سنڌي ٻولي ( ان جي بقا ۽ بچاءُ ) علامه آء آء قاضي رح هن کان اڳ مون برادران وطن جي آڏو، هن نڪتي کي بار بار پي دهرايو آهي ته هر ٻيءِ شيءِ وانگر ٻولي جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو ۽ ان جي تباهي به فطرت جي قانون مطابق آهي. ان حقيقت لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ثابتيءَ جي ضرورت آهي ته پوءِ قرآن حڪيم جا هي الفاظ هڪ قطعي ثبوت سمجهڻ گهجن ته ”لکل امته اجل، اذاجاء اجهلم فلايستاخرون ساعته ولا يستقدمون“ (هر ڪنهن قوم لاءِ هڪ مقرر وقت آهي، جڏهن سندن اهو وقت اچي ٿو تڏهن نڪي هڪ گهڙي دير ڪن ٿيون نڪي جلدي) هر شيءِ جي بقا جو دارومدار ان جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آهي. يعني ته هن ڳالهه تي آهي ته ان ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل باقي ڪيتري قدر وڃي رهيو آهي، ڪنهن به شيءِ ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوت باقي نه رهي آهي ته اها زندهه رهي نه ٿي سگهي. بس يا واڌارو آهي يا موت. زبان جو مسئلو سماجي شعور تي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته جيستائين هڪ کان زياده ماڻهو نه هوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگهندي. ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اسرڻ لاءِ سماج جو هجڻ ضروري آهي، فقط هڪ ماڻهوءَ جي وس کان هيءَ ڳالهه ٻاهر آهي: انسان فطري طور ”سماجي“ آهي، ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي، هو ”انسان“ بڻجي نٿو سگهي. بقول قرآن حڪيم ”خلق الانسان علمه البيان“ اجتماعي زندگيءَ جي هيءَ فطري تقاضا آهي، ته اسان کي بيان جي قوت هجي، ڇاڪاڻ ته تبادلئه خيالات هڪ لازمي ضرورت آهي، انهيءَ ڪري قوم جي اجتماعي زندگيءَ ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي يا ان کي ترقي وٺائي ٿي ۽ ان کي باقي رکي ٿي، جيڪڏهن اهي ضرورتون باقي نٿيون رهن ته ٻوليءَ جو باقي رهڻ به بي معنيٰ آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه ٺهڻ ۾ لڳا آهن، ان جي تشڪيل ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾ ٿي، جو اقتصادي لحاظ کان ٻاهر جو محتاج نه هو ۽ هتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود هتي جي باشندن جي هٿان پوريون ٿي ٿيون، مثلن دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپهه پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا ته ڪي ڪڻڪ اپائين ٿا، مگر سنڌ اهي سڀئي اپائي ٿي، انهي ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ مڪمل ۽ خود ڪفيل ڀاڱو ٿي رهي آهي. تقريباٌ تيرنهن سئو سال اڳ سنڌ کي تهذيب ۽ تمدن جو تڪميلي پيغام ٻاهران پهتو، جنهن کي هن ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو ۽ ان جو ڦل حاصل ڪيو، اهو سڀ ڪجهه سنڌ اهڙي ته خوش اسلوبيءَ سان ڪيو، جنهن جو مثال هتي جو ٻيو ڪو صوبو پيش ئي نٿو ڪري ته ٻئي طرف سنڌي ٻولي جا هزارين پهاڪا آهن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل آهي ۽ جي دنيا جي مهذب ترين ٻولي جي پهاڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي درجو رکن ٿا. تقريباٌ ڏيڍ سئو سال اڳ سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا هر خيال کان دنيا ۾ برک هئا، وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر، جا ماهر ۽ لغت نويس هن ننڍڙي ايراضيءَ مان طلب ڪيا ويندا هئا. فقط پوين ڏيڍ سئو سالن ۾ ئي ڌارين جي غلاميءَ سببان سنڌ جي ترقي ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي اهو اوهان جي همت ۽ حوصلي تي منحصر آهي، جو اوهان سنڌ جي زندگيءَ ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو ۽ سنڌ جي باشندن ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انهيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کانسواءِ ڪنهن به قوم يا ٻولي جو اسرڻ محال آهي، سنڌي ٻولي جي بقا ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي، ڀائرو! سنڌي ٻولي فقط ايستائين زندهه رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زندهه آهيو ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو، حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زندهه ناهي، مگر اهي جي ٻه سئو ورهيه اڳ جيئرا هئا ۽ تن خاطر پئي پساهه کڻي، سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي ۽ اسان جي عمل ڪري، جڏهن اوهان پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ تخليقي قوتن ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جامد جسم بڻجي ويندا، تڏهن فطرت جي قانون مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي، ڪوبه سياستدان يا داناءُ انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي.“ فبعد اللقوم الظالمين!“ شل ڌڻي تعاليٰ اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري. (آمين) (مهراڻ- 2/1965ع)