فلسفي جو تعارف راشد دائودپوٽو چيو وڃي ٿو ته فلسفي جي شروعات تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن کان انسان سوچڻ شروع ڪيو. انسان جيڪي پهريون سوال پڇيو ، اهو فلسفي جي دائري ۾ اچي ٿو. جيئن فزڪس جي علم کي سڀني سائنسي علمن جي ماءُ ڪوٺيو وڃي ٿو، تيئن ئي فلسفي کي وري سڀني علمن جي ماءُ ڪوٺيو وڃي ٿو. فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن فلو (Phileo) ۽ سوفيا (Sophia) جو ميلاپ آهي. فليو= پيار ڪرڻ Phileo-to love)) ۽ سوفيا معنيٰ ڏاهپ – يعني ڏاهپ سان پيار ڪرڻ. لفظ فلسفي (Philosopher) پهريون دفعو پئٿا غورث استعمال ڪيو. فلسفي لفظ جي شروعات جي به دلچسپ ڪهاڻي آهي. يونان ۾ ست ڏاها هئا، ان جو مطلب اهو نه آهي، ته يونان ۾ هئا ئي ست ڏاها پر ستن ماڻهن کي ڏاهي (Wiseman) لقب مليل هو، جنهن ۾ يونان جو پهريون فلسفي ٿاليس (Thales) پڻ شامل آهي. پئٿا غورث ڏٺو ته جن ماڻهن کي ڏاهو سڏيو ويو آهي انهن جون چيل ڪيتريون ئي ڳالهيون غلط ثابت ٿيون آهن. جيڪڏهن اهي ڏاها هجن ها، ته سندن ڪيل ڳالهيون غلط ثابت نه ٿين ها. پئٿا غورث ڏٺو ته سندن علم ايترو ناهي جو هو پنهنجو پاڻ کي ڏاهو سڏي، تنهن ڪري پئٿا غورث چيو ته آءُ ڏاهو ۽ عالم ناهيان، پر علم سان چاهه رکندڙ آهيان، ڏاهپ سان پيار ڪندڙ آهيان، ( I am a philosopher) يعني آءُ فلسفي آهيان.“ فلسفي جي وصف بابت گھڻا موقف آهن. جهڙوڪ؛ ڪائنات شناسي ۽ خود شناسيءَ جو نالو فلسفو آهي. فلسفو ڪائنات بابت نڪتئه نظر جو نالو آهي. پر جنهن وصف تي تمام گھڻا ماڻهو سهمت آهن. اها وصف هيءَ آهي ته ڪائنات جي آفاقي قانون جي ڄاڻ، ڳولا ۽ اڀياس کي فلسفو چئجي ٿو. اهي آفاقي قانون جيڪي هڪ ئي وقت فطرت، انساني سماج ۽ انساني غور ۽ فڪر تي لاڳو ٿين. فلسفي بابت عام طرح منفي راءِ رهي آهي. ان جو سبب ڪجھه فلسفين جي زندگي گذارڻ جو طريقيڪار پڻ آهي، پر گھڻي قدر حڪمران طبقن ۽ مذهبي پنڊتن طرفان منفي راءِ هلايل آهي، فلسفو هر دؤر هر قسم جو مروج پڻي (Status Quo) کي چئلينج ڪندڙ رهيو آهي؛ پوءِ ڀلي اهو اسٽيٽسڪو سياست جو هجي، سائنس يا مذهب جو هجي. تاريخ جي هر دؤر ۾ جنهن به مروج ريتن رسمن، عقيدن، مروج طريقن جي خلاف ڳالهايو آهي، ان هميشه دشمنيون پرايون آهن. فلسفو ماڻهو کي طاقت ٿو ڏئي جنهن جي بنياد تي ماڻهو زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ سچ ڳالهائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، زندگي سچ لاءِ قربان ڪري ٿو. هڪ حقيقي فلسفي، سچ جي ڳولا ڪرڻ ۽ سچ کي پيش ڪرڻ تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندو آهي. هڪ طرف فلسفيءَ جي ترجيحن ۾ سماجي رتبو، واهه