تشريح سان گڏ شمارياتي مطالعو سرڪلياڻ دستان 1 بيت 17ترتيب؛ غلام محمد شاهواڻي ***************************** عاشق چَئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئو مَعشُوقُ، خالِقُ چَئو مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَئو مخلوقُ، سَلِج تنهن سُلوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱيو. **تشريع** هي بيت وحدت الوجود جي راز کي بيان ڪندڙ بيتن منجهان هڪ بيت آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نه تون هن کي(ڌڻي) عاشق سڏ، نه معشوق. اي الڙا! نه کيس خلقيندڙ ڪوٺ، نه خلقيل. اهو روحاني راز تون انهيءَ سان سلج جنهن پاڻ کي هر ڪنهن اوڻائيءَ کان آجو ڪيو آهي. وحدت الوجود جي سلسلي ۾ رهبر لطيف جا ڪيترائي بيت وحدت الوجود جي نظريي کي بيان به ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي تشريع پڻ ڪن ٿا. وحدت الوجود جي نظريي ۾ جيئن ته مخلوق وارو تصور نه هوندو آهي جنهن کي عام طرح مخلوق چيو وڃي ٿو وحدت الوجود ۾ اها وجود حقيقي جو ئي هڪ حصو آهي ان مان ئي جدا ٿي ظهور پذير ٿي آهي ۽ آخر ۾ ان حقيقي وجود ۾ وڃي هڪ ٿيندي. ان ئي نظريئي تحت جڏهن مخلوق جو وجود ئي ناهي ته پوءِ خالق واري ڳالهه بي معنيٰ ٿيو وڃي ان ئي راز کي رهبر لطيف هن بيت ۾ بيان ڪندي چيو آهي ته عاشق چَئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئو مَعشُوقُ، نه ته هن کي عاشق چئو نه ئي وري معشوق، عاشق معشوق جي ڳالهه ته تڏهن ٿئي جڏهن (خالق ۽ مخلوق جدا هجن پر ائين ته آهي ئي ڪون بس وجود هڪ ئي آهي ٻيا سڀ ان جا مختلف رنگ روپ جلوا آهن) تنهن ڪري نه ته هن کي عاشق چئي سگهجي ٿو نه ئي معشوق. پهرين سٽ ۾ ان تصوف جي نقطي طرف ڌيان ڇڪائڻ بعد رهبر لطيف وحدت الوجود جو بنياد بيان ڪري ٿو جيڪو وحدت الشهود(خالق ۽ مخلوق) واري نظريي کان بلڪل جدا آهي، اها ساڳي ڳالهه رهبر لطيف کان پهرين وحدت الوجودي صوفين ڪيترائي دفعا ڪئي جنهن ڪري اذيتون به برداشت ڪيائون، منصور جهڙا ته سولي سينگاري ويا. اهو ساڳيو ئي اعلان رهبر لطيف پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪري ٿو، خالِقُ چَئو مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَئو مخلوقُ، وحدت الوجود ۾ خالق مخلوق واري ڳالهه ئي ناهي تنهن ڪري رهبر لطيف چئي ٿو ته ڌڻي کي نه خالق چئو نه مخلوق، هڪ سٽ ۾ هڪ وڏو نقطو سمايل آهي جيڪو آهي “خام”، مطلب ته جنهن ڪنهن به ڌڻي کي خالق ۽ مخلوق ۾ ورهايو اهو “خام” آهي، ان ئي خام کي رهبر لطيف مخاطب ٿيو آهي هن بيت ۾ ته اي الڙ تون ان کي خالق چئو نه ئي مخلوق. (بس هڪ ئي هڪ آهي اهو ئي اهو آهي وحدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ، ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون، وحدت الوجود جي تشريح ايندڙ بيتن ۾ وڌيڪ واضع ٿيندي ) رهبر هي حقيقت بيان ڪرڻ بعد سٽ ٽئين ۾تاڪيد ڪري ٿو ته هي راز هي ڳالهه هي ڳجهه هر ڪنهن سان بيان ناهي ڪرڻو، پوءِ ڪنهن سان ڪرڻو آهي؟ تنهن جي لاءِ سٽ ٽئين ۾ رهبر لطيف هن طرح اسان جي رهبري ڪن ٿا. سَلِج تنهن(تَهِن) سُلوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱيو. هي جيڪو سلوڪ آهي، راز آهي، معرفت جي ڳالهه آهي اها صرف ان سان ڪرڻي آهي ان کي هي ڳجهه ڏيڻو آهي جيڪو ناقصائي واري حالت مان ٻاهر نڪري آيو هجي. بي سمجهي مان ٻاهر نڪري ڪمال معرفت واري درجي تي پهتو هجي. (اهڙو انسان ئي هن حق هن سلوڪ کي سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ جي قابل آهي هرڪنهن کي هي راز نه سمجهه ايندو نه ئي قبول ڪرڻ جي سگهه آهي.) ***************************** شمارياتي مطالعو **سٽ وار تفصيل** پهرين سٽ لفظ (9) ع،ا،ش،ق،چ،ء،و،م،ن،ک،ڪ،ي- اکر (12) ورجائو سان ٽوٽل (23) ٻئين سٽ ۾لفظ (9)خ،ل،ت،- نوان اکر (3) ورجاءُ سان ٽوٽل (25) ٽئين سٽ لفظ(6) س،ج،ه،ص،ڱ- نوان اکر (5) ورجاءُ سان ٽوٽل(23) **بيت ۾ آيل اکرن جي ورجاءُ جي نشاندهي** ع2،ا6،ش2،ق5،چ4،ء5،و10،م7،ن6،ک1،ڪ3،ي4،خ3،ل4،ت2،س2،ج2،ه1،ص1،ڱ1 **بيت ۾ آيل اکر ترتيب وار** 1) ء 2) ا 3) ت 4) ج 5) چ 6) خ 7) س 8) ش 9) ص 10) ع 11) ق 12) ک 13) ڪ 14) ڱ 15) ل 16) م 17) ن 18) و 19) ه 20) ي نقطن وارا اکر 9 بغير نقطن وارا اکر11 **بيت ۾ آيل لفظ سٽ وار** **پهرين سٽ** 1) عاشق 2) چَئو 3) مَ 4) اُنَ 5) کي 6) ڪِي 7) مَعشُوقُ **ٻئي سٽ** 8) خالِقُ 9) خامَ 10) تون 11) مخلوقُ **ٽئين سٽ** 12) سَلِج 13) تنهن 14) سُلوڪُ 15) جو 16) ناقِصِئا 17) نِڱيو **بيت جي شمارياتي سمري** سٽون 3 لفظ 17 ورجاءَ سان ڪل 24 اکر 20 ورجاءُ سان ٽوٽل اکر71 تحقيق، تشريح، ترتيب، تحرير ـ صراط بلوچ