ڪوبه ايندو نه ريگزارن ۾ ...! نوراحمد جنجهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سنڌي شاعري ، لوڪ شاعريءَ جي نياڻ مان نڪري ڪلاسيڪي شاعريءَ جي دور تي مهر هڻندي ، موجوده وقت جي نت نئين شاعريءَ سان ڪلهو هڻي اچي بيٺي آهي. انهي عرصي ۾ ڪيترائي اثر سنڌي شاعريءَ قبوليا آهن ته موٽ ۾ ڪيترن کي متاثر به ڪيو آهي. نت نيون صنفون ۽ گهاڙيٽا سنڌي شاعريءَ جي ڦُلواڙيءَ جي زينت به بنيا جن مان اهي گهاڙيٽا جيڪي سنڌي مزاج کي ويجهو نه هئا سي اڃا تائين پير ڄمائي نه سگهيا آهن جيتوڻيڪ اهڙن گهاڙيٽن مان نظم ۽ غزل سنڌي شاعريءَ ۾ موچاري جاءِ ٺاهي آهي. سنڌي غزل جي ٻن ناميارن شاعرن ولي محمد وفا پلي ۽ وفا ناٿن شاهيءَ جي غزلن سنڌي شاعريءَ جي سندرتا ۾ واڌارو ڪيو آهي. سندن ٻولي ، اسلوب توڙي مضمون دل کي ڇهندڙ آهن تنهنڪري ٻنهي مانوارن شاعرن جو غزل مشاعري توڙي محفلن ۾ مقبول رهيو آهي. ولي محمد وفا هن ئي مهيني يعني اپريل جي ارڙهين تاريخ تي اڄ کان ٻه سال اڳ ( 2019ع ۾ )دنيا ڇڏي پر پنهنجي پويان خوبصورت شاعري ۽ باوقار ادبي روايتون ڇڏي ، سنڌي ادب جي دنيا کي مالا مال ڪري ويو آهي.
    ولي محمد پلي ناري جي نواب گهراڻي ۾ خانصاحب عطا محمد پليءَ جي گهر ۾ 7 ڊسمبر 1944ع تي اک کولي. خانصاحب عطا محمد سخاوت جي ڪري ”عطائي پلي “ جي لقب سان مشهور ٿيو ته ولي محمد شاعريءَ جي دنيا ۾ آبدار موتين جهڙا غزل تخليق ڪري ”وفا پلي“ جي نالي سان نامکاريو ويو. هو پنهنجي ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. سندس ڀائر عبدالڪريم پلي ۽ راڄ محمد جمال پلي به سنڌي ادب جي ميدان جا نامور نالا آهن جن مان عبدالڪريم پلي مرحوم سياست ۾ به سرگرم حصو ورتو ۽ پنهنجي علائقي مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. سندس ڪافيون سنڌي شاعري جو املهه ورثو آهي .سندس ٻئي ڀاءُ راڄ محمد جمال جو نثر ”لطيف ادب “ جي خاني ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. اهڙو پراثر نثران دور ۾ ٻئي ڪنهن شايد ئي لکيو هجي. جيتوڻيڪ هن کي زندگيءَ ٿوري مهلت ڏني ۽ ٿورو نثر لکي سگهيو آهي پر نموني طور سندس صوفي صادق فقير سومري بابت لکيل مهراڻ ۾ ڇپيل تحقيقي مضمون ڪنهن ڊاڪٽوريٽ جي مقالي کان به گهڻو مٿاهون آهي. اهڙي طرح هن گهراڻي سنڌي ادب ، ثقافت ، راڳداري ۽ سخاوت جي ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
    ولي محمد وفا پلي شاعريءَ ۾ غزل جي دنيا کي سهڻي نموني آباد ڪيو ۽ سندس ڪتابن ۾ ”لنئون لنئون منجهه لغار“ ۽ ”درد هزارين هڪڙي دل “ جهڙا خوبصورت مجموعا شامل آهن. وفا جي طبيعت ۾ نفاست ۽ وضعداري به اُتم درجي هوندي هئي ته ان سان گڏوگڏ هو ظريف پڻ هو. محفل ۾ جملو چئي ، ڪچهريءَ کي سڳنڌي ڇڏيندو هو.