ڪراچي ويزن 2020ع - سنڌين جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ علي حسن چانڊيو سٽي حڪومت ڪراچي“K.S.D.P” ڪراچي اسٽريٽجڪ پلان 2020ع جوڙيو آهي. جنهن مطابق ڪراچي جي ماڻهن کي هر قسم جي بنيادي سهولتون ڏيڻ جون رٿائون جوڙيون پيون وڃن. سٽي حڪومت مطابق ايندڙ12 سالن ۾ هڪ ته ڪراچي جي آبادي وڌي ويندي ۽ ٻيو ته ان وڌندڙ آبادي جي بنياد کي نظر ۾ رکندي ترقي ڪرڻي آهي ته جيئن اچڻ وارين حالتن کي منهن ڏئي سگهجي.سٽي حڪومت پاران جيڪي رٿائون جوڙيون ويون آهن ڇا ڳنهن مان ڪراچي ۾ رهندڙ ڌرتيءَ ڌڻي فائدو حاصل ڪري سگهندا يا الٽو اهي پنهنجن سمورن وسيلن کان محروم ٿيندا. اقليت ۾ تبديل ٿيندا ۽ بنيادي سهولتن جي نالي ۾ پنهنجي قومي حيثيت وڃائي ويهي رهندا. ان پسمنظر ۾ اسان چٽائي سان شيون سامهون رکنداسين ته جيئن غور فڪر ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌين ۽ سڄي سنڌ جي مستقبل کي بچائي سگهون. ميرن پنهنجي دور ۾ ڪراچي جي ڳڻپ ڪرائي هئي. هنري پوٽنجر مطابق 1809ع ۾ ڪرايل ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 5600 هئي. ان کانپوءِ ٻي ڳڻپ 1813ع ۾ ٿي ۽ ان وقت گهر شماري پڻ ڪئي وئي، جنهن موجب آبادي 13000 هئي ۽ 250 گهر هئا. ان دوران شهر کان ٻاهر ٻهراڙيون الڳ هُيون ۽ انهن جي الڳ سڃاڻپ هئي. ڪئپٽن هارٽ موجب 1839ع ۾ ڪراچي جي آبادي 13850 هئي. انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي جي آبادي 14000 هئي. انگريزن 1856ع ۾ ڳڻپ ڪرائي. انُ مُطابق 48421 هئي، جنهن ۾ ڪراچي ڪوٽ کان ٻاهرين علائقن کي به شامل ڪيو ويو هو، انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي شهر جيڪو صرف 33 ايڪڙن تي مشتمل هو سو 1861ع ۾ 14 ميلن تي ڦهلجي ويو. ان دوران ايران جا بلوچ مزدوري لاءِ ڪراچي ڏانهن آيا جيڪي لياري ۾ اچي آباد ٿيا. 1872ع ۾شهر جي آبادي 56753 هئي. 1881ع ۾ ڪراچي جي آبادي 73560 هئي. ڏهن سالن کانپوءِ 1891ع ۾ آبادي 105199 ٿي وئي. 1901ع جي ڳڻپ موجب آبادي 136297 هئي. 1931ع کان 41ع تائين ڪراچي جي آبادي ۾ 44.9 سيڪرو واڌ ٿي. ورهاڱي وقت ڪراچي جي آبادي 436887 هئي. شهر جي پکيڙ 233 چورس ڪلوميٽر هئي. اردو ۽ هندي ڳالهائڻ وارن جو تناسب 6.3 هو. ورهاڱي کانپوءِ 1951ع ڌاري ڪراچي جي ڪل آبادي 1086590 هئي. ياد رهي ته ورهاڱي وقت ڪراچي جي اڌ آبادي ٻه لک جي لڳ ڀڳ سنڌي هندو لڏ پلاڻ ڪري هندستان هليا ويا. هندستاني پناهگيرن جي ڪٽڪن جي ڪري ڪراچي جي آبادي ۾ زبردست واڌ ٿي. 1959ع ۾ هي شهر 3000 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙجي ويو. 1957ع ۾ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي. جنهن ترقي جي نالي ۾ ڪراچي جي اصلوڪن ماڻهن جي ڳوٺن جي تباهي ڪري ڇڏي، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هن اداري جي ٺهڻ سان ئي غيرقانوني آيل پناهگيرن کي منظم طريقي سان آباد ڪيو ۽ انهن کي سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون. 1972ع ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 15 لکن جو واڌارو ٿيو. هن جو ڪارڻ بنگلاديش مان بهارين جي وڏي تعداد ۾ اچڻ، جنهن ڪري ايشيا جي سڀ کان وڏي غيرقانوني ڪچي آبادي به هتي ٺهي. ٻيو سبب ون يونٽ دوران پنجاب ۽ سرحد مان به لڏ پلاڻ ٿي. 1951ع ۽ 1972ع دوران ڪراچي جي آبادي ۾ 217 سيڪڙو واڌارو ٿيو. 1998ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 9802134 ٿي وئي. سيپٽمبر 2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم هڪ قرارداد ذريعي سمورن غيرقانوني طور آيل پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارد جاري ڪرڻ لاءِ بل پاس ڪيو، جنهن جي ايم ايم اي ۽ ق ليگ جي سنڌي ميمبرن پڻ حمايت ڪئي، نتيجي طور لکين غيرقانوني آيل ڌاريا سڃاڻپ ڪارڊ ملڻ سان ڪراچي جا شهري ٿي ويا، ان ۾ بهاري، بنگالي، هندستان مان آيل پناهگير ۽ افغانين وڏي انگ ۾ فائدو حاصل ڪيو ۽ ڪراچي جي شهريت جا حق حاصل ڪرڻ کانسواءِ روزگار جي وسيلن کان وٺي سياسي، سماجي معاملن تي به حاوي ٿي ويا ۽ سنڌي جيڪي ورهاڱي تائين مڪمل اڪثريت رکندڙ هئا سي ڌارين جي لوڌن ڪري اقليت ۾ تبديل ٿي ويا. (ياد رهي ته کوکراپار مونابائو ٽرين جي اڪثر قومپرستن حمايت ڪئي هئي سواءِ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ترقي پسند پارٽي جي). 2006ع دوران انڊيا مان آيل ان ٽرين ذريعي اڪثر هندستاني ڪراچي ۾ رهي پيا، اها سرڪاري پڌرائي هئي. صرف 59 سالن ۾ سنڌي ماڻهن جي مرضي ۽ منشا خلاف رٿابندي ۽ ڏاڍ مڙسي سان ڪراچي جي آبادي ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي. امن جو شهر جنهن جا رستا، روزانو پاڻي سان ڌوپيا هجن اتي انهن غيرقانوني ماڻهن جي اچڻ سان ڪراچي مقتل گاهه بڻيل آهي. هر ماڻهو هر گهر هيسيل، دٻيل رهي ٿو، روڊ ۽ رستا اڄ به ڌوپجن ٿا پر بيگناهه انسانن جي رت سان. جنرل مشرف جي اقتدار ۾ اچڻ ڪري بلدياتي نظام ۾ تبديلي آندي وئي، ان نئين نظام مطابق هيٺين سطح تي اختيار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جنهن مطابق ناظم سسٽم متعارف ڪرائي وڏين آبادين کي ورهائي ماڻهن کي گهر جي دروازي تائين انصاف پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. سڄي سنڌ ۾ ته پراڻا ضلعا ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهيا ويا پر ڏيڍ ڪروڙ جي شهر ڪراچي کي سٽي حڪومت نالي ٺاهيو ويو، جنهن ڪراچي جي پکيڙ وڏي هئڻ ڪري پري وارن علائقن جي ماڻهن تائين رسائي نه هئڻ باوجود حصن ۾ ورهائڻ بجاءِ ان کي سٽي حڪومت ۾ تبديل ڪيو ويو. مُشرف پنهنجي اتحادي تنظيم کي تحفي ۾ سڄو شهر حوالي ڪري ڇڏيو. پنجن ضلعن ۾ ورهايل ڪراچي کي هڪ ڪيو ويو ويو. ان جا جيڪي منفي نتيجا سامهون آيا، ان تي اڳتي هلي بحث ڪريون ٿا ته سٽي حڪومت جي نالي ۾ ڪراچي جي ترقي جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ انهن جي زمينن، ڳوٺن ۽ ٻين وسيلن تي ڪيئن راتاها لڳا آهن. هاڻ اچون ٿا ڪراچي جي اسٽريٽجڪ پلان تي هنن جي چوڻ موجب 2005ع تائين جي آدمشاري 15.1 ملين آهي، يعني ڏيڍ ڪروڙ کان به ڪجھ سرس جيڪا 2020ع تائين 27.55 ملين ٿي ويندي يعني 275 لک جي لڳ ڀڳ مطلب ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ سوا ڪروڙ جو اضافو ٿيندو ۽ اهي ماڻهو ڪٿان ايندا اهو طئي آهي ته هندستان، افغانستان، بنگلاديش، مطلب ته سڄي سائوٿ ايشيا مان لڏ پلاڻ ڪري ڪراچي ايندا ۽ اهو انگ وڌي به سگهي ٿو، ورهاڱي کان وٺي ڌارين جي اچڻ جو اهو سلسلو هڪ لمحي لاءِ به بند ناهي ٿيو، نتيجي طور جڏهن ڏيڍ ڪروڙ جي آبادي ۾ صرف 18 ٽائون ۾ 3 ٽائون جا ناظم مقامي ماڻهو آهن ته پوءِ جڏهن سوا ڪروڙ جو اضافو ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو، اهو طئي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ آئنده هڪ به مقامي ماڻهو نه ناظم ٿي سگھندو ۽ نه وري ايم پي اي يا ايم اين اي. ڪراچي سٽي سرڪار جو چوڻ آهي ته جمشيد ٽائون، لياقت آباد ٽائون ۾ ماڻهن جي اڪثريت رهي ٿي، اتي ڳتيل آبادي آهي، جنهن ڪري انهن کي به اتان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو، جن لاءِ 2 ملين يعني 20 لک گھر به ٺاهيا ويندا، جيڪي سستي اگھ تي غريبن کي ڏنا ويندا، ان کان علاوه شهر جي ڪاروباري حلقن جي شڪايت تي سمورن هول سيلرن کي شهر مان ٻاهر منتقل ڪيو ويندو. ڪراچي جي آبادي جي واڌ جي ڪري ڪراچي جي پکيڙ ۾ به اضافو ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ ڪراچي جي پسگردائي مقامي ماڻهن جي سروي زمينن تي غير قانوني قبضو ڪيو پيو وڃي. ڳوٺاڻن کي ايم ڊي اي ذريعي هيسائي دٻائي زمينون خالي ڪرويون پيون وڃن ته جيئن 2020ع ويزن لاءِ ڌارين جي آبادي کي محفوظ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي پسگردائي ۾ سنڌين جي افرادي قوت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ غير قانوني طور آيل سمورن پناهگيرن کي ڪنهن مخصوص جڳهه تي رهائي ووٽ جي طاقت ۽ اڪثريتي تناسب سان سنڌين کي ڪراچي ۾ هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪري سگھجي. ان لاءِ رهائشي اسڪيمن لاءِ بن قاسم ٽائون، گڏاپ ٽائون، ڪياماڙي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون جي آبادي ۾ اضافو ٿيندو، انهن چئني ٽائون ۾ سنڌي اڪثريت ۾ رهن ٿا، انهن جي اڪثريت ٽوڙڻ لاءِ اسڪيمون جوڙيون پيون وڃن. مثال طور (1) بن قاسم ٽائون جي موجوده آبادي 480854 اهي، جيڪا ڏهن سالن ۾ وڌي 2153553 ٿي ويندي. اها تقريباً 348 سيڪڙو واڌ هوندي. (2) گڏ1پ 439674 مان وڌي 2638044 ٿي ويندي يعني 600 سيڪڙو واڌارو. (3) ڪياماڙي 583640 جيڪا 1923912 ٿي ويندي 230 سيڪڙو واڌ سان. (4) ڪورنگي 829813 مان وڌي 1825489 ٿي ويندي يعني 120 سيڪڙو