• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ داستان 1 بيت 16 تشريع سان گڏ شمارياتي مطالعو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
276624897337003

بيت جو تشريح سان گڏ شمارياتي مطالعو
****************
سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 16
ترتيب غلام محمد شاهواڻي
****************
وَحۡدَهُ لَاشَرِيۡڪَ لَہُ ِايُّ هيڪڙائِيءَ حَقُّ،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو، سي وِرَسِيا.
**بيت جي تشريح**
بيت جو موضوع وحدانيت(وحدت الوجود) آهي.
الله سائين هڪ آهي هن جو ڪو به شريڪ ناهي.
هي وحدانيت جي هيڪڙائي ئي حق آهي.
جن ٻيائي کي ٻک وڌو اهي ڀلجي ويا.
رهبر لطيف هن بيت ۾ چون ٿا ته
**وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ِايُّ هيڪڙائِيءَ حَقُّ،**
الله تعاليٰ هڪ آهي هن جو ڪوبه شريڪ ناهي صرف ۽ صرف اها هڪ ئي ڳالهه(هيڪڙائي) حق آهي
**ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو، سي وِرَسِيا.**
مٿين سٽ ۾ رهبر لطيف وحدانيت واري هيڪڙائي کي حق چئي آيا آهن هاڻ اسان جي رهبري ڪندي هن سٽ ۾ هيڪڙائي جي مقابلي ۾ شرڪ جي تصور جي ڳالهه ڪندي هن کي ٻيائي ٻڌائين ٿا ٻيائي جو شرڪ کان سواءِ هڪ ٻيو به تصوف جي لحاظ کان تصور آهي، جنهن کي وحدت الوجود جو مقابل سمجهيو وڃي ٿو يعني اهو نظريو جنهن ۾ ڪو پاڻ کي خالق کان جدا سمجهي، خالق ۽ مخلوق کي جدا ڄاڻي. جيئن ته رهبر لطيف چٽي ڏينهن جيان وحدت الجود جا قائل آهن تنهن ڪري ممڪن آهي ته هتي رهبر لطيف جو ٻيائي مان مطلب شرڪ سان گڏوگڏ پاڻ کي خدا کان جدا سمجهڻ وارو نظريو به هجي. رهبر لطيف چون ٿا ته وحدانيت کي ڇڏي ڪري جن به ٻيائي(شرڪ، پاڻ کي خدا کان جدا ڪري سمجهڻ) کي ٻک وڌو، پاڪر پاتو اهي گمراهه ٿي ويا. انهن کي منزل نه ملندي ڇو ته هو رستو ئي وڃائي ويٺا.
وَحۡدَهُ لَاشَرِيۡڪَ لَہُ ِايُّ هيڪڙائِيءَ حَقُّ،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو، سي وِرَسِيا
**سٽ وار تفصيل**
پهرين سٽ لفظ (7) و،ح،د،ه،ل،ا،ش،ر،ي،ڪ،ڙ،ء،ق- اکر (13) ورجائو سان ٽوٽل (23)
ٻئين سٽ ۾لفظ (7)ٻ،ک،ج،ن،ڌ،س- نوان اکر (6) ورجائو سان ٽوٽل (21)
**بيت ۾ آيل اکرن جي ورجاءُ جي نشاندهي**
و4،ح2،د1،ه3،ل2،ا5،ش1،ر2،ي9،ڪ2،ڙ1،ء2،ق1،ٻ2،ک2،ج1,ن1،ڌ1،س2ـ 43
**بيت ۾ آيل لفظ ترتيب وار**
1) ء
2) ا
3) ٻ
4) ج
5) ح
6) د
7) ڌ
ر
9) ڙ
10) س
11) ش
12) ق
13) ک
14) ڪ
15) ل
15) ن
17) و
18) ه
19) ي
نقطن وارا اکر 8
بغير نقطن جي 11
****************
**بيت ۾ آيل لفظ سٽ وار**
**پهرين سٽ**
1) وَحۡدَهُ
2) لَا
3) شَرِيۡڪَ
4) لَہُ
5) اِيُّ
6) هيڪڙائِيءَ
7) حَقُّ،
**ٻئين سٽ**
ٻيائيءَ
9) کي
10) ٻَکُ
11) جَنِّ
12) وِڌو
13) سي
14) وِرَسِيا
****************
**بيت جي شمارياتي سمري**
سٽون 2
لفظ 14
اکر 19
ورجاءُ سان ٽوٽل اکر44
تحقيق، ترتيب، تشريح، تحرير: صراط بلوچ
 
آخري ترميم:
Back
Top