ترتيب غلام محمد شاهواڻي وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، اِيُّ وِهائِج وِيُّ، کَٽين جي هارائين، هَنڌُ تنهنجو هِيُّ، پاڻان چُوندئي پِيُ، ڀَرَي جامُ جَنَّتَ جو. تشريح بيت جو موضوع وحدانيت آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته الله سائين هڪ آهي هن جو ڪو به شريڪ ناهي ان سودي کي اختيار ڪر. کٽڻ ۽ هارائڻ جو هي هنڌ( هي زندگي، هي دنيا) آهي (جيڪو بندو وحدانيت واري سودي کي اختيار ڪندو) تنهن کي سڏي ڪري چيو ويندو جنت جو جام ڀري پيءُ. انسان پنهنجي لاءِ ڪي شيون اختيار ڪري ٿو ته ڪي وري ڇڏي ڏيئي ٿو. هي انساني زندگي ڏيڻ وٺڻ، اختيار ڪرڻ ۽ ڇڏڻ واري سودي جي چئوگردي گهمي ڦري ٿي. جيڪا شيءَ انسان پنهنجي لاءِ فائدي مند سمجهي ٿو ان کي اختيار ڪري ٿو جنهن ۾ پنهنجو فائدو نه ڏسندو ان کي اختيار نه ڪندو رهبر لطيف اختيار ڪرڻ ۽ ڇڏڻ واري انساني فطرت کي مدنظر رکندي هن بيت ۾ سمجهاڻي ڏيندي رهبري ڪن ٿا؛ وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، اِيُّ وِهائِج وِيُّ، الله تعاليٰ هڪ آهي ان جو ڪو به شريڪ ناهي ان حقيقت واري سودي کي اختيار ڪر کَٽين جي هارائين، هَنڌُ تنهنجو هِيُّ، کٽڻ ۽ هارائڻ جو هنڌ هي آهي.(هي زندگي اهو ميدان، اهو هنڌ آهي) جتي انسان کٽي يا هارائي ٿو، جيڪو سودو هتي اختيار ڪندو ان جو ثمر آخرت ۾ ماڻيندو.) ٽئين سٽ ۾ رهبر لطيف پهرين ۽ ٻئي لائين ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان جو نتيجو بيان ڪيو آهي. پهرين سٽ ۾ رهبر لطيف وحدانيت واري سودي کي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني ٻئين سٽ ۾ چيو ته کٽڻ هارائڻ هتي آهي هاڻ آخري سٽ ۾ نتيجو آهي. جنهن به وحدانيت واري سودي کي اختيار ڪيو تنهن لاءِ هي ثمر هوندو ته پاڻان چُوندئي پِيُ، ڀَرَي جامُ جَنَّتَ جو. هن کي پڪاري، سڏي جنت جو جام پيش ڪيو ويندو. سٽ وار تفصيل پهرين سٽ لفظ (7) و،ح،د،ه،ل،ا،ش،ر،ي،ئ،ج- اکر (11) ورجاءُ سان ٽوٽل (20) ٻئين سٽ ۾لفظ (6) ک،ٽ،ن،ڌ- نوان اکر (4) ورجاءُ سان ٽوٽل (24) ٽئين سٽ ۾لفظ (7) پ،ڻ،چ،ڀ،ت نوان اکر (5) ورجاءُ سان ٽوٽل (22) بيت ۾ آيل اکرن جي ورجاءُ جي نشاندهي و5،ح1،د2،ه6،ل2،ا8،ش1،ر3،ي10،ء3،ج6،ک1،ٽ1،ن8،ڌ1،پ2،ڻ1،چ1،ڀ1،ت2ـ 66 بيت ۾ آيل اکر ترتيب وار 1) ء 2) ا 3) ڀ 4) پ 5) ت 6) ٽ 7) ج 8) چ 9) ح 10) د 11) ڌ 12) ر 13) ش 14) ک 15) ل 16) ن 17) ڻ 18) و 19) ه 20) ي نقطن وارا اکر 11 بغير نقطن وارا اکر 9 بيت ۾ آيل لفظ سٽ وار پهرين سٽ 1) وَحۡدَهُ 2) لَا 3) شَرِيۡڪَ 4) لَہُ 5) اِيُّ 6) وِهائِج 7) وِيُّ ٻئين سٽ 8) کَٽين 9) جي 10) هارائين، 11) هَنڌُ 12) تنهنجو 13) هِيُّ ٽئين سٽ 14) پاڻان 15) چُوندئي 16) پِيُ، 17) ڀَرَي 18) جامُ 19) جَنَّتَ 20) جو بيت جي شمارياتي سمري سٽون 3 لفظ 20 اکر 20 ورجاءُ سان ٽوٽل اکر 66 تحقيق، ترتيب، تشريح، تحريرـ صراط بلوچ