توسان ڳالھيون (نظم) نوراحمد جنجهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    رات اسان اونداهي ۾
    پاڻ سان پئي ڳالهايو
    يا توساڻ پئي ڳالهايو
    ڳالهيون اهڙيون ڳوڙھيون
    جن جو نه ڪوئي منڍ ھو
    نه ڪائي پڄاڻي هئي
    نه ڪو لفظ تن ۾
    نه ڪو ٻول واڻي هئي
    ڳالهيون جن کي
    لباس سانت جو هو پاتل
    ڄڻ هجي لباس تقوا جو
    ويس نه جنهن جهڙو ڪوئي.
    جڳ پاتا آھن
    لباس ڪيئي
    روپ ٻھروپ جا
    انهن روپن ڪروپن مان
    ڪرتوت ڪارا
    بَکن ٿا
    بُکئي روپ ۾
    ڌن جي ڊوڙ ۾
    جنس جي جهوت ۾
    مشھوري جي موت ۾
    نه انت جنهن اُليء جو
    ڀل ته دنيا ڊوڙي
    ۽ پاڻ پتوڙي
    هٿ نه ڪي اچڻو آھي
    سنسار مسافرخانو آھي
    جنهن ۾ جيڪو آيو آھي تنهنکي مليل وقت گذاري
    هتان هليو وڃڻو آھي
    جڳ جون جهوتون جوٺيون آھن
    لالچ لوڀ مان جيڪي سرجيون آھن
    سموري ڪهاڻي سڃ ۾ رڙ آھي
    اڪٿ ڪهاڻي رڃ ۾ رڙ آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو