ڌرتيءَ سان انسان جو ناتو ازلي ۽ آڳانجهو آهي . خشڪيءَ جو نروار ٿيڻ انسان جو خشڪيءَ تي آباد ٿيڻ ، انساني ثقافت جو هڪ اهم انگ آهي . ان ڪري ڀون سان انسان جو ڀرم آهي ۽ انسان ڀون جو اوهي واهي آهي . ڀُنءِ انسان کي جٽاداري هنج جي ميذباني مهيا ڪئي آهي ان ڪري انسان جو فرض ٿو ٿئي ته هو ڀُونءِ جي ڀرم لاءِ پاڻ پتوڙي ۽ ڀونءِ جي رکوالي به ڪري پر انسان هٻڇ جي هائيءَ ۾ ايترو هنيل آهي جو هن زميني مٿاڇري کي گندي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي .ان جي باوجود ڌرتي انسان کي پناهه ڏئي ٿي. ڌرتيءَ جي سلامتيءَ ۾ انسان جي سلامتي آهي. ڌرتيءَ جي مٿاڇري جي اڀياس لاءِ انسانن ”ڀون ڪڇ “ يعني جاگرافيءَ جو علم ٺاهيو جنهن وسيلي ، ڌرتيءَ جي گُڻ کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مختلف ماڳن مڪانن هنڌن کي نالا ڏيئي ڄاڻن جي ڪوشش ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته انساني علم نالن جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو . ٿرپارڪر جيئن ته ڀون مٿاڇري جي لحاظ کان انتهائي نيارو ڀاڱو آهي ان ڪري ، مارو ٿر جي ڀُن مٿاڇري جي هڪ هڪ نيارپ جو الڳ نالو آهي جنهن کي ڳڻڻ ۽ اڀياسڻ جي ضرورت آهي. اڄ اسين ٿر جي زميني مٿاڇري جي هڪڙي لقاءَ ”لڪ “ بابت ڳالهه ٻولهه ڪنداسين . لڪ جتي وارياسي مٿاڇري تي استعمال ٿئي ٿو ته اُتي جابلو ڌرتيءَ جو به مُک مظهر آهي. ڀٽائي سائين به اهڙو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪندي فرمايو آهي ؛ جبل مارئي جک ، جو آڏو آريچن کي توڙي لڪن لک ، سڀ لنگهيندس سڪ سان شيخ اياز به ”چوهڙ لڪ “ ۽ ”ڪانڪهه واري لڪ “ جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڪيو آهي. لڪ ڀٽ يا جبل جو اهو چاڙهيڪي وارو هنڌ آهي جتان گذرگاهي پيچرو گذري ٿو جنهن تان ماڻهو ، چوپايو مال ۽ جانور گذرن ٿا. ٿر ۾ هر هڪ لڪ جو مخصوص نالو آهي . اُستاد رائچند به پنهنجي ڪتاب تاريخ ريگستان (ڀاڳو ٻيو ) ۾ ٿر جي مشهور لڪن جا نالا ڏنا آهن جيڪي هن ريت آهن ”گاڏي وارو لڪ، مور لڪ ، اُٺ لڪ ، ڪاسائي وارو لڪ، ٿوهرن وارو لڪ وغيره “ حقيقت ۾ هرهڪ ڳوٺ جي آسپاس لڪ آهن جيڪي مختلف نالن سان سڏيا وڃن ٿا. انهن سڀني نالن جو ڪونه ڪو تاريخي ، سماجي يا جاگرفيائي پس منظرآهي جنهن کي بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ موسمي ، ماحولياتي ۽ انساني سرگرمي وڌڻ سان جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، سي هڻي وڃي هنڌ ڪنديون ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو اهي لڪ ، ڌرتيءَ جي مٿاڇري تان گم ٿي ويندا ۽ پوءِ آهستي آهستي انهن لڪن جا نالا به گم ٿي ويندا. ٿر ۾ برساتن جو گهٽ پوڻ يا نه پوڻ ڏڪاري صورتحال کي پيدا ڪري ٿو جنهن سان اوڀڙ ختم ٿئي ٿي ۽ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو اُڌڙي وڃي ٿو. ماحولياتي تبديلين سان به زميني مٿاڇري ۾ فرق اچي ٿو ته ٻئي پاسي وڌندڙ انساني آبادي ۽ انساني سگرميون جن ۾ اهي ڪم به شامل آهن جن کي انسان ترقيءَ جو نالو ڏئي ٿو جيئن روڊ رستا ، معدني ذخيرن جي کوٽائي وغيره . اهي سڀئي شيون ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي متاثر ڪن ٿيون. لڪ به متاثر ٿين ٿا . آهستي انهن جا نالا به گم ٿي وڃن ٿا . مثال طور اسلام ڪوٽ شهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ مشهور لڪ هوندو هو جنهن کي اونڌيو لڪ سڏيندا هئا ڇاڪاڻ ته اهو ايترو اونڌو هوندو هو جو ڇڪڙا هڪ ساهيءَ نه چڙهي سگهندا هئا. لاڏو اُٺ توڙي سواريءَ وارا اُٺ توڙي گهوڙا هن لڪ تان مشڪل سان ۽ آهستي آهستي چڙهندا هئا. اڳتي هلي روڊ ٺهيا ته اهو لڪ به ڪٽجي هيٺ ٿي ويو ۽ هاڻي اهو لڪ اونڌيو لڪ ئي نه رهيو آهي . مٺي شهر جي اُتر ۾ ”گاڏي وارو لڪ “ هوندو هو جنهن جو چاڙهيڪو ايترو ڏکيو هوندو هو جو ڇڪڙا هن لڪ ۾ اچي کُٽي پوندا هئا. رفتار کُٽڻ جي نتيجي ۾ ڇڪڙا ڪلٽي ٿي پوندا هئا. روڊ ٺهيو ته آهستي آهستي انهي روڊ کي به ڪٽي هموار ڪيو ويو آهي. ڪو وقت ايندو جو ماڻهو ان جوشايد نالوئي ڀُلجي ويندا. گاڏي واري لڪ کان اڳتي ڪافر لڪ به آهي . اهڙي طرح ڳوٺن جي آسپاس به لڪ آهن جيئن مثال طور اسان جي ڳوٺ وڪڙئي جي اوسي پاسي به اهڙا لڪ آهن جيئن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ جيڪو لڪ آهي تنهنکي مقام وارو لڪ چوندا آهن. ڳوٺ جي اُتر ۾ صالح جنجهي واري رستي تي ”آڌيٽي وارو لڪ “ آهي يعني اهو لڪ صالح جنجهي ۽ وڪڙيئي جي وچ تي آهي . ان تي پهچڻ سان اڌ پنڌ طئي ٿي وڃي ٿو ان ڪري ان تي نالو پيو آڌيٽي وارو لڪ. ڳوٺ کان اتر اولهه ۾ ليٽ وارو لڪ آهي جنهن جو نالو ان جي ڀر واري ٻني ”ليٽ “ تان پيو. ليٽ اهڙي ڏاڍي مٽيهاڻي زمين آهي جنهن ۾ برسات جي موسم ۾ پاڻي به گڏ ٿئي ٿو ،چوپايو مال اُتي اچي پاڻي به پيئي ٿو يا پاڻيءَ ۾ ليٽاڙو ڪري ٿو جيئن مينهون وغيره . سُڪيءَ ۾ به اها ليٽ موجود رهي گاڏهو۽ گهوڙائون مال اُن ۾ ليٽي پاڻ کي تازو توانو رکي ٿو. اهڙي طرح تراين جي ڀر وارا لڪ انهن تراين ۽ ڊهن جي نالن جي نسبت سان سڏجن ٿا جيئن ڊهي وارو لڪ ، ليٽاڙي وارو لڪ، ڏنهي وارو لڪ. اهڙي طرح سموري ٿر ۾ لڪ موجود آهن جن بابت لکڻ جي به ضرورت آهي ته انهن لڪن تي نالن جون تختيون لڳائڻ جي ضرورت آهي جيئن تاريخي ، ثقافتي ، جاگرافيائي ورثي کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محفوظ ڪري سگهجي.