واڌ. مطلب ته صرف سنڌين جي اڪثريتي علائقن ۾ 6645791 ماڻهن جو اضافو ٿيندو، جيڪا 100 سيڪڙو ڌارين جي آبادي هوندي، ان وڌندڙ آبادي جو دٻاءُ صرف سنڌي Area Based ڏانهن آهي، مختلف اسڪيمون جوڙي ان ۾ ماڻهن کي آباد ڪيو ويندو. تئيسر ٽائون (2) هلڪاڻي اسڪيم (3) هاڪس بي اسڪيم (4) اسڪيم 33 (5) ايم ڊي اي اسڪيم گھگھر ڦاٽڪ (6) شاهه لطيف ٽائون (7) اسڪيم 42 (8) اسڪيم 25-A (9) اسڪيم 43 (10) اسڪيم 45. مٿين اسڪيمن ذريعي سموري غير قانوني بادي کي رهايو ويندو، ان لاءِ مٿين اسڪيمن جي ڪجھ علائقن ۾ شاندار انفرا اسٽرڪچر جوڙيو ويو آهي، انهن اسڪيمن لاءِ تقريباً هڪ لک ايڪڙ زمين جي والار ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ گڏاپ ٽائون ۾ 7000 ايڪڙن تي مشتمل ٻه نوان ايئرپورٽ ٺاهيا پيا وڃن. انهي کان علاوه 9000 ايڪڙ زمين ڪراچي جي ڪاروباري ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ هول سيل مارڪيٽ کي ٻاهر ڪڍڻ جي رٿا بندي ٿي آهي. 9000 هزار ايڪڙ زمين ٽرانسپورٽ اڏن، ڪارخانا، ڪٻاڙخانه، سلاٽر هائوس، سمال انڊسٽري، فنانس ادارا وغيره لاءِ ڦٻائڻ جي رٿا آهي. ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ 9000 ايڪڙ زمين ديهه چوهڙ ۾ پلان ڪئي وئي آهي، جيڪا پرائيويٽ ادارن ۽ سرڪار جي گڏيل سهڪار سان جوڙي ويندي. ياد رهي ته ڪراچي جي سمورن پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي مڙهيل آهي ۽ انهن کي صلاح ڏني ٿي وڃي ته اوهين پنهنجن علائقن ۾ داخلا وٺو. ان ڪري اها ڳالهه بلڪل چٽي آهي، ايجوڪيشن سٽي ڌاري آبادي لاءِ جوڙي پئي وڃي. تقريباً 29800 ايڪڙ زمين ڪراچي شهر مان هول سيل مارڪيٽون منتقل ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ وڌيڪ قبرستان جوڙڻ لاءِ حاصل ڪئي پئي وڃي. ان زمين جو اڪثر حصو گڏاپ ٽائون، بن قاسم ٽائون، ڪياماڙي ٽائون، ڪورنگي ٽائون ۽ لانڍي ٽائون جي 48 ديهن ۾ آهي، سڄي ساري زمين سنڌي ماڻهن جي مالڪاڻي زمين آهي. ان کان علاوه ديهه کديجي ۾ 9000 ايڪڙ زمين ڊفينس هائوسنگ اسڪيم کي سستي اگھ تي ڏني وئي آهي. سٽي ڊسٽرڪٽ حڪومت ڪراچي اهو طئي ڪيو آهي ته هر سال هڪ لک گهر ٺاهي بي پهچ ماڻهن کي ڏنا ويندا. جنهن مطابق 75سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي کي فراهم ڪبا، جڏهن ته 25 سيڪڙو خوشحال ماڻهن کي وڏي رقم تي ڪمرشل پلاٽ ڏنا ويندا. جيئن ته پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته 1957ع ۾ KDA جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا. سنڌين جا ڳوٺ ڊاهي ۽ ان جي بر عڪس ڌارين جون آباديون ٺهيون، انهن کي پڪو ڪيو ويو، کين سموريون بنيادي سهولتون فراهم ٿيون. اهڙي ريت پ پ جي دؤر ۾ ايم ڊي اي ٺهي ته جيئن ضلعي ملير کي ترقي ڏياري سگھجي، سنڌي ڳوٺن کي ليز ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪجن پر مُشرف سرڪار ملير ضلعي کي ختم ڪيو، ڇاڪاڻ جو اهو سندن مفادن وٽان نه هو. جتي سڄي نمائندگي سنڌي ماڻهن جي هئي، پر ايم ڊي اي جي راڪاس کي پاليو ويو، ڇاڪاڻ جو هي ادارو سندن فائدن ۾ هو. ڪي ڊي اي وانگر ايم ڊي اي پڻ هڪ به سنڌي ڳوٺ پڪو نه ڪيو، ڪا به بنيادي سهولت نه ڏني وئي، الٽو طاقت جو استعمال ڪندي ڪيئي ڳوٺ ڊاٿا ويا، ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي هيسائي ڪوڙا ڪيس ڪري زمينن تان اٿڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. گذريل ڪيترن سالن کان هڪ غير سنڌي آفيسر ايم ڊي اي جو ايم ڊي آهي. ڪراچي اسٽريٽجڪ پلان موجب کين 2020ع تائين ڪراچي جي ڄاڻايل زمين اڻپوري هوندي ان ڪري کين لسٻيلو، ٺٽو ۽ ڄامشورو ضلعن مان به ڪجھ ديهون گھرجن ٿيون. هنن جو هي به خيال آهي ته نيشنل هاءِ ي، سپر هاءِ وي ۽ آر سي ڊي هاءِ وي تي منظم فورسز قائم ڪيا ويا ويندا ته جيئن شهر مان آبادي جي منتقلي، ڪاروباري سرگرمين لاءِ امن امان بحال رکي سگھجي. جيڪو هنن اڳ ئي ڪميونٽي پوليس جي نالي ۾ پنهنجن سمورن ويڙهاڪ ڪارڪنن کي ڀرتي ڪري ان کي قانوني بڻائي ڇڏيو آهي ۽ روز بروز ان ۾ واڌارو ڪيو پيو وڃي، جيڪو اڳتي هلي کين مددگار ثابت ٿيندو. ياد رهي ته تازو آيل ڌاريا پڻ ان فورس ۾ شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪميونٽي پوليس ۾ هڪ به سنڌي ماڻهو نه آهي. اچو ته هاڻي مٿي ذڪر ڪيل سٽي حڪومت جي ويزن 2020ع جي رٿا بندي جو جائزو وٺون ته ان رٿا ۾ سنڌين کي ڇا ملڻو آهي؟ اڳوڻي بيوروڪريٽ تسنيم صديقي سائبان نالي تنطيم جوڙي آهي، جيڪا غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي گھر ٺاهي ڏيندي ان جو ڪراچي ۾ پهريون ڪارنامو گڏاپ ٽائون ۾ خدا ڪي بستي ٺاهي آهي، اوهان کي حيرت ٿيندي ته اتي هڪ به بي پهچ ذلتن جو ماريل غريب سنڌي نظر ن ايندو، سمورا گھر بنگالين، بهارين ۽ هندستانين حوالي ڪيا ويا آهن. انهن کي سموريون بنيادي سهولتون مُيسر آهن. انهيءَ تسنيم صديقي جي سازشن تحت ئي سٽي حڪومت، في الحال “سڌي راند سونٽي جي” بجاءِ وڏي عقلمندي ۽ ڏاهپ سان وڏو پلان جوڙي لکين غيرقانوني پناهگيرن کي ڪراچي جي وسيع تر علائقي تي قابض ڪري سنڌين کي مڪمل يرغمال ۽ غلام بڻائي پنهنجي مرضي ۽ منشا سان جڏهن چاهين ڪراچي کي الڳ وطن جو نالو ڏئي ڇڏين. تسنيم صديقي رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ سٽي حڪومت جي سمورين ڊيولپمينٽ ڪميٽين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪميٽين جو ميمبر آهي. تئسر ٽائون جي جڏهن ڪمپيوٽر قرعه اندازي ٿي ته ڪمپيوٽر سنڌين کي سڃاڻڻ کان جواب ڏنو ۽ 98 سيڪڙو ڌارين جا پکا نڪتا ۽ هو پلاٽن جا مالڪ بڻيا ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪي ماڻهو سنڌ اسيمبلي مان ڌارين کي قانوني بڻائڻ لاءِ بل پاس ڪرائين جيڪي ماڻهو شهر جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ دروازا بند ڪندا هجن، جن سنڌي