واهه، سٺا ڪپڙا، سٺو کاڌو، پنهنجي ٺاهه ٺوهه ۾ پئسو ڪمائڻ شامل نه هوندو آهي، ٻئي طرف فلسفي ڪنهن به عقيدي جي خلاف اهو ڏسڻ کان سواءِ، تنهن ماڻهوءَ جو رد عمل ڇا هوندو، چئي ڏيندو آهي، نتيجي ۾ ڊيڪارٽ ( Descartes) جيان ربا ( يهودين جي عبادتگاه) مان اهو چئي ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، ته تنهنجو خدا ٻيو ۽ يهودين جو خدا ٻيو آهي. ٽئين طرف فلسفي اها ڳالهه ڪندو آهي، جيڪا ان سماج کان تمام گھڻي مٿانهين هوندي آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ سماج کي به، اڍائي صديون (200-250) سال درڪار هونديون آهن؛ چوٿين طرف فلسفي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي عام فهم نه هوندي آهي بلڪه اها بور ڪندڙ ۽ الجهائيندڙ هوندي آهي. فلسفي ۾ آخر غير عام فهم ٻولي ڇو ٿي استعمال ڪئي وڃي؟ ان جو سبب تاريخي طرح رياستي، مذهبي ۽ سماجي پابنديون رهيون آهن. جنهن جو تفصيلي طرح ذڪر هن ڪتاب ۾ ايندو، هتي فقط ان جو اشارو ڪافي آهي، ته اينگزا غورث تي ملحد هجڻ جو مقدمو هلايو ويو؛ سقراط تي نوجوانن کي بگاڙڻ، قومي خدائن جي خلاف ڳالهائڻ، نوان خدا ٺاهڻ جو الزام هڻي مقدمو هلائي زهر جو پيالو پياريو ويو. پئٿا غورث تي سياسي اثر رسوخ وڌائڻ، رياست تي قبضي ڪرڻ جو الزام هڻي سسلي (Sicyly) مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو؛ سندس شاگردن کي سسلي ۽ اٽليءَ ۾ ساڙيو ويو. افلاطون (Plato) کي غلام ڪري وڪيو ويو، ارسطوءَ تي قومي خدائن جي خلاف ڳالهائڻ جو مقدمو هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نتيجي ۾ فلسفي عام ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ بجاءِ اهڙي ٻولي استعمال ڪن ٿا، جيڪا عام فهم نه هجي، ان قسم جي ٻوليءَ جي شروعات ارسطوءَ کان ٿي، پر اهو چوڻ غلط ٿيندو ته فلسفي جي ٻولي هوندي ئي اهڙي ڏکي ۽ منجهائيندڙ آهي. سقراط جي ٻولي عام فهم هئي، جنهن مان تنهن وقت بازار ۾ آيل واپاري، مزدور ۽ هاري به فيضياب ٿيندا هئا. افلاطون جا ڊائيلاگ اڄ به نئون پڙهندڙ پڙهي لطف وٺي ٿو. ساڳيو ئي اهو فلسفوآهي جنهن کي ڪارل مارڪس مزدورن ۽ هارين جو فلسفو بڻائي ڇڏيو. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ۾ ئي مارڪسي نظريي سان لاڳاپيل پارٽين جي ڪم کان پوءِ صرف الف-ب پڙهيل به اهو چوندي ڏٺا ويا آهن ته ڪائنات جي هر شيءَ ۾ تضاد آهي، ٽڪراءُ آهي، هر شيءَ مسلسل تبديليءَ ۾ آهي. جيئن سائنس ڪنهن ٿيندڙ لقاءُ ۾ اهو جاچيندي آهي ته اهو لقاءُ/ عمل ڪيئن ٿو ٿئي، تيئن فلسفي ڪنهن لقاءُ/ عمل کي ڏسڻ کان پوءِ ڏسيندو آهي ته اهو لقاءُ/ عمل ڇو ٿيو؟ آخر ان جي ٿيڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ سائنس ڪنهن به شيءَ کي حصن ۾ ورهائيندي آهي، جيئن هڪ گل کي پنکڙين، ٻج ۽ ٽاريءَ ۾ جدا جدا ڪري، ان جو تجزيو ڪندي آهي، جيئن ماڻهوءَ کي مختلف نظامن ۾ ورهائيندي آهي، جهڙوڪ؛ هاضمي جو نظام، تنتي سرشتو، نيڪال جو نظام وغيره. پر فلسفو شين کي الڳ الڳ ڪرڻ بجاءِ گڏي ڏسندو آهي. نتيجي ۾ فلسفي کي ڳنڍيندڙ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته سائنس کي ٽوڙيندڙ. فلسفو هر شيءَ تي شڪ ڪرڻ سيکاري ٿو، فلسفو پڇي ٿو، ته هيءَ ڪائنات ائين ڇو آهي؟ انسان ڇو ٿو سوچي؟ هيءَ ڪائنات بي ترتيب آهي يا با ترتيب؟ ڪائنات ۾ قانونيت آهي يا لاقانونيت؟ انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ رشتو ڪهڙو آهي؟ پيار ۽ نفرت ڇا آهي؟ غيرت ڇا آهي؟ خوبصورتي ڇا آهي؟ پيار، نفرت، غيرت ۽ خوبصورتيءَ جا آفاقي قدر ڇا آهن؟ هڪ فلسفياڻو شڪ ماڻهوءَ کي اصل راز ۽ رمزن کان وقف ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. فلسفو ماڻهوءَ کي گھرو بڻائي ڇڏي ٿو. جنهن لاءِ لطيف چيو آهي؛ ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي، تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيهي، پسنداسي ئي، امل اکڙين سين. هڪ فلسفيءَ آڏو دنيا جا جهنجهٽ ڪيئن هوندا آهن. ان کي غالب هيئن بيان ڪيو آهي؛ بازيچه اطفال هي دنيا ميري آگي، هوتا هي شب روز تماشا ميري آگي. دنيا منهنجي آڏو ٻارن جي راند واري ميدان وانگر آهي ۽ ڏينهن رات منهنجي آڏو تماشو ٿئي ٿو. هڪ فلسفيءَ جي آڏو دنيا تماشو آهي، راند آهي، جنهن جي رازن کان فلسفي واقف آهي، پر ڇا اهو فلسفي اتي خاموش ٿي ويهي ٿو؟ جواب آهي ته نه، هو دنيا ۾ جيڪي خرابيون ڏسي ٿو، ان کي دور ڪرڻ جو سوچي ٿو، ان جڳهه تي پهچڻ کان پوءِ هڪ فلسفي تماشائيءَ بجاءِ ميدان تي مقابلو ڪندڙ ٿي پوي ٿو. نتيجي ۾ هو سياست، ادب، سائنس ۽ مذهب تي پنهنجا اثر وجهي ٿو. يوناني فلسفي جو تعارف: هزارين سالن کان وٺي اڄ تائين هر دؤر ۾ انسان جي گھڻائي، مروج ريتن ۽ رسمن، عقيدن ۽ نظرين، سماجي قدرن ۽ پئمانن کي ايئن سمجهندي رهي آهي، ڄڻ ته اهي هميشه کان ايئن هئا، ڄڻ ته تاريخ ۾ ڪڏهن به انهن بابت ٻه رايا نه رهيا آهن. فلسفي جي تاريخ پڙهڻ دوران مطالعو ڪندڙن کي مروج عقيدن ۽ نظرين جي ارتقا، سماجي قدرن ۽ پئمانن جي ارتقا، خود سائنس جي ارتقا، سائنسي شعور جي ارتقا، انسان جي سماجي شعور جي ارتقا، مختلف مذهبي تصورن ۽ عقيدن جي ارتقا جي نه فقط خبر پوي ٿي پر اهي ڪهڙين تاريخي ضرورتن تحت وجود ۾ آيا آهن، انهن جي به خبر پوي ٿي. فلسفي جي تاريخ کي پڙهندر موجوده دؤر ۾ ٿيندڙ مختلف عملن ۽ واقعن کي چئن سالن جي تناطر ۾ ڏسڻ بجاءِ ان کي تاريخ جي وسيع تناظر ۾ ڏسي ٿو. انهن تصورن ۽ عقيدن کي رڪيل ۽ هميشه کان موجده هجڻ بجاءِ انهن کي زنده ۽ هر دؤر ۾ تبديل ٿيندڙ ڏسي ٿو. فلسفي جي تاريخ عام طرح يونان کان شروع ڪئي وڃي ٿي. فلسفي جي تاريخ لکندڙ ۾ عام راءِ هيءَ آهي ته فلسفياڻن خيالن جي شروعات سڀني تهذيبن ۾ ٿي، جهڙوڪه؛ مصر، هندستان ۽ عراق ۾. هندستان ۽ عراق ۾ فلسفو تمام گھڻو ڪم ٿيڻ باوجود ڏند ڪٿا کان جان آجي نه ڪرائي سگهيو ۽ نتيجي ۾ هڪ ڏاڪي تي اچي رڪجي بيهي رهيو. فلسفو ڏند ڪٿا کان آجي ۽ هڪ ڌار شڪل ۾ واديءَ دجلا ۾ فرات ۽ واديءِ نيل جي عظيم تهذيب ۾ميلاپ واري جاءِ فنوشيا (Phoenicia) ۽ يونان (Greek) ۾ پيدا ٿيو. هڪ ٻي راءِ هيءَ به آهي ته ساڳئي وقت تي جتي يونان ۾ فلسفو ظهور پذير ٿيو، جيڪو مڪتبهءِ فڪر (School of Thoughts) يونان ۾ هئا، اهي ئي هندستان ۾ به موجود هئا. جهڙوڪ؛ مادي واد، ڪائنات ۾ مسلسل تبديليءَ کي مڃيندڙ وغيره. هندستاني فلسفي تي سائنسي طريقو اپنائڻ بجاءِ الهامي ۽ وجداني طريقي کي اپنائڻ بابت به ٻه مختلف رايا آهن. هندستان جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر راڌا ڪرشنه هندستاني فلسفي تي ٻه جلد لکيا آهن، جن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان شايع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر راڌا هندستاني فلسفي کي سائنسي ۽ مادي نڪتئه نظر سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب جو مقصد هندستاني فلسفي کي جاچڻ بدران يوناني فلسفي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي. يوناني فلسفي کي پڙهندڙ عام طور تي اهو سمجهن ٿا، ته اهي يونانين جا ذهن هئا، جن تنهن وقت يعني اڄ کان 26 صديون اڳ انهن سوالن تي سوچيو، باقي يونان کان پهرين اوندهه هئي، منهنجي خيال ۾ اها تمام وڏي غلط فهمي آهي. فلسفي يونان ۾ اچي جيڪا ڪلاسيڪل شڪل ورتي آهي ان ۾ مصر ۽ عراق جو وڏو حصو آهي. يونان جو فلسفو نج پج يونان مان ڦٽي ڪو نه نڪتو آهي پر يونان جي فلسفي کي پڙهڻ دوران اسان کي هندستان جا به اثر ملن ٿا. جنهن ۾ خاص طور فيثا غورث ( پئٿا غورث) جو فلسفو اهم آهي. پئٿا غورث جوڻ مٽ (Re-incar nation) جنم جي ڦيري جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته انسان جوروح ڪائناتي روح جو ڇڳل حصو آهي. جيڪو فلسفي ۽ سائنس کي زندگي ارپڻ وسيلي ئي مڪتي ( نجات) حاصل ڪري سگهي ٿو. يونان ۾ فلسفي اڀرڻ کان تمام گھڻو پهرين عراق جا رهواسي ستارن جي علم کان واقف هئا. 1800ق.م ۾ اسان کي همورابي (Hamurabi) جو پهريون قانون جو ڪوڊ ملي ٿو. 3500 ق.