ڀٽ ڌڻي سرڪار ڀٽائي.. آصف رضا موريو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڀٽ ڌڻي سرڪار ڀٽائي . سانگو ڪو سهڪار ڀٽائي
    آصف رضا موريو
    ڀٽ ڌڻي، سرڪار ڀٽائي، سانگو ڪو، سهڪار ڀٽائي
    دردن جو درمان ٿئي ۽، “اڙين ڪو آڌار ڀٽائي”
    تون هڪڙو پر تنهنجي پويان، لالوءَ جا لشڪار ڀٽائي
    هيڻا سيڻا ڪوجها ڪوڏيا ، هٺ هٺيلا ۽ هوڏيا
    اڌ اڌورا سُرڙا ساري، وايُن جا اوچار اُڪاري
    ماٿي “اِڪئُون ڪار” چِٽِيُون، بيتن جون ٽي چار سِٽُون
    من ۾ سانڍي ملڪوتي ٿيا، ناسُوتي ٿيا جِبِرُوتي ٿيا
    تيرٿ ناتي تند تنواري، رام اسٿاني، لاهوتي ٿيا
    تنهنجو ئي ڪلام کڻن ٿا، اهڙي اونچي هام هڻن ٿا
    هر ڪنهن سان ڄڻ ساڻ لطيف آ، مڃين ٿا سرواڻ لطيف آ،
    موج ڀريو مهراڻ لطيف آ، کاهوڙين جي کاڻ لطيف آ،
    سنڌ آهي سرهاڻ لطيفي، ڪير ڪري ڇنڊ ڇاڻ لطيفي
    چوٽا ٺاهي من منجهائي، سستي شهرت ڪاڻ “لطيفي”
    لوڌيڙن جي ذات پرائي، راڻن ڀانئي “راند” هارائي
    ريساڻا سردار اسان جا، دودا ڌوڙ چنيسر ڇائي
    “سسُئي” ڪسئي سُورن ڄائي، پُنهون پاڙي ڪريت ڪمائي
    سمن، ڏمن، آريءَ ڄامن، اکين ميرنهن، دلين ڪائي
    ٻيجل جا طنبور وڪيا ويا، ڪاڪ محل کان ڪانگ اڏيا
    راءِ ڏياچن ڏوليون چوريون، ڀنڀور ۾ چورن باهيون ٻاريون
    ڏاتر ڌرتي شُودر ماڻهو، ڏينهنِ مالها نوڪر ماڻهو
    پنهنجي ڌرتي تي آديسي، پياسي جگ لاءِ ساگر ماڻهو
    ڏاگهن کي ڏيهاڻن ڏوريو، ڪارونجهر کي ڪيچين ڪوريو
    وِدوانن جا ديس ويڳاڻا، ڪَڇي، سامي، سوڍا، راڻا
    ڪيڏانهن هاڻي ڪَرها ڪاهِن، جَهوڪن ڪيچن رستا ناهن
    هنگلاجن تي فوجي چوڪيون، ڪاپڙين جا رستا روڪيون
    ڪاڪ تڙيل ٿا ڪاڪ سنڀالن، تنهنجا تڪيا ٿاڪ سنڀالن
    تون بارش تو چنڊ جيان ڀل، سورج سهڻي مُند جيان ڀل
    روپ سَرُوپي سنتي سُونهون، رام ڪلي جي مُنڊ جيان ڀل
    تنهنجا پوئنير ڪاڪ وڏيرا، نيريون اکيون ڪارا جيرا
    تون مندر ۾ “ڏينهن جو راجا”، هي ڄڻ آهن بر ڪانڊيرا
    جي توتائين ڪونه پڳا هن، تن جي ويٺو روز پڄائين
    جهنگ وسائي رنگ رچائين، ٻَوڙن لئه ٿو چنگ وَڄائين
    ٻايُون ٿيون ٻاڏائن لاڏا ، نانگي جوڳي جبلن گوڏا
    مُورک اڄ به بک مرن ٿا، ماڻڪ محبت ريءَ جيئن ٿا
    ڪيچ ڪهاڻيون ڪونه رهيون هن، روح رهاڻيون ڪونه رهيون هن
    تنهنجي قوم زباني ڳالهيون، تنهنجون تير ڪماني ڳالهيون
    روحاني اڀياس مڙئي بس، قهري دور اماني ڳالهيون
    اگيانين وٽ گِيان جا چرچا، ڪرمن پاپي دان جون ڳالهيون
    نياڻي سياڻي ڪونه سڄاڻن، بارش پاڻي ڪونه سڃاڻن
    موهِي لوڀِي ڪام ڪروڌِي، “ويڙهن والي ماڳن مالي”
    ٻاروچل ۽ سوڍو، آري ، “حبي هوتي” “سر معذوري”
    پرين پاڙا ڪونه رهيا هن ، علمن لاڙا ڪونه رهيا هن