ماڻهن لاءِ ڪراچي جي ڪارخانن ۾ “جيڪي به سندن ابن ڏاڏن جي زمينن تي ٺهيا” نوڪرين جا دروازا بند هجن، جيڪي ڌرتيءَ ڌڻين جي تاريخي ورثن مورڙئي جي ماڳ ۽ چوڪنڊي قبرستان کي ميساري ڇڏين، سي ڪراچي ويزن ۾ سنڌين لاءِ ڪهڙيون بهارون کڻي ايندا. ڪراچي جا ڌرتيءَ ڌڻي صرف 60 سالن ۾ پنهنجي حق حاڪميت وڃائي ويهي رهيا آهن. لياري ايڪسپريس وي متاثرين جي حقيقي ماڻهن کي ڪوبه پلاٽ ن مليو آهي ۽ اهي ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته لياري ندي ۾ غيرقانوني ويٺل ڌارين کي پلاننگ ذريعي ديهه نانگڻ گڏاپ ٽائون ۾ 75 هزار گھر لياري ايڪسپريس متاثرين سٽي نالي اسڪيم ۾ ٺاهي ڏنا ويا آهن، انهن کي بجلي، گئس، پاڻي، اسڪول ۽ ڪاليج سميت سموريون سهولتون ملي رهيون آهن. سٽي حڪومت جي ايجوڪيشن پاليسي : سٽي حڪومت جي نئين پلان موجب ايجوڪيشن سٽي جوڙيو پيو وڃي، جنهن ۾ پرائيويٽ ۽ سرڪاري ادارن جي ماتحت تعليمي ادارا جوڙيا ويندا ته جيئن تعليم جي معيار کي بهتر ڪري سگھجي. پاڪستان کان پهرين ڪراچي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي تعليم پڙهائي ويندي هئي. سٽي حڪومت سمورن سرڪاري ادارن مان سنڌي تعليم ختم ڪري ڇڏي، شهر جي اندر سنڌي تعليمي ادارا ختم ڪري ڇڏيا، پرائيويٽ ادارن ۾ سنڌي جو نانءُ نشان ناهي. ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي سميت وڏن پروفيشنل ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي انٽري تي بندش وڌي وئي آهي. سمورا وڏا ادارا، يونيورسٽيون گورنر جي ماتحت آهن. جمهوري سرڪار جي وڏي وزير جي هڪ به نه ٿي هلي. هڪ طرف شاندار ايجوڪيشن سٽي ٺاهڻ جا سانباها ته ٻئي طرف سنڌي ماڻهن جي ٺاهيل تعليمي ادارن مان کين نيڪالي اهو ثابت ٿي ڪري ته هي نيون تعليمي سهولتون صرف ڊرامو آهي. زمين جي والار لاءِ ڪاروباري مقصدن ۽ سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو نئين ايجوڪيشن سٽي جيڪا 9000 ايڪڙن تي ٺهي رهي آهي ڪون هڪ سنڌي ٻار اتي پڙهي سگھي يا هڪ به ايڪڙ ڪنهن سنڌي ماڻهو کي اسڪول ٺاهڻ لاءِ ڏين. ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ جيڪي سنڌي اسڪول آهن، انهن کي ته پڪا ڪمرا به ناهن، ٻار ته جھوپڙين ۽ کليل آسمان هيٺ ويهي پڙهن ٿا، سٽي حڪومت جو اوڏانهن ڌيان ڇو نٿو وڃي. سٽي حڪومت جي صحت پاليسي: ڪراچي ۾ صحت جي سهولتن لاءِ وڏن ماڻهن لاءِ وڏيون اسپتالون ۽ پرائيويٽ اسپتالون موجود آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ڌارين ۽ تعصب پرست ڊاڪٽرن جي ڪري غريب سنڌي ماڻهو صحت جي سهولتن کان محروم آهن. مريض اسپتالن جي درن تي، فوٽ پاٿن تي رڙيون ڪري مريو وڃن. پهچ نه هئڻ ڪري پرائيويٽ اسپتالون سندن وس ۾ ناهن. ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ هڪ به 24 ڪلاڪ لاءِ کليل اسپتال ناهي، موئيدان، گھگھر جي ڳوٺن، بابا ڀٽ جا ماڻهو سهولتن کان محروم آهن، ته پوءِ هرارين ايڪڙ زمين تي اسمتالون ٺاهي ڇا هي حڪومت سنڌين لاءِ صحت جون سهولتون فراهم ڪندي؟ سٽي حڪومت جي ترقي جو پلان: سٽي حڪومت تعصب پرستي جي بنياد تي ڪراچي جي ترقي ڪري رهي آهي، 18 ٽائونن کي ظاهري طور تي هڪ جيتري بجيٽ ڏني پئي وڃي، پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو سنڌي Area Based سمورين سهولتن کان محروم آهي، نه سٺا روڊ نه سيوريج نه پاڻي، نه بجلي نه صحت نه ئي اسڪول، صرف 14 غير سنڌي علائقن ۾ ايڏي وڏي ترقي ڪيئن ممڪن بڻجي ٿي. اصل ۾ 14 ٽائون ناظم جيڪي ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل آهن، تن کي هڪ ته ورهاست واري بجيٽ ۽ ٻيو خصوصي پئڪيج (جيڪو اربن روپين ۾آهي) مان خرچ ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري انڊر پاس، پليون ۽ سٺا روڊ نظر اچن ٿا. اڄ به هاڪس بي ۽ لياري جا ماڻهو نه رڳو روڊن رستن کان محروم آهن پر پيئڻ لاءِ پاڻي به پئسن عيوض حاصل ڪن ٿا. سٽي حڪومت جي تعصب پرستي جي ڪري سنڌي علائقا هر ترقي ۽ خوشحالي کان محروم آهن جڏهن ته ڌارين جا علائقا شاندار ترقي ۽ خوشحالي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، تنهنڪري اهڙي ترقي ڪهڙي ڪم جي جيڪا ڌرتيءَ ڌڻين جي ڪم نه اچي. ڪراچي اسٽريٽجڪ پلان جا سنڌين لاءِ نقصان: هن پلان سان ساحلي ڪپ تي واٽر فرنٽ سٽي نالي نئون شهر اڏڻ سان جيڪو 40000 (چاليهه هزار) ايڪڙن تي مشتمل هوندو جيڪو دبئي جا بزنس مين عمار ڪمپني ۽ دبئي ورلڊ ٺاهينديون، ان جي پورائي لاءِ 20000 ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار کان ورتي پئي وڃي جڏهن ته 20000 ايڪڙ زمين مقامي سنڌي ماڻهن کان خالي ڪرائي کين بي گھر ڪري قبضو حاصل ڪيو ويندو، نتيجي ۾ هڪ پاسي صدين کان آباد سنڌي ماڻهو مڇي جي روزگار کان محروم ٿي دربدر ٿيندا ته ٻئي پاسي اتي ٺهندڙ عاليشان ماڙيون ۽ بزنس سينٽر ڌارين حوالي ٿيندا. اهڙي طرح ترقي جي نالي تي سنڌين جا تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ ماڳ کسيا ويندا. ساڳئي طرح گڏاپ، بن قاسم ۽ ڪياماڙي ٽائون جي سنڌي ماڻهن جون هزارين ايڪڙ سروي، 30 سالا ليز زمينون ضبط ٿينديون، ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا. سندن زمين تي پوک ڪرڻ جو معاشي حق کسي کين بي روزگار ڪيو ويندو، گرين بيلٽ جي تباهي سان مالوند ماڻهو تباهي جو شڪار ٿيندا. اهڙي ريت هڪ اندازي موجب 10 سالن ۾ 10 لک سنڌي ماڻهن کي ڪراچي مان لڏپالان ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو. ڪراچي صنعتي مرڪز هئڻ ڪري اهي سمورا فائدا غير سنڌين کي ميسر ٿيندا. ڇا هن پلان لاءِ مقامي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪيو ويو؟ ڪراچي جيڪو نج سنڌين جو ماڳ هو ۽ آهي. جڏهن 1843ع ۾ انگريزن قبضو ڪيو تي هن شهر جي آبادي 436000 جي لڳ ڀڳ هئي ۽ هڪ به غير سنڌي نه هو، پر اڄ 60 سالن ۾ سنڌين کي سندن بنيادي حق کان به محروم ڪيو ويو آهي. سٽي ناظم هڪ گھڙي لاءِ به ضرورت محسوس ناهي ڪئي ته ڪو ڪنهن چونڊيل سنڌي ناظم سان يا ڪنهن مقامي سماجي شخصيت، يا وري جن جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، جتي اسڪيمون جڙنديون ڪو انهن ماڻهن سان به صلاح مشورو ڪرڻ گھرجي، بس حڪمن ۽ داٻن جو استعمال ڪندي اهو سڀ ڪجھ ڪيو پيو وڃي. اوهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته ڪراچي جي سٽي ناظم ڌاٻيجي يو سي حاصل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي ناظم کي لکت ۾ آرڊر ٿو ڪري ته اها اسان جي حوالي ڪريو. جڏهن ته کيس اهڙو ڪو به اختيار نه آهي. تاريخ ۾ قبضاگير، حملي آور اهڙي ڪرت ڪندا آهن، جيئن يهودي فلسطين جي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اڄ به فلسطيني پنهنجي وطن ۾ غلام ۽ يهودي حاڪم بڻيل آهن. سٽي حڪومت جي اهڙي روش ۽ سنڌين جي نمائندن سان نه ڳالهائڻ وارو عمل سنڌ دشمني ۾ اچي ٿو. ڪراچي اسٽريٽجڪ پلان بابت تجويزون: سٽي حڪومت جنهن جي خيال تي تفصيلي بحث ڪرڻ کانپوءِ اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اهو پلان مڪمل طرح سان سنڌين جي خلاف آهي ان ڪري ان کي روڪڻ، ان جي مزاحمت ڪرڻ جي ضرورت آهي ٻي صورت ۾ ڪراچي سنڌي ماڻهن جي هٿان هر لحاظ سان نڪري ويندي ۽ جي ائين ٿيو ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي بربادي کي ڪير به روڪي نه سگھندو. ان ڪري ڪراچي جي ويزن 2020ع واري غيرقانوني منصوبي کي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث هيٺ آڻجي ۽ اڪثريتي راءِ سان مڪمل طرح رد ڪجي. ان کان اڳ ڪياماڙي، گڏاپ، بن قاسم ۽ ڪورنگي جي 30 سالا ليز زمين کي 99 سالن ۾ تبديل ڪري سنڌين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. ڪراچي جي ٻهراڙي کي آلودگي (Pollution) کان بچائڻ لاءِ گرين بيلٽ ڏئي ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو وڃي. سڄي دنيا ۾ وڏن شهرن بجاءِ ننڍا شهر جڙي رهيا آهن، ان ڪري ڪراچي کي وڌائڻ بجاءِ ان کي پنجن ضلعن ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن هر ماڻهو تائين آسانيءَ سان رسائي ٿي سگھي ۽ سمورن ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن. جڏهن ته پنهنجن ذاتي قبضاگيري وارن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو، جيڪو صرف 20 لک ماڻهن جي آبادي جو ضلعو آهي. جڏهن ته ڪراچي ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو شهر آهي. ان ڪري فوري طور decentralization واري پاليسي تي عمل ڪندي ڪراچي کي پنجن ضلعن ۾ ورهائي ڪراچي جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي وڃي. سڄي دنيا مان آيل غيرقانوني پناهگين کي فوري طور تي ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي، ڪنهن به ڌارئي جو شناختي ڪارڊ يا پاسپورٽ ٺاهڻ بند ڪيو وڃي