م ۾ مصر جي رهواسين جو 315 ڏينهن وارو ڪئلينڊڙ ملي ٿو. انهيءَ ساڳئي دور ۾ مصري زمين جي ماپ ۽ ورهاست جي علم کان واقف هئا. جاميٽريءَ جي علم جي شروعات مصرين ڪئي. دنيا جو پهرين ڪئنال سسٽم عراقين 3500 ق.م ۾ جوڙيو. عراق ۽ مصر جي شاندار تهذيب پاڻ ۾ ملي فنوشيا جي عظيم تهذيب کي جنم ڏنو. فنوشيا تهذيب جي جاءِ لبنان ۽ شام جي ڌرتي آهي. فنوشيائي 1600 ق.م کان 1200 ق.م تائين سامونڊي واپاري جا سردار رهيا. تاريخ جوابو سڏجندڙ هيرو ڊوٽس (Hero Dotus) پنهنجي ڪتاب تواريخ (Histories) ۾ لکي ٿو ته ” فنوشين يونانين کي لکڻ، پڙهڻ، واپار ۽ جهاز هلائڻ سيکاريو“ . فنوشيا قوم جي زوال کان پوءِ يونان جي تهذيب اڀري. يونان جي تهذيب يورپ جي تهذيب جي ماءُ آهي. تاريخي طرح يونان کي جيڪا اهميت حاصل آهي ۽ يونان جي تهذيب سموري انسان ذات تي جيڪي اثر وڌا آهن اوترا شايد ئي ٻيءَ ڪنهن تهذيب وڌا هجن. اڄ دنيا ۾ فلسفي ۽ سياست جا جيڪي مڪتبهءِ فڪر آهن. انهن جو بنياد اسان کي يونان جي فلسفي ۾ ملي ٿو. پوءِ ڀلي اهي مڪتبه فڪر سياست جي ميدان ۾ جمهوريت تي ٻڌل هجن. يا جارحيت تي، ڊڪٽيٽرشپ تي هجن يا اشرافيه تي، فلسفي جي ميدان ۾ عقيدت هجي، مشاهديت هجي. جدليات هجي، مافوق الفطرت هجي، ماديت هجي يا خيال پرستي هجي. هڪ سوال جيڪو بار بار ٿيندو رهيو آهي ته فلسفو جڏهن ڪائنات گير آهي ته پوءِ اسين ان کي يوناني فلسفي، هندستاني فلسفي، مسلم فلسفي وغيره ۾ ڇو ٿا ورهايون؟ ان جو سبب ٻيو ڪجهه به نه آهي سواءِ ان جي ته يونان جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ فلسفي کي يوناني فلسفو، هندستان جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ فلسفي کي هندستاني فلسفو، وچ ايشيا جي ڌرتيءَ تي اسلام کان پوءِ پيدا ٿيندڙ فلسفي کي مسلم فلسفو چئجي ٿو. تنهن ڪري فلسفو فقط يونان يا يورپ لاءِ نه پر سموري انسان ذات لاءِ آهي. سائنس ۾ ٻين علمن ۾ مختلف نظريا نون نظرين جي اچڻ کان پوءِ مدي خارج ٿي وڃن ٿا. پر فلسفي ۾ باوجود ان جي ته تمام گهڻي ترقي ٿي چڪي آهي. پر يوناني فلسفو اڄ به اوترو ئي اهم آهي، جيترو فرانس بيڪن، ڊيڪارٽ، ڪانٽ، هيگل، مارڪس، سارتر، مارٽن هائيڊيگر، وٽگنشٽائين، ميشيل فوڪا کان پهرين اهم هو. فلسفي جي سموري تاريخ انساني شعور جا مختلف ڏاڪا آهن. اڄ انسان جن فڪري بلندين تي آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ اسان کي انهن سڀني ڏاڪن تان گذرڻو پوندو. يوناني فلسفو اسان کي سفر ڪندي ملندو، پهريان فلسفي ايشيائي ڪناري (Asia Minor) تي پيدا ٿيا. ايشيا ڪناري (Asia Minor) تي تنهن وقت يوناني واپارين جو بيٺڪون هيون ۽ ايشيائي ڪناري کانپوءِ فلسفي سسلي ۽ اٽليءَ طرف سفر ڪيو ۽ آخر ۾ يونان جي اصل ڌرتيءَ طرف آيو.