نصير ڪوي.. آصف رضا موريو

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ھر گھر سے بھٹو نکلے گا۔ تم کتنے بھٹو ماروگے
    جو خالق شاعر نصير ڪوي
    آصف رضا موريو
    اها 2015ع جي ڪنهن شروعاتي مهيني جي ڳالهه آهي جڏهن مان اسلام آباد جي سوهان علائقي ۾ رهندو هيس. هڪ ڏينهن پنهنجي دوست اسمائيل ڪشميري سان گڏجي شيرشاهه سوري جو ٺهرايل روهتاس قلعو گهمڻ جهلم ويم جيڪو اسلام آباد شهر کان قريبن 106 ڪلوميٽر پري آهي. قلعي جي ٻاهران پنجاب ٽورزم جو هڪ ملازم چن زيب اسان جو منتظر هيو جنهن کي سندس ڊائريڪٽر جنرل (جيڪو منهنجو دوست هيو) اسلام آباد مان منهنجي سهائتا لاءِ فون ڪئي هئي. هن همراهه پنهنجي طرفان اسان جي بهترين رهنمائي ۽ خدمت پڻ ڪئي. قلعو گهمڻ کان پوءِ قلعي کان 8 ڪلوميٽر پرڀرو روهتاس روڊ تي واقع شهر دينا جي هڪ ڇاپري هوٽل تي چانهه جي ٻاڙ پوري ڪرڻ لاءِ ويٺي مون چن زيب کان جهلم جي مشهور جاين، ماڳن ۽ شخصيتن جي باري ۾ حال احوال ڪيا تنهن جي جواب ۾ هن بيشمار مشهور ماڻهن جا نالا کنيا جن ۾ گهڻا فوجي ۽ سياستدان هيا جن ۾ منهنجي ڪا دلچسپي ڪونه هئي. چانهه جي چسڪي هڻندي هن ڪجهه ٻيا نالا ورتا جن ۾ نسيم ڪوي به هيو. نالو ايترو ته شاعراڻو ۽ شاندار هيو جو مان نه سڃاڻندي به پڇا ڪيم ته نصير ڪوي ڪير آهي. هن ٻڌايو ته هو جهلم ئي نه پر اسان جي ملڪ جو نامور شاعر آهي جنهن جو مشهور نظم آهي ته "ھر گھر سے بھٹو نکلے گا تم کتنے بھٹو ماروگے"۔
    سندس ڳالهه ٻڌي مون کي حيرت انگيز جهٽڪو لڳو جو اها سٽ جيڪا شايد ڪنهن نظم جو حصو هئي سا مون هزارين دفعا ٻڌي هئي پر اندازو ڪونه هيو ته ان جو تخليقڪار ڪير آهي بلڪه مان سمجهندو هيم ته ڪنهن لٻاڙي پيپلي اهو نعرو ٺاهيو هوندو. بحرحال تنهن کان پوءِ ڇانهه پيئڻ تائين اسان جو موضوع نصير ڪوي رهيو جنهن سان ملڻ جو قصد ڪرڻ لاءِ اهو ئي ڪافي هيو ته هو ان نظم جو خالق هيو. هوٽل تان اٿڻ کان پوءِ مان چن زيب کي نصير ڪوي سان ملڻ لاءِ عرض رکيو جنهن کي ورنائڻ لاءِ اسان هوٽل تان اٿي روانا ٿياسين. دينا شهر کان جهلم جو فاصلو قريبن 12 ڪلوميٽر آهي پر اسان چن زيب جي رهنمائي ۾ گاڏي هلائيندي تقريبن اڌ ڪلاڪ کان پوءِ نصير ڪوي جي سامهون سندس دوڪان جي ٻاهران نڪتل ڇپري هيٺان ويٺا لسي پي رهيا هياسين. نصير ڪوي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو متوالو هيو ۽ ڀٽو جي ڳوٺ واسي هئڻ ناطي اسان جي اچڻ تي نصير ڪوي جي خوشي جي انتها ڪونه هئي. ٻه چار ڪلاڪ ڪچهري ڪري سندس رات رهي ماني کائڻ جي قربائتي آڇ جي معذرت ڪندي کائنس موڪلائي اسان شام ڌاري اسلام آباد روانو ٿياسين.
    ڪجهه ڏينهن بعد به مونکي روهتاس قلعي جي ريسرچ جي سلسلي ۾ ٻيهر جهلم وڃڻو هيو ان لاءِ مون اڳواٽ ئي نصير ڪوي کي فون ڪري ملاقات جو وقت وٺي ڇڏيو هيو. هن دفعي هو اهو چئي پنهنجي گهر وٺي ويو ته معزز مهمانن کي هوٽل يا دوڪان تي ويهارڻ اخلاقيات جي خلاف هوندو آهي. نسيم اسان کي جهلم شهر جي هڪ پوئتي پيل آبادي ۾ وٺي ويو جنهنجو نالو هن وقت مونکي ياد ڪونه آهي. سندس گهر جي گهٽي اسان جي شهر لاڙڪاڻو جي گندي گھٽين جيان ئي هئي جنهن جي ناليءَ مان ڪڍيل گند ڪچرو به ناليءَ جي ڪنارن تي ئي پيل هيو. سندس گهر جي بي رنگي ڀتين تي تقريبن 8 باءِ 8 جو ڦڪو رنگ ڪيل لوهه جو سادڙو روازو لڳل هيو. گهر جي اولهه طرفي اڌ ڀت کي سدا سهاڳڻ ڀاڪر پانئيون بيٺي هئي. سندس ننڍڙو گهر هيو جنهن ۾ شايد ٻه يا ٽي ڪمرا مس هيا سو ٻاهران جي نسبت اندران گهڻو صاف سٿرو هيو.
    نصير ڪووي جو جنم جهلم شهر جي هيٺئين طبقي جي هڪ گهر ۾ 1947ع ڌاري ٿيو. والدين جي سماجي حالت بهتر نه هئڻ سبب ميٽرڪ کان مٿي ڪونه پڙهي سگهيو ان لاءِ جوان ٿيندي ئي محنت مزدوري ڪري پنهنجي خانداني چرخي کي هلائڻ ۾ ساجهيدار ٿيو. تربيلا ڊيم پروجيڪٽ جي شروعات ٿي ته هن اتي مزدوري ڪئي پر اڳتي هلي ان پروجيڪٽ ۾ ئي واڍڪو ڪم شروع لڳو جيڪو ڏهن سالن تائين ساندهه ڪندو رهيو. تربيلا ڊيم جي تڪميل کان پوءِ هو سعودي عرب ڪمائڻ هليو ويو جتان چار سالن کان پوءِ واپسي ٿيس ته جمع پونجي مان هڪ ننڍڙو هوٽل کوليائين.
    پنهنجي چوطرف لاچار ۽ پريشان انسانن جا انبوهه، ڦاٽل گندا ڪپڙا پهريل مزدورن جا لشڪر، انهن جي ننگ ڌڙنگ ميرن ٻارڙن ۽ بکايل خاندانن کي ڏسي نصير ڪوي جي مزاج سماجي بغاوت ڏانهن موڙ کاڌو تنهن ڪري شهر جي سنجيدهه طبقن ۾ اٿڻ ويهڻ سان گڏ سياست، سماجيت ۽ ڪتابن پڙهڻ سان چاهه جو چرخو چورڻ پڻ عادت بڻجي وئي. ان رستي تي شاعري ڪرڻ، وڏن استاد شاعرن جي ڪلامن سان گڏ تاريخي ڪتابن کي پڙهڻ، خانڪاهن گهمڻ جو شوق ٿيس جنهن سان تاريخ جي شعور به سندس اندر ۾ آکيرا ٺاهيا. مزدورن، هارين ۽ ڪمي ڪاسبين جي بهتري لاءِ سندس دل ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو وقت سان گڏ قدآور ٿيندو رهيو پر جيئن ته هي غريب ڪوي ڪجهه ڪرڻ جي حيثيت ۾ ڪڏهن به ڪونه آيو ان لاءِ هن پنهنجي اندر جي اوٻر کي انقلابي شاعري ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. هي مزدور انقلابي شاعر پنهنجي مزاج ۾ انوکو ماڻهو هيو جنهن جي رڳ رڳ ۾ ساڻيهه جي سڪ سمايل هئي. هو تمام مذهبن جي عزت ڪندو هيو. سندس علائقي جي چوڌاري زمين جي ويڪري ڇاتي مٿان بيشمار مذهبن جا سوين آستان وکريل آهن جن ۾ اوتارن، پيرن، پيشوائن ۽ بزرگن جو داستانون مٽي جي هر ذري ۾ سمايل آهن.
    اردو ۽ پنجابي زبان جو هي نامور شاعر نصير ڪوي شروع ۾ پيپلز پارٽي جو ڪارڪن به ڪونه هيو پر هڪ عام مزدور هوندو هيو جيڪو سموري عمر محنت جو پورهيو ڪري جيون جنگ وڙهندو رهيو پر سياست ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو متعرف هيو جنهن تي جنرل ضيا ۽ ان جي ساٿارن طرفان ڪيل غيرانساني سلوڪ ۽ نا انصافي سندس دل ۾ بغاوت جي چڻنگ ٻاري تنهن ڪري دل جي هٿان مجبور ٿي هن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري پنهنجي انقلابي گيتن ذريعي ڀٽو جي بيگناهه قيد و بند خلاف جڙيل مزاحمتي ادب ۾ هڪ اڏول ڪردار ادا ڪيو. ڀٽو کي ڏنل ڦاسي سندس دل جي چڻنگ کي ڀڙڪائي باهه جو اهڙو گولو بڻائي ڇڏيو جنهن سان هن ايم آر ڊي تحريڪ دوران پنهنجي باغيانه گيتن ذريعي آمرن جا حوصلا هيڻا ڪري وڌا.
    نصير ڪوي کي هڪ پٽ ۽ چار نياڻين جي اولاد هئي جن جي تعليم، تربيت، گهرداري ۽ جياپي لاءِ هو جنهن ننڍڙي هوٽل تي ڏينهن رات محنت ڪندو هيو سو روزگار به وقت جي ظالم سامراجي لڏن خلاف صف بندي ڪرڻ جي پاداش ۾ کسيو ويو جو هي باغي شاعر ڀٽو جي بيگاهه شهادت خلاف پنهنجي مزاحمتي شعرن ۾ وقت جي هر جابر ۽ ڏاڍي قوت کي للڪاريندو رهندو هيو. جنرل ضيا جي مارشلا ئي دورِ حڪومت ۾ سندس ننڍڙو هوٽل پيپلز پارٽي جي باغي جيالن ۽ عتابي ڪامريڊن جو ويهڪي ڳڙهه هوندو هيو تنهن ڪري هڪ ڏهاڙي سرڪاري خفيه ايجنسين ريڊ ڪري اهو روزگار پڻ بند ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ نصير ڪوي ڪجهه عرصو جي ٽي روڊ جهلم تي ئي هڪ دوست جي هوٽل ٻاهران سگريٽن جي مانڊڙي کولي جتي هو پان پڻ کپائيندو هيو پر سندس خون ۾ شامل باغي روين کيس ڪڏهن به سک جو ساهه کڻڻ ڪونه ڏنو جو هن هيڻي شاعر ظالمن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاو کي ڏوراپڻ نه ڇڏيو ان لاءِ جنرل ضياءُ الحق جي موت تائين سندس زندگي عذابن، عتابن ۽ خرابن جو شڪار رهي جنهن جي موت کان پوءِ هن سک جو ساهه کڻي نئين سر نوان سانباها ڪري جي ٽي روڊ تي هڪ ٽڪ شاپ کوليندي پنهنجي ئي پٺ ٺپي حالات جي ٻيڙي ڪنڌي لائڻ جي نئين شروعات ڪئي.
