ڪيھر شوڪت: ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامہ نگار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ڪيھر شوڪت: ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامہ نگار

    رضوان گل

    سنڌي ڪهاڻي جي اوسر ۾ جن ڪهاڻيڪارن جو اهم ڪردار رهيو آهي انهن ۾ جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان ويندي رزاق مهر تائين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. اهڙن ئي برجستن ڪهاڻيڪارن ۽ پختن ڊرامي نگارن ۾ ڪيهر شوڪت جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. هن وٽ لکڻ جو نرالو ڏانءُ هو جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيندو هو. هن زندگيءَ جي ننڍڙن مسئلن ۽ مونجهارن کان ويندي وڏن وڏن سماجي ناسورن تي جهڙي ڀرپور انداز ۽ جزيات ۾ وڃي لکيو سو انداز ئي سندس خاص سڃاڻپبڻيو.هنکيمشاهديوارياکپيشڪيلمنظر۾موجودچرندڙ پرندڙننڍينشينتيبههونديهئي.سندسڪهاڻين۾موجودمنظرڪشي پڙهندڙ کي ان ماحول ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي جيڪو هو لفظن ذريعي چٽيندو هو ۽ اها سندس لکڻيءَ جي ڪمال ڪاريگري هئي.
    ڪيهر شوڪت ولد غلام عباس ڪيهر ۲ فيبروري ۱۹۵۱ تي جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ آگاڻي باغن واري خاص سڃاڻپ رکندڙ آهي. سندس ننڍپڻ جا ڏينهن سرسبز ۽ شاداب ڌرتيءَ تي رانديون ڪندي گذريا. شروعاتي دَرجا آگاڻي جي پرائمري اسڪول ۾ تعليم ورتائين، جنهن کان پوءِ مڊل ڪلاسن تائين گورنمينٽ اسڪول ڪيهر ۾ پڙهيو، پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۰ ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه وقت دادو ۾ به قيام ڪيائين، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج دادو مان بي اي جو امتحان ڏيڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي بين القوامي تعلقات ۾ داخلا وٺي اتي هاسٽل ۾ رهڻ لڳو، پر کيس مزو نه آيو، جنهنڪري هن ايس ايم لا ڪاليج ۾ قانون جي تعليم وٺڻ شروع ڪئي. ۱۹۸۰ ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ۱۹۸۵ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي پڻ ڪيائين.
    ڪراچيءَ ۾ سندس نوڪريءَ جي شروعات سنڌي استاد طور ٿي، پر پوءِ تُرت ئي وڪالت شروع ڪيائين. ۱۹۹۰ ۾ کيس صوبائي قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي، جتان ۱۹۹۸ ۾ ڊپٽي اٽارني جي عهدي تي ترقي پڻ ماڻيائين. سندس مزاج حساس ليکڪ هئڻ سبب ٻين وڪيلن کان گهڻو مختلف هو. هن جتي به نوڪري ڪئي سندس هٿ صاف رهيا، جيڪو به حاصل ڪيائين سو سندس ذاتي محنتن جو نتيجو هو.