سندس شاعري مختلف صنفن ۾ آهي پر وفا جو غزل پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس غزل ۾ اعلى درجي جو تغزل ۽ منڊيءَ تي ٽڪ جهڙي ٻولي ، ان کي وڌيڪ سندر ۽ نيارو ڪري نروار ڪن ٿيون. هن کي مشاعرن ۾ به اڪير سان ڪوٺ ڏني ويندي هئي ته ڳائڻن به سندس غزل کي ڀرپور انداز سان ڳايو آهي جن ۾ سينگار علي سليم ، عابده پروين، شفيع فقير، رفيق فقير ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن. سندس شاعري جي موضوعن ۾ عشق ، هجر، زماني جي بي ثباتي ۽ زندگيءَ جي تلخين جو سواد ملي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ درد به آهي ته دنيا جي دوکي جي جهلڪ پڻ . هڪ حساس دل هئڻ ناتي هن زندگيءَ ۾ جيڪو ڀوڳيو ۽ محسوس ڪيو سو هن انتهائي باوقار انداز ۾ ادبي لفظن ۾ موتين جهڙن شعرن جي روپ ۾ امرت ڪري اوتيو آهي. زماني جي بي ثباتيءَ جي ڪوڙاڻ کي امرت جو روپ ڏيندڙ ولي محمد وفا حساس ته هونئن هو پر جڏهن سندس ٻئي وڏا ڀائر ... عبدالڪريم ۽ راڄ محمد ... سندس سامهون هي دنيا ڇڏي هليا ويا ته هو درد جي وڏي طوفان ۾ گهيرجي ، مايوسين جو شڪار ٿي پيو ۽ اڪيلائي سان پنهنجو درد اورڻ لڳو. ٽنهي ڀائرن ۾ رت جي رشتي سان گڏوگڏ ادبي انسيت وارو هڪڙو دوستاڻو ناتو هو جنهن کي نباهيندي اهي هڪٻئي سان پنهنجي تخليقي وٿن کي ونڊيندا ورڇيندا هئا پر جڏهن انهي ميدان ۾ اڪيلائي ٿي ته ولي محمد وفا جو جيءُ صفا جهري پيو.محفلن جا مور منهن مٽي ويا ته محفلون به ويران ٿي ويون.
    ولي محمد وفا جي شاعريءَ جي ڳايل اسمن مان ”ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي “ ۽ ”تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو “ سموري سنڌي سماج ۾ مقبول ٿيا. انهن غزلن جا جهڙا ٻول آهن تهڙوئي آهنگ فنڪارن ڏنو. ڪنهن مشتاق پاران محبوب جي ديد سارڻ جي خوبصورت منظرنگاري ، سا به غزل جهڙي ٽپڪيون ڏيندڙ صنف ۾ ، واقعي تحسين لائق آهي؛
    تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو
    آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو
    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو
    ڪا تمنا ڪا آرزو ڪونهي
    زندگي ايئن به ڪو گذاري ٿو
    ڪوبه ايندو نه ريگزارن ۾
    راه ڪنهن جي وفا نهاري ٿو
    مايوسي جي انتهائن مان رچي نڪتل هن تخليق جي اثرانگيزيءَ کان ڪوئي انڪار نٿو ڪري سگهي. مشتاق پاران ديد سارڻ يادگيريءَ جي ياوريءَ کي سهڻي ڍنگ سان بيان ڪيو ويو آهي. وڇوڙي جي موت جي اها منظر ڪشي وڇوڙي جي هڪڙي جيئري جاڳندي ۽ محسوس ٿيندڙ روپ کي محسوس ڪرائي ٿي. مرزا غالب چواڻي واري ڪيفيت ” روئينگي هم هزار بار کوئي همين ستائي ڪيون“ وفا جي زندگيءَ ۾ جڏهن اچي ٿي ته هو وقت وارن جا وار ته سهي ٿو وڃي پر کيس دوستن جو سلوڪ ماري ٿو يعني هو منصور وانگر شبليءَ جي گلن تي رڙ ڪري ٿو. اهڙين حالتن کانپوءِ هو نراسائي جي مٿاهين ڪيفيت کان به اڳتي وڌي ٿو جتي درد به دوا ٿي پوندو آهي. کيس ڪائي تمنا به ناهي ته ڪنهن آرزوءَ جو آرزومند به ناهي . زندگيءَ جي مايوسين ڀريل ڪيفيتن کي اظهاريندي هو ذهين شاه تاجيءَ وانگر ” تمنا هي ڪه آزاد تمنا رهون “ کان به ڪجهه وکون اڳڀرو وڃي ٿو ۽ غزل جي نالي واري بند ۾ پنهجي ديد سارڻ واري عمل جو جواب به پاڻ ڏئي ٿو ته ريگزارن ۾ ڪوئي نه ايندو. وفا راه ڪنهنجي نهاري ٿو. اهڙي محسوسات جو درد وفا نه رڳو سمجهيو ، محسوس ڪيو پر خيالن جي شڪلين کي لفظن وسيلي اظهاري ڏيکاريو. تصور جي سچائي کي ايئن بيان ڪرڻ وفا جي شاعريءَ جو اهم گڻ آهي.
    سينگار علي سليم جي پرسوز آواز ”ڪڏهن تنهنجي وارن “ جي ٻولن کي رات جي پراسراريت جي تاثر ۾ رڱي پيش ڪيو آهي. انهي غزل جا ڪجهه بند هن ريت آهن ؛
    ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي
    ڪڏهن محب ملندين ، ملاقات ٿيندي
    نه تون ويڙهه وارن کي رخ تي رهڻ ڏي
    نه ئي رات رڙهندي نه پرڀات ٿيندي
    نه هئي آس ايئن ڪا پرين اوچتوئي
    سر رهگذر پڻ ملاقات ٿيندي
    وفا ڄاڻ اڳ ۾ نه هرگز هئي سون
    وڇوڙي ۾ ورهين جي هڪ رات ٿيندي
    شاعر رات کي محبوب جي زلفن سان سلهاڙي ٿو جيڪا غزليه شاعريءَ جي روايتي ڀيٽ آهي پر وفا انهي ورجاءَ کي تغزل جي ڇهاءَ سان نئون رخ ڏيئي ڇڏيو آهي. کيس محبوب جو اوچتو واٽ ويندي ملڻ به ڇرڪائي ٿو . هو انهي ڇرڪ کي به غالب وانگر اظهاري ٿو ته ”زندگي يونهي گذر جاتي ، ڪيون تيرا رهگذر ياد آيا“. اهڙي طرح هو نفيس خيالن کي خوبصورت لفظن جي مالها ۾ پوئيندو ، موتين مالها آڇيندو هلي ٿو.
    پيار جي انهي پنڌ ۾ وفا پنهنجي واٽ وٺندي ، دنيا جي رسمن رواجن کان هٽي ڳالهه ڪري ٿو جيئن شاه سائين فرمائي ٿو ته ”مون سان هلي سا ، جا جيءُ مٺو نه ڪري“. وفا پنهنجي پيار کي سگهارو ڪوٺيندي ، چوي ٿو ته سندس پيار کي وسارڻ ممڪن ناهي. جڏهن به سندس پيار جو ذڪر ٿيندو ته لڙڪ لڙي پوندا ۽ اکيون شاهدي ڏينديون ته پيار ڪيترو نه سگهارو آهي. سندس هڪ غزل جا ڪجهه بند هن ريت آهن؛
    پرين پيار پنهنجو ڀُلائي نه سگهندين
    لڙي لڙڪ پوندئي لنوائي نه سگهندين
    تون رسمن رواجن جو پابند ٿيندين
    ملين ڀي ڪٿي مسڪرائي نه سگهندين
    سندم راهون ڏاڍيون ڪي پرخار آهن
    وري وڃ ”وفا“ نينهن نڀائي نه سگهندين
    هو پنهنجي راهن کي پر خار راهون سڏي ٿو جن تي ساڻس گڏ هلڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ولي محمد وفا جي شاعري ڳوڙهي اڀياس جي گهرجائو آهي ۽ سندس ڪلام توڙي زندگيءَ تي ڊاڪٽوريٽ جي سطح جو تحقيق اڀياسي ڪم ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ وفا جي حياتي ، وفا جي دور جو ادبي پس منظر ۽ وفا جي شاعريءَ جو اڀياس مُک موضوع ٿي سگهن ٿا. سندس شاعريءَ جي شاعراڻي هنرمندي ۽ خيال جي گيرائي ۽ گهرائي به انهي اڀياس جو اهم حصو ٿي سگهن ٿيون.
    روزاني سنڌ ايڪسپريس 21 اپريل 2021
     
    باغي راشد ڪوٽڙيو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
  3. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.
     
  4. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو

هن صفحي کي مشهور ڪريو