    نج وڪائو، ڪونه ڪڇائي، امرڪوٽي، ڪيچي، هوتي
    تون عملي ۽ تون سائنسي ، ڌرتي دشمن لاءِ جهيڙاڪي
    سُر ڪاموڏي، عشق تماچي، تون دڙڪائي تون سامونڊي
    درويشي ٿا ڳولن تو۾، ڪمليشي ٿا ڳولن تو ۾
    دريا دهشت جهڙو تون ۽ خاموشي ٿا ڳولن تو ۾
    کِٽ جا کارا ڏم ويچارا، تنهنجا اڇا تنهنجا ڪارا
    هوڏي ۽ همبوشي سارا، سرگوشي۽ ٿا ڳولن تو۾
    دنيا چنڊ ستارن پهتي، ارض و سما جي چارن پهتي
    تاريخون اڀياس تلاشي، ايجادن افڪارن پهتي
    ڏتڙل سڙيل ڏيهن پهتي، وقتن ۽ ادوارن پهتي،
    ڪوهين پهتي دونهين پهچي، معصومن لاچارن پهچي
    دردن جا آڌار لڌا جن، موهين جا آثار لڌاجن
    تنهنجا منهنجا کوڙ وڃايل، وڇڙيل يارِ غار لڌا جن
    پنهنجا ساڳا پار ڀٽائي، گوندر ۽ گرنار ڀٽائي
    ٿر ٿوهر ٿا موت بڇن هَرُ گهوٻو هرڪار ڀٽائي
    بيل ڪڙين جو بار اهو ئي، قيد ڪڙي ڪٺنار ڀٽائي
    گهوڙيلن جا غار به ساڳا، ڪاريهر جي ڪار اهائي
    توکي ڏاڍيو مارن ساريو، ساريَن تون ڀي سار ڀٽائي
    وقت مٽيو پر پنهنجي پراڻي، ڇو، ڇا ۽ ڇاڪاڻ اهائي
    الف انبن کان يي ياقوتي، تارازي ۽ ڪاڻ اهائي
    هر ڪنهن جون هت تختيون پنهنجون، ڪلما پنهنجا، لغتون پنهنجون
    “شاهن” معني هر ڪنهن پنهنجي، ڏاهن معني هر ڪنهن پنهنجي
    “شاعر” معني هر ڪنهن پنهنجي، “گهوٽن” معني هر ڪنهن پنهنجي
    “مرشد” معني هر ڪنهن پنهنجي، “فيضن” معني هر ڪنهن پنهنجي
    ڪنهن لئه جاڳڻ جا سانباها، ڪيچ ڪهي ويا توڏن ڪاها
    پاڇن پويان ڇو ٿو لوڙهين، پورنمائي نرملتاها
    ڪُوڙن نگري ڪُوڙ ڪمائي ، هي بي آسا، تون آسائي
    ڪنڌ ڪلاهي ناهن راڻا، مومل ڪنهن سان اوري ماڻا
    سنڌڙي توکي ٻاڏائي ٿي، ليلائي ٿي دل لاهي ٿي
    چُپِ ڇو آن چَپَ چور ڀٽائي، شينهن درياهه جا شور ڀٽائي
    هوشوءَ آهن هوش وڃايا، هيمون آهه ڀلي ويو رستا
    مينهون متاري چورن ڇوڙيون، “هيرُن” هتڙي ڏاڍ ۽ زوريون
    پٽ راڻين جا پيٽ وڪاميا، سنڌ جا سارا ٻيٽ وڪاميا
    پيراڻين جا پِير وڪاميا، مِهراڻين جا مِير وڪاميا
    گاهه وڪاميا کِير وڪاميا، جُهوڪر ۽ جهمپير وڪاميا
    دانهون ڪونه جي ورنائيندين، اي بيراگي، اي سنياسي
    ساڌڪ، ڀيدي، آتم ساکي، پنهنجي پونجي وڃرائيندي
    ڍنگ اڍنگي دنيا ۾ هن تولئه ڀي آزار وڌي ويا
    خفت سُکائن باسُن وارا، ڪوڙ، ملاوٽ، ڪِيڻَن وارا
    کريل ذهني سُست نصابي، وهمي، ڳورا، ڪُند، حسابي
    تعويذن ۽ ڦيڻن وارا، ڀٽ شاهه ۾ بازار وڌي ويا
    سنڌ سموري سورن ۾ آ، لاچاري جي کورن ۾ آ
    سکڻئين هنياءُ اسان ماڻهو ۽ شاهه تون شاهوڪار ڀٽائي
    سانگو ڪو سهڪار ڀٽائي، ٻيڙو منهنجو تار ڀٽائي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو