ميخائل باڪونن جو چوڻ آ هي ته ““انقلابي اهڙي ماڻهو کي چئبو آهي جيڪو مقصدي واٽ لاءِ پاڻ کي ارپن ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ذاتي دلچسپيون، جذبات، وابستيون ۽ جائدادون سندس مقصد اڳيان اهميت ڪونه رکنديون آهن. ايتري تائين جو سندس نالو به ڪونه هوندو آهي ڇو ته انقلابي کي هڪ دلچسپي، هڪ مقصد ۽ هڪ شديد جذبو پنهنجي اندر سمائي ڇڏيندو آهي جنهن کي اسان انقلاب جو نالو ڏيندا آهيون””. ڀانئجي ٿو ته جڏهن به ميخائل جي من ۾ هي خيال جڙيو هوندو تڏهن پڪ سان سنڌ جي ارڏي، بيباڪ ۽ بهادر پٽ ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي جهڙي ڪنهن مها منت جي جدوجهد کي اڳيان رکي اسريو هوندوڇوته هو ٻڏندڙن ٻوڙي پتنگ جيڪو پهه ڪيو ان ۾ ڪڏهن به اوتڙ نه اوليو توڙي سر سدائين سورين اڳيان رهيو. ڪامريڊ جا وڏڙا صدين کان سنڌ جي شهر نوشهروفيروز جا رهواسي رهندا آيا جتان سندس تڙڏاڏو پنهنجي والد سان گڏ هجرت ڪري مهين جو دڙو جي الهندي ڪلهي تي رٿيل ٻنڊي نالي هڪ واهڻ ۾ رهائش پذير ٿيو جتي 3 مئي 1920ع ڌاري ڪامريڊ سوڀي جيون انند وٺي گوندر گس ورتو. ڪامريڊ جي پڙڏاڏي ڀائي گيانچند جو ڀاءُ سيرڏنومل بي اولاد هيو تنهن ڪري هن گيان چند جي پٽ پرڀداس کي هنج ورتو. پرڀداس جي پٽ نرمل کي ٽي پٽ هيا جن مان هڪ ڪامريڊ سوڀراج، ٻيو ڪيولرام ۽ ٽيون ڀائي مل. ٻنڊي گوٺ ۾ ورهاڱي کان اڳ گهڻو تڻو آبادي هندو لوڪن جي هوندي هئي جن مان ڳچيرڙا خاندان ورهاڱي کان پوِءِ بگڙيل حالتن آڌارت پنهنجا ماڳ، ويراڳ، پنگهٽ، ٿاڪ، پيچ ۽ منڊليون سنڌ کي ارپي ناگپور (هندستان) جي فٽڪا ڪالوني ۾ وڃي ٿائنڪا ٿيا هئا جتي اڄ به سندن پونئر آباد آهن. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي 5 درجا پنهنجي ڳوٺ کان وٿيرڪي وسندي بگيءَ جي اسڪول مان ۽ انگريزي جون 4 جماعتون قمبر جي هاءِ اسڪول مان پرائي پنجين (انگريزي) جماعت اي وي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پڙهي سند حاصل ڪئي. 1937ع ۾ انگريزي جي 6 ۽ 7 جماعت پڙهڻ لاءِ ڪامريڊ ڪراچيءَ جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان حاصل محنت بعد 1939ع ۾ اولهه بنگال جي جڳ مشهور ودياگهر شانتي نڪيتن ڪاليج (بردوان) ۾ وڌيڪ پڙهڻ ويو جتان 1941ع ۾ هن گريجوئيشن ڪيائين. ان سال ئي ڪامريڊ وڪالت (ايل ايل بي) ڪرڻ لاءِ ايس اي شاهاڻي لا ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتي ليکو تلساڻي ۽ گوبند مالهي سندس ڪلاس فيلو هئا جن سان سندس نينهن جو ناتو سموري ڄمار قائم رهيو. ڪامريڊ جي سياسي زندگي جي اوسر به شانتي نڪيتن ۾ ئي ٿي هئي جو ان ودياشالي ۾ ڪامريڊ کي رابندر ناٿ ٽيگور ۽ بيشمار ٻين عظيم عالمي وديارٿين کان گهڻو ڪجهه سکڻ، ڪرتڻ ۽ ڪڙهڻ جو موقعو مليو جنهن سبب سندس شخصيت ۾ هڪ باوقار نکار پيدا ٿيو. اتي ئي سندس ملاقات مهاتما گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش چندر بوس، سوميندر ناٿ ٺاڪر “ٽيگور جو ڀاٽيو” وغيره جهڙن عظيم انقلابي اڳواڻن سان به ٿي. اهڙن بيدار مغز استادن ۽ مانجهي ماڻهن جي سنگت مان پرائيندڙ آدرشي آيتن ڪامريڊ سان ايندڙ زندگي ۾ پنهنجي لاءِ جهد جي ڀوُءِ چونڊڻ ۾ سهڪار ڪيو. شانتي نڪيتن ۾ علم و گيان جي حاصلات سان گڏ ڪامريڊ ادبي دنيا جي مهان استادن، انقلابين، ڏاهن، فلسفين ۽ مفڪرن جي بهترين ڪتابن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري پنهنجي من مندر ۾ هڪ فڪري ديوتا جوڙي ورتو ته ڪنهن اهڙي مثالي معاشري جي جوڙجڪ ڏيڻ جي جدوجهد ڪئي وڃي جتي انسان ڀائيچاري، برادري ۽ سماجي انصاف جي ماحول ۾ ذات، پات، عقيدي، مذهب ۽ رنگ نسل جي مَتِ ڀيدِ کان آجي هڪ پرسڪون، روح افزا ۽ امن پرور زندگي گذاري سگهي. مقصدي محاذ جي حاصلات لاءِ هن جسوڌڻ جيهي سنڌي جي اڳيان سدائين اينگلز اکيون، مارڪس جي زبان، ساڙيهه جي سڪ، قلمي سٿ، امرتا راهه ۽ حق جي ڳالهه ڪندڙ هر شخص رهيو. علي احمد بروهي چواڻي ته “شانتي نڪيتن جي تعليم ۽ تربيت ڪامريڊ جي من مان ڪروڌ، موهه ۽ اهنڪار جي دائري مان ڪڍي هڪ صاف سٿرو انسان بڻائي ڇڏيو”. ڪامريڊ عملي طور سياسي زندگيءَ جي ابتدا سڀ کان پهريون هشو ڪيول راماڻي جي وديارٿي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندي ڪئي. ان دور ۾ ئي جڏهن سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو بڻياد پيو ته ڪامريڊ کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. 1942ع ڌاري جڏهن ڪامريڊ وڪالت پڙهي رهيو هيو تڏهن ڪانگريس 8 آگسٽ تي بمبئي ۾ Quit India جي قرارداد پاس ڪرائي جنهن ڪري برطانوي سرڪار هندستان جا مک سياسي اڳواڻ گرفتار ڪري جيل موڪليا جن ۾ ڪامريڊ جا ساٿي گوبند مالي، انند تيواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سيتل درياڻي وغيره به شامل هئا جڏهن ته ان دوران ڪامريڊ پردي پٺيان رهي تحريڪ جي هر ممڪن رهنمائي ڪندو رهيو. پرجنوري 