    نصير ڪوي جو هي ٽڪ شاپ جي ٽي روڊ جهلم روڊ تي هيو جنهن کي هڪ ننڍيرڙو اسٽور چئي سگهجي پيوجيڪو هڪ مسجد جي ٻاهران روڊ پاسي انڪروچڊ جڳهه تي ٺهيل هيو. اسٽور کي نيرو رنگ ڏنل هيو جيڪو کائڻ پيئڻ جي بيشمار سستي شين جهڙوڪ مختلف قسم جا بسڪوٽ، چپس، نمڪو، سگريٽ، کير، آنا، فروٽ جوس جا ننڍا پيڪٽ وغيره سان ٽٻٽار هيو. اسٽور جي ٻاهران سڄي پاسي نسيم ڪوي جي موٽر سائيڪل پڻ بيٺل هئي جنهن کي بازار مان سامان وٺي اچڻ وارو هڪ کوکو پڻ لڳل هيو. دوڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ فرج رکيل هئي جڏهن ته خالي بوتلن وارو ڪيس به دوڪان ٻاهران پيل هيو. دوڪان جي مٿان ٺهيل ڇپري جي چوٽ تي ٽيلينار ڪمپني جي بورڊ تي انگريزي ۾ BALL TUCK SHOP لکيل هو جڏهن ته ان جي هيٺان ڊگهي سٽ تي اردو زبان ۾ لکيل هيو ته “ اللہ رزق دیتا ہے - ہم صرف پیش کرتے ہیں”.
    نصير ڪوي شاندار مزاحمتي شاعر هيو جنهن پنهنجي زندگي ۾ هزارين شعر تخليق ڪيا جڏهن ته سندس هڪ ڪتاب "ساڈے ھتھہ اگنی داتا" شايع ٿي چڪو آهي جنهن تي پبلشر طرفان هڪ الڳ ڪارڊ تي عرض رکيل هئي ته “هڪ خاص گذارش. توهان کي خبر آهي ته صاحبِ ڪتاب نصير ڪوي ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب شوڪت خانم اسپتال ۾ زيرِ علاج آهي. سندس علاج تي ٿيندر تمام گهڻي خرچ سبب فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان جو پهرئين ڪتاب جو سندس دستخط سان جاري شده هي خصوصي ايڊيشن سڀئي دوست ۽ مداح اصل قيمت بجاءِ هڪ هزار روپين ۾ خريد ڪن ته جيئن ان رقم سان اسان جي محبوب شاعر جو علاج ٿي سگهي. سڀني دوستن کي هن مهم جي سلسلي ۾ نصير ڪوي جي صحتيابي لاءِ دعا سان گڏ شامل ٿيڻ جي دردمندانه درخواست آهي. منجانب، احبابِ ڪوي.” مان يقين سان چوان ٿو ته سندس ڪتاب ۾ موجود گيتن، شعرن ۽ نظمن مان قاري کي حبيب جالب، فيض احمد فيض، ساحر لڌيانوي، وارث شاهه جون سڪون لهنديون ته غلط ڪونه ٿيندو.
    ذوالفقار علي ڀٽو جي ھن سرفروش قوي جي سار، پوئيواري يا مالڪي پارٽي وارن مان ڪنهن ڪونه لڌي ته هو غريب ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ زندهه به آهي يا نه. جڏهن ته سندس مشهور نظم هن وقت به پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪرندڙ عمارت کي بيساکي جيان پنهنجي ڪلهن تي کنيون بيٺي آهي جنھن کي جڏهن هو بينظير ڀٽو جي جلسن ۾ اکيون موهي من جي سر سان گنگنائيندو هيو ته بي بي صاحبه پڻ جهومي پوندي هئي ۽ پنڊالن تي ڄڻ ته سحر ڇائنجي ويندو هيو. پارٽي جي موجوده کوکلي قيادت وٽ به گزريل ڪيئي سالن کان پنهنجي تقريرن ۾ نصير ڪوي جي نظم جي ان سٽ کان وڏو ڪو هٿيار ڪونه ڏٺو ويو آهي ته “ھر گھر سے بھٹو نکلے گا، تم کتنے بھٹو مارگے”. سندس پوري نظم هن ريت آهي جيڪا هن 1990ع ۾ تڏهن تخليق ڪئي هئي جڏهن بينظير ڀٽو جي حڪومت کي بدعنواني جي الزامن تحت ختم ڪيو ويو هيو. تنهن کي نصير ڪوي پنهنجي زندگي جي شاهڪار نظم قرار ڏيندو هيو.
    تم ڈاکو، چور لٹیرے بھی نگرانی کرنے آئے ہو
    تم خلق خدا کے ٹھکرائے سلطانی کرنے آئے ہو
    تم بھوکے ننگوں کے خوں کی ارزانی کرنے آئے ہو
    تم ٹینکوں، توپوں کے بل پر من مانی کرنے آئے ہو
    تم آمر کے پروردہ ہو، جمہور کے معنی کیا جانو؟
    تم قاتل ہو دستوروں کے، دستور کے معنٰی کیا جانو؟
    تم فتوا گر ہو شاہوں کے،منصور کے معنٰی کیا جانو؟
    تم تاریکی کے پالے ہو، تم نور کے معنٰی کیا جانو؟
    ہم بھٹو کے دیوانے ہیں، یہ جان امانت بھٹو کی
    بی بی پہ کرنے آئے ہیں، قربان امانت بھٹو کی
    ہم آن پہ مرنے آئے ہیں، یہ آن امانت بھٹو کی
    جس شاں سے مقتل میں آئے، وہ شان امانت بھٹو کی
    کیوں اتنا بوجھ اٹھاتے ہو، کل کیسے قرض اتاروگے
    تم اپنی جان بخشی کےلئے، پھر ہم سے عرض گزاروگے
    یہ بازی جان کی بازی ہے اور تم یہ بازی ہاروگے
    ھر گھر سے بھٹو نکلے گا، تم کتنے بھٹو مارگے
    پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي زندگي ۾ خاص طور تي بينظير ڀٽو جي دور ۾ هڪ وقت اهڙو به آهيو جو نصير ڪوي جو هيءَ نظم جنرل ضيا جي آمريت خلاف پيپلز پارٽي جي مظاحمتي جدوجهد جو قومي ترانو بڻجي ويو هيو. ايتري تائين جو بينظير ڀٽو پڻ جلسي جلوسن ۽ مختلف موقعن تي سندس شعرن کي دهرائيندي رهندي هئي ته “یہ بازی جان کی بازی ہے اور تم یہ بازی ہاروگے، ھر گھر سے بھٹو نکلےگا تم کتنے بھٹو ماروگے”. بينظير جي شهادت کان پوءِ به سندس پارٽي جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن هي نعرو پارٽي جي هر جلسي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح ورجائيندو رهندا آهن.
    نصير ڪوي هيو ته پيپلز پارٽي جو ننڍڙو ڪارڪن پر هن جيتري سچائي، سادگي، ساڃاهه وندي، مروت، ادب پروري ۽ تاريخ جي پروڙ مون بينظير ڀٽو کان پوءِ سندس پارٽي ۾ ڪنهن به عهديدار يا ڪارڪن ۾ ڪونه ڏٺي. جهلم تاريخ ۾ سپاهي مردن، يوڌن ۽ محنت ڪش مڙسن جو شهر رهيو آهي. نصيرڪوي جي رڳن ۾ به هن خطي جي مٽي جي مهڪ هئي. هي بظاهر ڪم گو ماڻهو جڏهن ڳالهائڻ تي آيو ته مون جهڙي لکاري جو واڇون به ڄڻ ته ڦري ويون. کيس دنيا جي تاريخ ۽ حالات حاضره تي خاص دسترس حاصل هئي. مون کي هو پنجاب جي تاريخ جو هڪ اهڙو ماهر استاد لڳو جنهن جي دل و دماغ جي ڪارخاني ۾ پنجاب جي رومانوي ڪهاڻين کان رزميه داستانن تائين، راجا پورس جي جدوجهد کان ۽ اليگزينڊر مقدوني تائين، هير رانجهي جي قصي کان سيالن جي علاقائي جنگي تاريخ تائين، ٽلا جوگيان جي مذهبي آستانن کان گروگورکناٿ جي خانڪاهه ۽ سندس ڪن سبرائيندڙ مريدن تائين، شاهه ڪوٽ واري کوهار جي جنگي آستان کان سڪندر اعظم جي آباد ڪيل شهر ڦاليا تائين تاريخ جا قصا، ڪهاڻيون، واقعا، ڪردار ۽ انهن جون سموريون ڪارگزاريون ازبر ياد هيون.
    هن سادي سودي محنتي ماڻهوءَ جو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان عقيدت جو عالم به عجيب هيو. نصير ڪوي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ان لاءِ شامل ٿيو هيو جو کيس هن ملڪ جي ڏتڙيل طبقي جي تبديلي جو پروگرام کيس ان ۾ ئي نظر آيو تنهنڪري هن مسڪين به ان نظرئي جو حصو بڻجڻ پئي چاهيو جنهن ۾ پيٽ بکئي لاءِ ماني، اگهاڙي جسمن لاءِ ڪپڙو ۽ بي گهر مسڪينن لاءِ ڇت ڏيڻ جو وعدو هيو. سندس خواب هيو ته “ڪاش سماج جا ڏتڙيل طبقا هڪ ڏينهن پنهنجي صف بندي ڪندي جياپي جي جنگ وڙهي هن ملڪ جي ظالم سفاڪ طبقن کان پنهنجو حق کسي جيئندان حاصل ڪن”.
    زندگي جي آخري ڪجهه سالن ۾ نصير ڪوي جي طبيعت ناساز رهڻ لڳي هئي. بي روزگار پٽ چار نياڻيون، تعليم جو بار، گهر جو خرچ، زماني جي اٿي ويٺي جي شاهه خرچن سبب سماج کان باغي ۽ پنهنجي پارٽي کان مايوس نصير پنهنجي بيماريءَ تي ڌيان ئي ڪونه ڏنو پر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته کيس شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ ڪينسر هاسپٽل لاهور ۾ داخل ڪيو ويو جتي ڪجهه ٽيسٽن ۾ کيس پروسٽيٽ ڪينسر ڊائيگنوز ڪيو ويو جنهنجي آپريشن جو خرچ تمام گهڻو هيو. ڪجهه دوستن گڏجي سڏجي 250000روپيا ڪٺا ڪيا پر ان بظاهر خيراتي پر مهانگي اسپتال ۾ آپريشن لاءِ اهي پيسا تمام ٿورا هيا تنهنڪري پنهنجي وقت جي خوفناڪ مارشلائي بلائن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هي مهان ڪوي پيسا نه هئڻ ڪري اتان لاعلاج ڌڪاريو ويو.
    اسپتال مان نڪري ڪجهه عرصو ڪنهن واهر جي آسري محافظ ٽائون ۾ هڪ دوست جي گهر رهيو جوکيس ان دور جي گورنر لطيف کوسي وغيره گهرائي علاج جي خاطري ڪرائي هئي پر ڪيترائي ڏينهن گزرڻ کان پوءِ به جڏهن ڪٿان اميد جي ڪا ڪرن نظر ڪونه آيس ته نرڄو ٿي اندر جي مرض جو درد، پيڙا ۽ تڪليف اندر ۾ سانڍيون واپس وڃي وٿاڻ وسايائين. جيترا ڏينهن درد برداشت ڪري سگهيو ڪندو رهيو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪينسر جهڙي موذي مرض هن بي ڊپي شاعر ۽ ارڏي انسان کي ڪکين تي کڻي ڏنو ۽ آزاريندي آزاريندي وري کيس اسپتال جي بستري تي پهچايو هيو جتي هي باغي شاعر ڪيترا ئي ڏينهن غربت، مسڪيني، اڪيلائي، لاچاري ۽ لاوارثي جي باوجود زندگي لاءِ موت سان ويڙهاند ڪندي جڏهن ماندو ۽ نااميد ٿيو ته دم ڌڻي حوالي ڪندي جيون بنواس ورتائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو