صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
پکي روح آهي، اڏامي سگهان ٿو،
ڏيئو تون چوين ٿي وسامي سگهان ٿو.
انا ڀي ناهي، وڏائي نه مون سان،
ته بڻجي مان شاعر عوامي سگهان ٿو،
ٻه ڳوڙها اکين ۾، ٿڌا ساه ڀريان،
اوهان جي سڃاڻي سلامي سگهان ٿو.
وڇوڙن جو گهليو آهي وآء جاني،
چٽي ڳالھ آھي اجهامي سگهان ٿو.
اڃان ظرف آهي ضميرن جي جڳ ۾،
نه هرگز ڪٿي مان وڪامي سگهان ٿو.
اڃان جوش آهي ۽جذبا جيئن ٿا،
اڃان آسرو رک اڀامي سگهان ٿو.
وفا ڀي اوهان ۾، ۽حاڪم اوهان جو،
اوهان مان ڪڍي مان نه خامي سگهان ٿو.
پکي روح آهي، اڏامي سگهان ٿو،
ڏيئو تون چوين ٿي وسامي سگهان ٿو.
انا ڀي ناهي، وڏائي نه مون سان،
ته بڻجي مان شاعر عوامي سگهان ٿو،
ٻه ڳوڙها اکين ۾، ٿڌا ساه ڀريان،
اوهان جي سڃاڻي سلامي سگهان ٿو.
وڇوڙن جو گهليو آهي وآء جاني،
چٽي ڳالھ آھي اجهامي سگهان ٿو.
اڃان ظرف آهي ضميرن جي جڳ ۾،
نه هرگز ڪٿي مان وڪامي سگهان ٿو.
اڃان جوش آهي ۽جذبا جيئن ٿا،
اڃان آسرو رک اڀامي سگهان ٿو.
وفا ڀي اوهان ۾، ۽حاڪم اوهان جو،
اوهان مان ڪڍي مان نه خامي سگهان ٿو.