1943ع ڌاري مٺارام هاسٽل جي ٽينس ڪورٽ ۾ جهنڊي جي سلامي ڪرائڻ بعد ليڪچر ڏيندي کيس به گرفتار ڪيو ويو. اهڙي ريت ڪامريڊ جي سياست ۾ عوامي خدمت جو سلسلو جيڪو وديارٿي تحريڪ ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کان شروع ٿيو، هلندي هلندي ڪميونسٽ پارٽي، نيوي جي بغاوت، سنڌ هاري ڪميٽي، ٽريڊ يونينن، الاٽي تحريڪن، هارين جي ڪورٽ، روپوشين، نظربندين، گرفتارين، جيل ياترائن، زمينداري، وڪالت ۽ حادثن جا ٽيڏا ڦڏا رستا وٺيون 8 ڊسمبر 2014ع ۾ سندس ٿر اڪري وڃڻ (ديهانت) جي ناسوت تائين هي لوڪ ۽ پرلوڪ سڌارڻ واري صدي جيڏي تمام ڊگهي مسافري تي مشتمل نظر اچي ٿي جنهن ۾ هن نوح پاڻ کي اهڙو بهترين ناکو ثابت ڪيو جهڙو جکرو ورلي ڪو سنڌ جوڙي. ڪامريڊ سوڀو منهنجي ياداشت ۾ واحد ڪردار هيو جنهن سان ڪو به لکاري پنهنجي مرضي مطابق اهو انٽرويو نه ڪري سگهندو هيو جنهن جو خاڪو اهي پنهنجي ذهنن ۾ تيار ڪري ايندا هيا. اسان هن سان صرف ڳالهيون ڪري سگهندا هئاسين جن جي شروعات به (گهڻو ڪري) هو پاڻ ۽ پنهنجي مرضي سان ڪندو هيو پر جيڪڏهن شروعات سامهون وارو ڪندو هيو ته ڪامريڊ سوال جو جواب ڏئي ان کي پنهنجي مرضي جي ڳالهين، يادن ۽ معاملن ڏانهن وٺي ويندو هيو جتان وري کيس واپس آڻڻ ڪنهن شهسوار جو ڪم هوندو هيو. اهڙي ئي ڪا ڳالهه هڪ واري ڄام ساقي به ڪئي هئي ته “جڏهن اسان ڪامريڊ سوڀي سان ملندا آهيون ته اسان ڪونه ڳالهائيندا آهيون ڇو ته اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته سوڀو ڳالهائي ۽ اسان کيس ٻڌؤن”. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مان انور ڏنگڙائي جي لکيل ڀٽائي ڊڪشنري لاءِ ڪامريڊ کان راءِ وٺڻ سندس گهر حاضري ڏني ته کيس ڏسي پهريون دفعو مون کي لڳو ته هي شينهن پوڙهو ٿي چڪو آهي ڇو ته هو نه رڳو جسماني طور تي ڪمزور لڳو پر نظر به گهڻي ويهجي وئي هئس ان لاءِ ئي مون کي به ڪو نه سڃاتائين جنهن کي هو سدائين موڪلائڻ مهلين چوندو هيو ته Asif do come to me you are just like tranquilizer for me. آخري ڏهاڙن ۾ ته هو ملڻ جلڻ به گهٽائي ويو هيو. ان ڏينهن مون کي سندس پوٽو اويناش (نرمل جو پٽ) اندر وٺي ويو. اڱڻ ۽ ويرانڊي کان پوءِ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رکيل کٽ جي ڏاکڻي حصي ۾ نيم خماريل انداز ۾ ستل ڪامريڊ گهڻو تڻو نرٻل، اُٻاڻڪو، اڪيلو، ويڳاڻو ۽ سماج کان اوپرو اوپرو لڳو. سندس کٽ جي اترين حصي ۾ کوڙ ساترا رسالا، ڪتاب، ڪتابڙا ۽ ٻه ميگنيفائينگ (ننڍو وڏو) گلاس رکيل هئا. مان ڪمري ۾ وڃي سندس پيرن کي ڇُهي حسب دستور آشيرواد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن اکيون کوليندي مون ڏانهن نهاريو پر سڃاتائين ڪونه ۽ پڇائين “اَبا ڪير آن”؟ مون سندس هٿ پڪڙيندي وراڻيو “سائين آصف رضا موريو آهيان”. نالو ٻڌي کٽ تي اٿي ويهي رهيو ۽ وڏي پاٻوهه مان ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين “معاف ڪجانءِ يار نظر ڪم نه ٿي ڪري...تون به الائي ڇو مهينن جا مهينا ٽٻي هڻي ويندو آهين”. مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو “قبله زماني جي ڪم ڌنڌن سوڙو ڪري وڌو آ نه ته جيڪر روز ڀيرا ڀريان”. ڪامريڊ: “موريا شادي ڪيئي يا اڃان ساڳا پرڪار اٿئي ۽ ڀاڻين “محمد پريل” ڪيئن آ، ايس پي ٿيو يا نه”. هن پنهنجا پير کٽ تان لاهيندي پڇيو. “سائين هاڻي پراڻن ڄارن مان نڪري ويو آهيان ۽ ادا اڃان تائين ڊي ايس پي آ”. مون کٽ ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويهندي چيو. ڪامريڊ: “ڀاڻين سٺو ماڻهو آ سلام ڏجانس”. سوال: “توهان سان ملاقات اٿس ڇا”؟ ڪامريڊ: “کوڙ ڀيرا، توکي ته خبر آهي مان سڄي عمر پوليس ۽ سرڪاري ادارن جي نظرن ۾ رهيو آهيان”. سوال: “ڇا اڃان به ادارا توهان تي نظر رکن ٿا”. ڪامريڊ: “ٻيو نه ته....هفتو ڏيڍ پهريون به ايئرفورس جو هڪ رٽائرڊ ماڻهو ڪچهري ڪرڻ آيوته جيئن منهنجي راءِ موجوده حڪومت متعلق ڄاڻي سگهي”. سوال: “اڄڪلهه ڪجهه لکو ٿا يا نه”. ڪامريڊ: “لکڻ ته هاڻي ڏکيو ٿي پيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو دوست انٽرويو وٺي ويندو آهي جيڪي ڇپندا رهندا آهن”. سوال: “ويجهڙائي ۾ ڪير ڪير انٽرويو وٺي ويو آ”. ڪامريڊ: “ڪجهه ڏينهن اڳ ڊان اخبار وارو مولا بخش ڪلهوڙو انٽرويو وٺي ويو. محمد علي پٺاڻ به سوانح عمري لکي رهيو آهي جيڪا سنڌي رسالي سوجهرو ۾ ڇپجي ٿي. ابتڪ چينل وارو ياسين بخشي به ڳالهه ٻولهه ڪري ويو هيو”. سوال: “شهر جي ادبي سرگرمين ۾ اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو”. ڪامريڊ: “طبيعت جي حساب ڪتاب سان ويندو رهندو آهيان”. سوال: “توهان جي کٽ تي رکيل ڪتاب ۽ رسالا ٻڌائن ٿا ته پڙهائي زور شور سان هلي ٿي”. ڪامريڊ: “ها پڙهائيءَ کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهجي”. سوال: “اڄڪلهه ڇا پڙهي رهيا آهيو”؟ ڪامريڊ: “اخبارون ته باقاعدگي سان پڙهندورهندو آهيان. ڪجهه رسالا به باقي ڪتاب جيڪو وڻيو. ڪجهه ڏهاڙن کان گرمي زور وٺي وئي آ، بجلي وارا به ڏمريا پيا آهن. آرام ئي ڪونهي. ذهني پيڙهائون الڳ آهن. مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ٿڌ جو موسم چڱو هوندو آهي”. سوال: “اڄڪلهه توهان جي طبيعت ڪيئن آهي”؟ ڪاريڊ: “اهو دم خم ته هاڻي ناهي رهيو، ٽنگن ۽ گوڏن ۾ گهڻو سور رهي ٿو، هڏن جي مخ جو مسئلو به ڳمڀير ٿي ويو آ، ڇا ڇا ٻڌايانءِ گهڻو ڪجهه آ”. سوال: سائين هي سمورا شيلف جيڪي توهان جي لائبريري کپائڻ کانپوءِ خالي ٿي ويا هئا سي وري ڀريل تريل ٿا لڳن”. ڪامريڊ: “ڪجهه عرصو پهريان سنڌي ادبي بورڊ وارن کان اڌ قيمت تي ڪتاب خريد ڪري گهرائي انهن ۾ رکيا آهن ڇو ته سڄي عمر جا ڀريل شيلف خالي ۽ ويران ٺهن ڪو نه پيا”. وري مرڪندي چيائين “ڪجهه ته تو وارا چوري ڪري ڏنل ڪتاب به ته اڳ ۾ ئي پيا هئا ياد اٿئي يا وسري ويئي”. مون به کلندي ٻڌايم “ياد آهي سائين ڇوته ان ڏينهن توهان منهنجي محنت جي ڪمائي لٽي ورتي هئي”. ٿيو ائين هيو جو جڏهن ڪامريڊ سنڌي ادبي بورڊ وارن کي پنهنجي لائبريري وڪڻي رهيو هيو تڏهن انهن ڪتابن وغيره جي فهرست (جنهن تي سودو ٿيڻو هو) مون ٺاهي هئي. اتفاق سان ڪامريڊ جي گهر ۾ رکيل کوڙ شيلفن منجهان هڪ شيلف ۾ پيل ڪتابن جي لسٽ مون کان ٺاهڻ رهجي وئي هئي جيڪي اصولي طور وڪري ۾ شامل نه هئا پر اهو شيلف به حميد سنڌي جا ماڻهو ڳڻي ويا هئا. مون سودي ٿيڻ کانپوءِ ڪامريڊ کي ٻڌايو ته “سائين هن شيلف جا ڪتاب لسٽ ۾ شامل ناهن تنهن ڪري توهان کين اهي ڪتاب کڻڻ نه ڏجو” پر ڪامريڊ چيو نه “هو سڀئي شيلف ڳڻي ويا آهن ان لاءِ هاڻي اهي به کين ڏيڻا پوندا”. مون ڪامريڊ سان ضد ڪرڻ مناسب نه سمجهندي عرض ڪيم “سائين هن شيلف ۾ ڪجهه ناياب ڪتاب موجود آهن ڀلا مون کي اجازت ڏيو ته “انهن مان ڪجهه کڻي وڃان”. ان ڳالهه تي ڪامريڊ ناراض ٿيندي چيو “خدا جا ٻانها اها بي ايماني آهي هو ڇا چوندا ته سوڀو بي ايمان آ اڳتي اهڙو ڪسو ڪم نه سوچجان”. سڀني شيلفن جون چاٻيون مون وٽ هونديون هيون ۽ مون کي خبر هئي ته ڪنهن وقت به شاهنوار لائبريري جي گشتي گاڏي ڪتابون کڻي ويندي ڇوته ڪامريڊ ثقافت کاتي وارن کي چيو هيو ته “منهنجي ڪتابن جو ڪارنر لاڙڪاڻو جي لائيبرري ۾ کوليو وڃي ته جيئن هن شهر جي ايندڙ نسل منهنجي محنت مان مستفيد ٿئي”. ان لاءِ شام جو چئي پنجين وڳي ڌاري جڏهن ڪامريڊ حسب دستور اوطاق ۾ رکيل ٻن ننڍڙين کٽن منجهان هڪ تي سمهي کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا ته مون ان اڻ لکيل شيلف مان ٽي چار سئو ناياب ڪتابون ڪڍي اوطاق جي اولهه ۾ واقع ننڍڙي ڪمري ۾ پيل بيڊ ۽ صوفن جي هيٺان رکي ڇڏيون ته بعد ۾ اتان کڻي وٺندس. ان وقت مان ڪنهن ڪم ڪار سانگي شهر نڪري ويم. رات جو ڪامريڊ جي گهر واپس پڄي ڏٺم شيلف خالي لڳا پيا هئا ۽ ڪامريڊ صوفي تي اداس لڳو ويٺو هيو مون کي ڏسندي ٻڌائيائين ته “مالڪن گاڏي موڪلي هئي ڪتاب کڻائي ويا”. مون پنهنجي تسلي لاءِ صوفن جا اڇا ڪور مٿي ڪري هيٺان ڏٺو ته هائو ٻيلي ڪتاب موجود هئا جيڪي اتان ڪڍي مون صوفن تي رکڻ شروع ڪيا ته ڪامريڊ حيرت مان تمبيهي انداز ۾ چيو. “موريا هي ڇا ڪيو اٿئي، هنن کي خبر پوي ها ته مون لاءِ ڇا سوچين ها”. تنهن تي مون کيس عرض ڪيو ته “سائين ڪنهن جي همٿ آهي جو توهان جي صوفن ۽ بيڊ جا ڪور کڻي هيٺان ڏسي ها”. ڪامريڊ ڪاوڙيل انداز ۾ “پر تون مون کان ته پڇين ها”. مان کيس ياد ڏياريو “توهان کان ته پڇيو هيم پر توهان اجازت ئي ڪو نه ڏني هئي”. اهو ٻڌي ڪامريڊ خاموش ٿي ويو پر جهٽ کانپوءِ ٿڌڙي لهجي ۾ پڇيائين “موريا ايترا ڪتاب ڪاڏي ڪندين”. مون ڪتاب هڪ ٻئي مٿان سٿيندي وراڻيو ته “قبله ڪندم وري ڇا پنهنجي لائبريري ۾ وڃي رکندس۽ پيو پڙهندس”. ڪامريڊ منهنجي جواب تي کلندي چيو ته “انهن مان ڪجهه ڪتاب منهنجي هنن خالي شيلفن ۾ رکين ته تنهنجي مرضي”. سندس لهجي تي مون کان کل وهي وئي ۽ سڀئي ڪتابون هڪ شيلف ۾ رکي چار پنج ڪتاب سندس اجازت سان پنهنجي گهر کڻي آيم. ڪامريڊ: “موريا تون ان ڏينهن مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪا ڪسر ڪو نه ڇڏي هئي”. اهو چئي هن کٽ تي پلاسٽڪ جي ٿيلهِي ۾ هڪ فوٽو اسٽيٽ ٿيل ڪجهه پنا مون ڏانهن وڌائيندي چيو ته “هي ان مئگزين جو نمونو آهي جيڪو مان شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ دوران ڪڍندو هيم. ان جي هڪ ڪاپي انهن مون ڏانهن موڪلي ڏني آهي”. سوال: ڇا توهان جو شانتي نڪيتن وارن سان اڃان به رابطو آهي”. مون اهي ڪاغذ پلاسٽڪ جي ٿيلهِي مان ٻاهر ڪڍندي کانئس پڇيو. ڪامريڊ: “انهن سان رابطو ڪو نه آهي پر ٿيو ائين جو منهنجو دوست ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جو ڊاڪٽر جبار شانتي نڪيتن گهمڻ ويا هئا. تن اتي منتظمن کي ٻڌايو ته “اسان جوهڪ هندو سنڌي دوست 1941ع ۾ هتان گريجوئيشن ڪري ويو هيو سو اڃا تائين جيئرو آهي”. منتظمن حيران ٿي ان سال جا رجسٽر کولرايا ۽ اتي منهنجو نالو موجود ڏسي انهن تحفي طور مون ڏي هي ميگزين، انگريزي ۽ بنگالي ۾ لکيل گيتا انجلي به موڪلي هئي”. سوال: گيتا انجلي تي ئي ٽيگور کي ادب جو نوبل انعام مليو”. ڪامريڊ: “جي ها”. سوال. “پر سائين کيس اهو انعام ڪيئن مليو هيو جو اسٽاڪ هوم ڪميٽي ۾ ته بنگالي، هندي يا اردوزبان ۾ لکيل ڪتاب قابل قبول نه هوندا آهن”. ڪامريڊ: “گيتا انجلي جو انگريزي ۾ ترجمو آئرلينڊ جي هڪ شاعرڪيو هيو”. سوال: “کيس اهو انعام ڪڏهن مليو هيو”. ڪامريڊ: “بالشويڪ انقلاب کان 4 سال پوءِ 1913ع ۾”. سوال: “توهان ڪڏهن ڪاري پاڻي ويا آهيوجتي سياسي اڳواڻن ۽ باغين کي سزا ڏني ويندي هئي”؟. ڪامريڊ : “مان ته ڪونه ويو آهيان ڪڏهن به پر منهنجا گهڻا ڪامريڊ اتي رهيا هئا. دراصل ڪنهن دور ۾ انڊومانِ ۽ نڪوبار نالي اهي ٻه جزيره هوندا هئا جن کي ڪارو پاڻي چوندا هئا. متحده بنگال جي چيف منسٽر فضل الحق 1935ع ۾ جڏهن سڌارا آندا ته هن شانتي نڪيتن جي ويجهو ڪاري پاڻي جي سزا ڪٽيندڙ تمام قيدين کي گهرائي انهن مان بنگالين کي بنگال موڪليو ۽ باقي ٻين قيدين کي بلڪپورڳوٺ ۾ ڪئمپين جهڙا جهوپڙا ٺهرائي رهائش ڏئي کين حڪم ڪيو ته “سمورو ڏينهن گهمن ڦرن، يا کائن، پيئن، ڪمائن پر رات پئي واپس ڪئمپن ۾ هليا اچن”. سوال: توهان انڊيا به ايندا ويندا رهندا آهيو ڪڏهن پاڪستاني هئڻ ناطي توهان لاءِ اتي گهمڻ ڦرڻ جو مسئلو نه ٿيندو آ؟”. ڪامريڊ: مون کي اتي ڪو خاص مسئلو ڪو نه ٿيندو آهي ڇو ته اندر ڪمار گجرال جهڙا اتي کوڙ دوست آهن جيڪي اڳواٽ ئي ادارن کي منهنجي سفارش ڇڏيندا آهن”. سوال: انڊيا ۾ توهان جون گهڻو تڻو ڪهڙيون مصروفيتيون هونديون آهن” ڪامريڊ: مان اتي مٽن مائٽن ۽ دوستن احبابن سان ملڻ ڪرڻ کان علاوه گهمندو ڦرندو آهيان. سنڌي، بنگالي ۽ هندي زبانن ۾ ليڪچر به ڏيندو آهيان. سوال: ڇا اتي سنڌي آباديون به مستحڪم آهن؟ ڪامريڊ؛ ناگپور ۾ ته سنڌي تمام گهڻا آهن، اتي سنڌي ۽ هندي زبانون ڳالهيون وينديون آهن پر سنڌي اتان جي پسنديده زبان آهي ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته رياست طرفان زور هئڻ ڪري گهڻو تڻو هندي ڳالهائي ويندي آهي. توڙي جو اتي اسڪرپٽ به هندي وارو هلندو آهي پر سڀ کان گهڻيون ڪتابون سنڌي ۾ ڇپيون آهن. موريا منهنجو مجسمو جيڪو حفيظ قاسماڻي ٺاهيو هو ان جي نڪ ۽ مٿي ۾ ٿورڙا ڏار ٿي پيا آهن ڪو ماڻهو سجهئي جيڪو اهو ٺيڪ ڪري ڏئي”. ان وقت ڪامريڊ جو پٽ نرمل ڪمري ۾ آيو جنهن سان مون کي حال احوال ڪندي ڏسي ڪامريڊ موقعي جو فائدو وٺي چيلهه سڌي ڪرڻ جو چئي سمهي پيو ۽ ڪجهه منٽن ۾کونگهرا به هڻڻ شروع ڪيائين. جنهن سان مون ڀانئيو ته هزار دنياوي پيڙائن ۽ پريشانين جي باوجود هي نجابي شخص قلبي سڪون ۽ روحاني سرور جي دولت سان مالامال آهي. جيڪڏهن هن پنهنجو پاڻ بي ضميرن هٿن ۾ وڪيو هجي ها ته ساڙولي عمر جي هن دردناڪ حصي ۾ چند لمحن اندر کيس ننڍ ڪٿي اچي ها. ڪامريڊ هيو ئي اهڙو مٽيءَ، گاهه ۽ ماڻهن جي ويجهو رهڻ وارو گنگاجرجکروجيڪو هن وقت توڙي جو اسان جي وچ ۾ موجود ڪو نه آهي پر هو مهين جو دڙو جي جڳت ڄڻڻي جي محبوب مهامنت جيان انسان جي انقلابي جدوجهد، اورچائي، انسان دوستي ۽ دائمي بقا جي اهڙي علامت بڻجي چڪو آهي جنهن جي آڏو زندگي ڀر وقت، حالات ۽ رياست جي سگهاري سورمن کي به سندس گوڏن هٿ رکي آشيرواد وٺندي ڏٺوويو. سنڌ جي هن سورهيه مشائخ ۽ سچ جي سرمنڊل جي سموري جدوجهد گواهه آهي ته هو ڪل وقتي جوڌو جنم ڀرت کان اگني وهنجي مٽيءَ واس وٺڻ تائين نه ڪڏهن پنهنجي مقصد تان هٽيو، نه جابر قوتن اڳيان جهڪيو، نه ڪڏهن شڪست کاڌائين، نه پوئتي ڀرڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن گوڏا کوڙيا پر حياتي جي هر ويل مخلوق کي آزاريندڙ آنڌين خلاف جهيڙيندڙ، اڏول، قدآور ۽ فاتح رهيو. سدائين رڪابين پير رکڻ واري هن جسکري خلاف حضوري حج نه ڪرڻ جي پاداش ۾ٺڳي جا ٺاهه ٺاهيندڙ رياستي جوڪرن کٺناين جا اڱڻئين اوتارا ٺاهي اڳرايون، جلدايون ۽ سختيون جوٽيون پر هن حبيبن هيڪاندي لاهري حق گهٽيون ڇڏيون نه کيس ڪڏهن ٿڪجي ويهندي ڏٺو ويو پر هن سدائين ڪانئرن جي ڪنن ۾ واڄٽن جيان وڄندي سرير جاسانگ پورا ڪيا. شيخ اياز جي ڪامريڊ متعلق هيءَ راءِ ڪيتري نه ٺهڪندڙته “سوڀو گيانچنداڻي جهڙي آزاد طبيعت ۽ گهري صداقت مون ڪنهن ماءُ جي لعل ۾ ڪونه ڏٺي. ڄڻ ته هو هڪ اونچو پهاڙ آهي جيڪو هر طوفان ۾ ثابت قدم بيٺو آهي. واگهه جا جيڪڏهن ڏنڊ ڪڍيا وڃن ۽ ننهن اڊيڙِيا وڃن تڏهن به واگهه واگهه ئي رهندو آهي، جنهن جي هيبت هاٿيءَ جي دل کي به ڪوئو بڻائي ڇڏيندي آهي”. موت کي سدائين ميڇون ڏيندڙ سنڌ جو سورهيه ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي انسان دوستي، حب الوطني، نظرياتي سياست، آزاد قلم ڪاري، علم ادب پروري ۽ شخصي سچائيءَ جو هڪ اهڙو رفيع الدرجات معيار هيو جنهن جومثال اتهاس کي پنهنجي ئي پنن. زمانن، دورن ۽ اوقاتن ۾ ڳولڻ سان ورلي ڪو ملي سگهي.