سوليءَ جو سينگار بڻجڻ پسند ڪن ٿا.“

    والٽيئر جو والد پنهنجن ٻنهي ٻارن بابت راءِ ڏيندي چوندو هيو ته: ”مون کي ٻه پاڳل ٻار ٿيا آهن، هڪ کي نثر جو جنون آهي ته ٻئي کي وري نظم جو.“ والٽيئر انهن ڏينهن ۾ شعر لکڻ چوڻ شروع ڪيو هو، جن ڏينهن اڃا هو پنهنجو نالو به چڱي نموني لکي نه ڄاڻندو هو. سندس والد علمي زندگيءَ جو عادي بڻجي ويو هو. پنهنجي پٽ جي اهڙي حالت ڏسي هن افسوس سان يقين ڪري ڇڏيو هو ته ”هيءَ بلڪل بيڪار ثابت ٿيندو.“ کيس ڪهڙي سڌ هئي هڪ ڏينهن سندس اهو ئي ”بيڪار“ پٽ يورپ جو سڀ کان وڏو اهل قلم تسليم ڪيو ويندو.

    والٽيئر جي والده جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس ڪٽنب پيرس جو شهر ڇڏي وڃي ٻهراڙيءَ ۾ آباد ٿيو، جتي هڪ دولتمند/ شاهوڪار بدڪردار مائي ڏٺو ۽ منجهس ڏاهپ ۽ ڇوٽڪاري جون نشانيون محسوس ڪندي مرڻ کان اڳ والٽيئر لاءِ هڪ جهجهي رقم جو دان ڏيئي ڇڏيو ته جيئن سندس لاءِ ڪتاب خريدڻ سولو ٿي پوي.

    والٽيئر کي انهن ڪتابن مان چڱو فائدو حاصل ٿيو ۽ هو سڄيءَ ڄمار ان عيبدار عورت جو احسانمند رهيو. ان کانپوءِ هڪ راهب جي ساڻس محبت ٿي وئي، پر هي راهب ملحد هيو، جنهن کيس شڪ ۽ الحاد جو تاڪيد ڪيو ۽ ڪليسا پاران نفرت ۽ انڪار کي دلنشين انداز ۾ پيش ڪيو.

    ان کانپوءِ هن کي مذهبي تعليم لاءِ پادرين جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتان هن مناظري ۽ علم الڪلام جي تربيت حاصل ڪئي. ان وقت سڀ کان وڏو علمي ڪمال اهو ڄاتو ويندو هو ته هڪ ئي مسئلي کي ٻن مختلف پهلوئن جي قالب ۾ ڍاري سگهجي ۽ ٻنهي پهلوئن کي ڏاهپ جي بنياد تحت درست ثابت ڪري سگهجي. انهيءَ فن ۾ والٽيئر ايڏي ته مهارت حاصل ڪئي جو کيس ڪنهن به ڳالهه تي يقين باقي نه رهيو مدرسي ۾ هن تمام گهڻو محنتي شاگرد طور مشهوري ماڻي، ايتري قدر جو وندر جي وقت پڻ جڏهن سندس دوست ۽ ساٿي راند روند ۾ مشغول هوندا هئا ته هيءَ پنهنجن استادن سان علمي مسئلن تي بحث، مباحثي ۾ مصروف هندو هو. پنهنجي شاگرديءَ واري دور لاءِ لکندو ۽ چوندو هو ته: ”پادرين مون کي لاطيني ٻوليءَ سان گڏ ڪيتريون ئي بيهوده ۽ بڪواس شيون سيکاريون.“

    تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ سندس سمورو ڌيان علمي دنيا ڏانهن هليو ويو، پنهنجي لاءِ پيشي جي چونڊ ڪرڻ وقت هن پنهنجي والد کي کلئي طور چئي ڇڏيو هو ته: ”آئون شعر ۽ ادب کي پنهنجو پيشو بڻائيندس.“ والد کيس گهڻو سمجهايو پر هن هڪ نه ٻڌي ۽ پنهنجي هٺ تي قائم رهيو. وڏي مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته هو ان پيشي بابت سدائين اها راءِ ڏيندو هيو ته: ”شعر ۽ ادب اهڙن ماڻهن جو مشغلو آهي، جيڪي اجتماعي زندگيءَ ۾ بي لاڀ رهڻ ۽ عزيزن، قربين مٿان ٻوجهه بڻجڻ چاهيندا آهن، هيءَ اهڙن ماڻهن جو مشغلو آهي، جيڪي بک وگهي مرڻ چاهيندا آهن.“

    ايڪيهين ورهين جي ڄمار تائين والٽيئر عيش، عشرت ۽ آورگيءَ ۾ مبتلا رهندو هيو، سندس والد کي هن جي اهڙين حرڪتن کان سخت تڪليف پهچڻ لڳي. هزارين حيلا هلائڻ جي باوجود منجهس سڌاري جي ڪابه صورت نه نڪتي، جنهن کانپوءِ کيس هڪ انتهائي سخت مزاج مائٽ ڏانهن روانو ڪيو ويو، هن مائٽ پهرئين ته بيحد سختيءَ ۽ بدمزدگي جو مظاهرو ڪيو پر پوءِ وري هن به سندس لياقت ۽ ڏاهپ کي ڏسي کيس آزاد ڇڏي ڏنو. والٽيئر جي والد کي جڏهن سندس ڇڙواڳيءَ جو پتو پيو ته کيس واپس گهرائي ورتائين ۽ هالينڊ ۾ فرانسي اتاشيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائينس ته هو کيس پنهنجي نظرداري ۾ رکي، پر اتي ئي هالينڊ ۾ والٽيئر هڪ ناريءَ سان عشق ڪرڻ لڳو، جيڪو راز جلد ئي فاش ٿي ويو، جنهن ڪري کيس هزارن حسرتن ۽ اڻ ڳڻين ارمانن سان اتان ڀڄڻو پيو، هيءَ والٽيئر جو پهريون عشق هيو، ان ڪري ان جو چڀڪو سڄيءَ ڄمار سندس دل ۾ موجود رهيو.

    1735ع ۾ والٽيئر پنهنجي والد کان جدا ٿي پيرس پهتو، ان زماني ۾ چوڏهون بادشاهه مري چڪو هو ۽ پندرهين شهنشاهه تخت سنڀاليو هو، بادشاهه ٻارپڻي ۾ هيو، تنهن ڪري بادشاهت جا سمورا سلسلا ان جي هڪ مائٽ جي هٿن ۾ اچي ويا، اهو همراهه انتهائي سست ۽ ڪم جو ڍلو هئو، سندس بي ڀاڳي طبيعت سبب ملڪ ۾ بدامني پکڙجي وئي. ان وقت پئرس فرانس جو وفاقي مرڪز هيو، ملڪ ۾ پيدا ٿيل سنگين صورتحال سبب حڪومت مخالف شرپسند گروهه جنم ورتو ۽ والٽيئر پڻ ان ۾ شامل ٿي ويو، بي باڪي ۽ جرئتمند طبيعت سبب هن کي اهم جاءِ حاصل ٿي وئي.

    سندس جرئت ۽ بي باڪي جو اندازو ته ان هڪ واقعي مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن سلطنت جي نائب ڪفايت شعاري جي خيال کان شاهي اصطبل منجهان اڌ گهوڙا کپائڻ جو حڪم ڏنو هو ته والٽيئر پنهنجي مضمون ۾ لکي ڇڏيو ته: جيڪر سلطنت جو نائب اڌ گڏهن جي وڪڻڻ جو حڪم به ڏئي وجهي، جيڪي اقتدار جي اوچين ڪرسين تي ويٺا آهن.“

    حڪمرانن جي نگاهن مان جڏهن اهو مضمون گذريو ته سخت ناراض ٿيا، پوءِ وري نائب سلطنت جي مخالفت ۾ ٻه قصيدا پڻ لکيا ويا ته انهن بابت پڻ خيال ٿيو ته والٽيئر لکيا هوندا، هاڻي ته سموري حڪومت هن جي دشمن بڻجي پئي هئي. ڪنهن ڏينهن سلطنت جي نائب هڪ تفريح گاهه ۾ والٽيئر کي ڏسي ورتو ته گهرائي چيائينس: ”مان توسان شرط ٿو رکان ته تمام جلد مان توکي اهڙي هنڌ پڄائي ڇڏيندس، جنهن کي تنهنجين اکين ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو. والٽيئر مشڪري واري انداز ۾ مرڪندي پڇيو: ”اهو ڪهڙو هنڌ هوندو.“ جواب مليس: ”باسٽل جي ڪاري ڪوٺي.“

    ان ڳالهه ٻولهه کي اڃا پورا چوويهه ڪلاڪ به نه گذري هيا جو والٽيئر کي باسٽل جي هڪ ڪاري قيد ۾ بند ڪيو ويو، جيڪو ان وقت ئي حڪمرانن کي سڌ پئجي سگهي ها ته اهو ئي باسٽل والٽيئر جي پيدا ڪيل انقلاب جي هٿان ڊهي پٽ ٿي پوندو، اهو واقعو 1717ع جو آهي.

    انهن ڏينهن تائين والٽيئر پنهنجي اصلي نالي سان مشهور هيو، پر قيد وڃڻ کانپوءِ حڪومت جي اڳين چالبازين کان بچڻ لاءِ هڪ فرضي نانءُ اختيار ڪيو، جيڪو والٽيئر هيو. ان فرضي نالي ايڏي تي شهرت ماڻي جو تاريخ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ سندس اصلي نالو ياد ناهي.

    قيد خاني ۾ هو يارهن مهينا رهيو ۽ اهو سمورو عرصو مٿس ڪيتريون ئي سختيون جسماني ۽ ذهني اذيتون آزمايون ويون پر تنهن هوندي به هن انهن ئي ڏينهن ۾ شاندار ادب تخليق ڪري پنهنجي همت، بي ڊپائيءَ ۽ بي باڪيءَ جو ثبوت پيش ڪيو. آخرڪار سطلنت جي نائب کي رحم اچي ويو ۽ کيس باعزت آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ساليانو وظيفو پڻ هن لاءِ مقرر ڪري ڇڏيائين. والٽيئر جي بي باڪيءَ جي مثال ۾ والٽيئر جو اهو خط پڻ شامل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو هن سلطنت جي نائب ڏانهن ٿورا مڃڻ لاءِ لکيو هو. ان خط جا لفظ آهن ته:” اعلى حضرت منهنجي لاءِ جنهن روزيءَ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ان لاءِ ٿورائتو آهيان پر هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي آرام جي انتظام لاءِ حضور کي زحمت جي گهرج نه آهي.“

    باسٽل مان آجو ٿيڻ کانپوءِ والٽيئر پنهنجو مشهور زمانه ڊرامو ”اوڊيب“ لکيو هيو. اهو ڏاڍو دلگير ڪندڙ ڊرامو ۽ گهڻو ئي ڏکوئيندڙ قصو هيو، ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ پنجيتاليهن ڏينهن تائين لاڳيتو پئرس جي ٿيٽرن ۾ ڏيکاريو ويو. ان ڊرامي ۾ هن پنهنجا اهڙا انقلاب برپا ڪندڙ خيال پيدا ڪيا ته: ”اڙي ڪانئر اهڙا ناهن هوندا، جهڙا سٻاجهڙا عوام کين سمجهندا آهن. انهن ڪانئرن جي ڄاڻ جون گهرجون ڪهڙيون آهن؟ اصل ۾ سادڙا سٻاجهڙا ئي سندن ڄاڻ جو ذريعو هوندا آهن، اسان کي پنهنجي قوت تي يقين ڪرڻ ۽ ايمان آڻڻ گهرجي.“

    ان ناٽڪ مان والٽيئر کي چار هزار فرنڪ (جهجهو ناڻو) حاصل ٿيا، هن اها رقم وڃائڻ بدران ان کي پنهنجو راز قرار ڏنو ۽ چالاڪي ۽ ڏاهپ سان ان کي وڌائيندو رهيو. هن جو اصول هيو ته ماڻهوءَ کي پنهنجي روزي پنهنجيءَ محنت سان حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪمائيءَ منجهان ڪجهه نه ڪجهه لڪائي رکڻ گهرجي، هن جو چوڻ هيو ته: ”فلسفو چهٽڻ کان اڳ ماڻهوءَ کي جيئرو رهڻ جو ڏانءُ سکڻ گهرجي.“

    نوٽ: ليکڪ ۽ ليک جو موضوع ٻئي پنهنجي دورن ۾ دنيا جا انتهائي اهم ترين شخص ليکيا وڃن ٿا. فرانس جي انقلاب جو بنياد رکندڙ والٽيئر بابت ننڍي کنڊ جي عظيم ترين اسلام پسند انقلابي رهبر محي الدين ”ابوالڪلام“ آزاد پاران لکيل هيءُ مضمون ننڍي کنڊ ۾ سامراج خلاف عوام جي ذهنن ۾ نفرت پيدا ڪندڙ جريدي ”نئي زندگي“ جي مارچ 1942ع واري شماري ۾ شايع ٿيو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو