• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چاهه مٿي چاري (نظم )

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
چاهه مٿي چاري (نظم )
نوراحمد جنجهي
ڪوئي لنگهه نه خالي آهي
چوڏس ويٺا چاري آهن
روڪن ٿا توکي مونکي
اهڙا اتياچاري آهن
گهڙي دليل اُڌارا
پکيڙي پلپل گمراهي
ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي
پيار کي چاڙهيون ڦاهي
لاڳاپا سڀ لاهي
اچ هلون ڏيهه اهڙي
ڪونه پُڇي ذات جتي
ڪين ڏسون ههڙي تهڙي
ٿا ڏسون جي هُتي ، هِتي
پاپ نگر جي پل نه هجي
دل وارن ۾ ڪا دوري نه هجي
ڪنهن جي ڪا جي حضوري نه هجي
ڪوئي ڊڄ ۽ ڊاو نه هجي
ڪوئي ڀيد ۽ ڀاو نه هجي
آزاد رهون آزاد جيئون
آباد رهون شاد جيئون
 
Back
Top