    ڪيهر شوڪت جو شمار سنڌ جي معروف ڊرامي نگارن ۾ به ٿئي ٿو. هن ستر واري ڏهاڪي ۾ لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، جنهن بعد سندس لاڙو ڪهاڻين ڏانهن ٿيو ۽ هن پنهنجي احساسن جي اظهار لاءِ ڪهاڻيءَ کي ئي مستقل اظهار جو ذريعو بڻايو. پاڻ هڪ متحرڪ انسان هو جنهن سڄي حياتي جدوجهد ڪندي قلم ۽ ڪاغذ سان ناتو نڀائيندي گذاري. هن جي لکڻين ۾ بهتريءَ جو پيغام آهي، جيڪو پڙهندڙ جي ذهن تي هاڪاري اثر ضرور ڇڏي ٿو. ڪهاڻي جي ڪئنواس تي خوبصورت ڪهاڻيون چٽيندي هن جڏهن ڊرامن ڏانهن لاڙو ڪيو ته نه فقط سنڌي پر اردو ڊرامن ۾ به پاڻ مڃرايو. هن پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو تڏهن لکيو جڏهن اڃا سندس عمر ۲۶ سال هئي. اڳتي هلي سندس شمار ملڪ جي تمام سٺن ناٽڪ نويسن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس يادگار ڊرامن ۾ ”انتها“، ”درد مندون ڪا ديس“، ”سج گرهڻ“، ”اڪيلو ماڻهو“ وغيره شامل آهن. ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پل تي ويٺل هڪ نوجوان“ پڻ ڇپيل آهي.
    انسان پنهنجي جيون ۾ ڪيئي سپنا ڏسي ٿو ۽ پوءِ سڄي حياتي انهن کي ساڀيان ڪرڻ جي جستجو ۾ گذاري ٿو ڇڏي. اڻ کٽ خواهشون انسان کي جهوري ٿيون وجهن. ”سڪون ڪٿي آهي“ رزاق مهر جي فقط ڪتاب جو ئي نالو نه آهي، پر اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جي جواب ڳولڻ ۾ زندگي جو ڏيئو به آخرڪار اُجهامي وڃي ٿو! پر زندگيءَ ۾ سڪون ميّسر ڪونه ٿو ٿئي. ڪيهر شوڪت به سموري زندگي انهيءَ سڪون جي تلاش ۾ گذاري.
    ڪيهر شوڪت سدائين پنهنجي آدرشن کي سامهون رکندي ڪم ڪيو. کيس ڪنهن جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان ڪَٽَ هئي، هو هڪ ارڏو، سنجيده، گهڻ پڙهيو ۽ خوش گفتار انسان هو. هن جي سنگت جو حلقو به وسيع هو. آگاڻين کان ويندي ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ جي ادبي لڏي سان سندس هٿ جوڙ هئي. هڪ ڳالهه جيڪا اندر کي ڏک سان تار ڪندڙ آهي ته ڪيهر شوڪت، فقير محمد لاشاري، روشن تنيو، واجد، رزاق مهر، ملڪ آگاڻي ۽ انور پيرزادو اهي سڀئي هڪ ٻئي پٺيان ڪيئن هليا ويا! ۽ ايترو جلدي! جڏهن ته انهن مڙني ماڻهن جي سنڌ کي اڃا شديد ضرورت هئي.
    هونءَ ته هر ماڻهوءَ اندر پنهنجو موهه هجي ٿو پر ڪجهه ماڻهن جو وڇوڙو دل ۾ گهاءُ ڪري وجهندو آهي. سندن موت جي خبر ٻڌي پڪَ ئي نه ٿيندي آهي ته ڪو ايترو جلدي هو اسان کان وڇڙي ويندا! اهڙن ئي ڇرڪائيندڙ خبرن ۾ ڪيهر شوڪت جي وفات جي خبر به هئي، جيڪو ۲۴ اپريل ۱۹۹۹ تي سوِل اسپتال ڪراچي ۾ اسان کان وڇڙي ويو هو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”پري ٿي ويل هڪ نوجوان“

    انور ابڙو

    هينئر قاضي منظر حيات پنهنجي ٺاهيل پوسٽر ذريعي ياد ڏياريو ته، اڄ ڪيهر شوڪت صاحب جي ورسي آهي. 23 اپريل 1999ع، سندس وڇوڙي جو ڏينهن ۽ سال هئا. اڄ ان کي 22 سال ٿي ويا. جن کان هُو ناهي وسريو، تن کان نه وسرندو. ڪنهن به جاءِ تي سندس نالو پڙهبو يا سندس نالو ٻڌبو ته ماضيءَ جا اُهي پل، واقعا ۽ ڳالهيون ياد اچي ويندويون، جيڪي اسان جو ساڻس علمي، ادبي ۽ ذاتي تعلق جوڙين ٿيون.
    مون کي ڪيهر شوڪت صاحب سان پنهنجي ٿيل پهرين ملاقات ته ياد ناهي، پر ساڻس ٿيل آخري ملاقات مون کان ڪڏهن به وسري نه سگهندي. پنهنجي جدائيءَ کان ڪجهه هفتا اڳ ۾ هو سنڌ مدرسي ۾ اچي مون سان مليو. تڏهن مان سنڌ مدرسي جي پهرين ماڙ تي، ان جي کٻي هٿ تي، بلڪل آخري ڪمري ۾، پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئس (اهو ڪمرو هاڻي گهڻو ڪري ته ڪانفرنس هال آهي) ته ڪيهر شوڪت صاحب آيو. اڳ جيان تمام گهڻي پنهنجائپ سان ملياسين. پهرين ڳالهه ئي اها ڪيائين ته،”هِتان گذريس پئي، سو سوچيم ته تو سان ملندو ٿو وڃان.“ سندس ان ئي جملي ۾ مون پنهنجي لاءِ بي انتها پنهنجائپ محسوس ڪئي. زماني جا حال احوال ٿيا، دوستن جو ذڪر نڪتو. چانهه پيتي سين. پوءِ هيءُ هڪ وڏو سنڌي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامي نگار موڪلائي ويو. ڄڻ هميشه جي لاءِ موڪلائڻ آيو هو!!
    ان ڏينهن مون کي هو ڪافي مايوس نظر آيو. تڏهن هن وڪالت به ڪرڻ شروع ڪئي هئي، سو هو ان وقت به عدالت مان ئي موٽيو هو. ڪيهر شوڪت صاحب سان ملي مون کي اڪثر پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي، ۽ هيءُ مون کي ننڍي ڀاءُ جهڙو پيار ڏيندو هو.
    سندس لاڏاڻي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پي ٽي وي، ڪراچي سينٽر تي گهڻو ڪري ته پروڊيوسر منظور مگسي صاحب سندس ياد ۾ هڪ پروگرام رڪارڊ ڪيو هو، جنهن ۾ پروڊيوسر محمد بخش سميجي صاحب ۽ گلاب چانڊيي صاحب سان گڏ مون کي به ڪيهر شوڪت صاحب تي ڳالهائڻ لاءِ سڏيو هئائين. مون کي سندس ڪهاڻين تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو هو. جيئن ته مون وٽ سندس ڪهاڻين وارو ڪتاب ”پُل تي ويٺل هڪ نوجوان“ نه هو، سو اهو مون پنهنجي پياري دوست ۽ شاعر ليلا رام کان ورتو هئو (جيڪو کيس اڄ ڏينهن تائين موٽائي نه ڏنو اٿم، ۽ اڄ ڪتابن جو عالمي ڏينهن آهي، ان موقعي تي ليلا رام جيڪڏهن پنهنجي چوري ٿيل يا دوستن کي ڏنل ڪتابن کي ياد ڪندو ته هيءُ ڪتاب کيس ضرور ياد ايندو). ڪيهر شوڪت جون ڪهاڻيون مون کي پنهنجون ڪهاڻيون محسوس ٿيون هيون، ۽ سوچيو هئم، ڪيهر شوڪت اهي ڪهاڻيون، مون کان پنهنجي وڏي عمر جو فائدو وٺي مون کان اڳ ۾ لکي ويو آهي، خاص طور ڪراچي شهر ۾ ايندڙ هڪ نوجوان جهڙي طرح پنهنجون اڪيلايون، مسئلا ۽ درد کڻي هلي ٿو، سي، تِن ڏينهن ۾ ائين ٿي محسوس ٿيو هو ڄڻ اهي منهنجون ئي ڪهاڻيون آهن.
    ياد اچي ٿو، هڪ ڀيري اسان جو انتهائي پيارو دوست رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ ۽ مان، رمضان شريف جو ئي مهينو هئو، سهراب ڳوٺ ڀرسان معمار ڪامپليڪس ويا هئاسين، جتي رزاق مهر پنهنجي پڦاٽ جي فليٽ تي هليو هو، جيڪو پاڻ ته نه هو، پر ان فليٽ جي رزاق صاحب وٽ چاٻي هئي، اتي رزاق صاحب آنن جو آمليٽ ٺاهيو هو، جيڪو اسان سيڪيل سلائس سان کاڌو هو. ان بعد ڪيهر شوڪت صاحب جي فليٽ تي آيا هئاسين، جتي هو موجود نه هو. ساڻس، هنن دوستن سان گڏ، هڪ يادگار ڪچهري نه ٿيڻ جو افسوس رهجي ويو هو!
    لاڙڪاڻو تڏهن مون کي ڏاڍو ڀريل لڳندو هو، جڏهن رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي ۽ واجد موجود هوندا هئا. سنڌي ادب جا هي وڏا نالا ۽ دوست اسان کان آهستي آهستي الڳ ٿي، هڪ ٻي دنيا ڏانهن هليا ويا... ڪيهر شوڪت 48 سالن جي عمر ماڻي (جنم 2 فيبروري 1951- حوالو: ويب سائٽ: سنڌي شارٽ اسٽوريز بلاگ). اها به ڪا عمر آهي!!
    سو ڪيهر شوڪت صاحب کي سندس خوبصورت شڪل شبيهه سبب تڏهن به ۽ اڄ به مان نوجوان سمجهان ٿو، ۽ جيڪڏهن سندس باري ۾ ڪو ڪتاب لکان ته، سندس ئي ڪتاب تان مدد وٺي، ان جو نالو بدلائي جيڪر هن طرح رکان:”پري ٿي ويل هڪ نوجوان.“

    -انور ابڙو
    جمع، 23 اپريل 2021
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو