#سر__حسيني__داستان__پنجون ٫٫ ۵ ،، بيت نمبر --------------------- پھريون. ٫٫ ۱ ،، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ٫،٫،٫، ۱ لـٖيڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئا مَٿـٖي وِئا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنھُو ڄامُ پَھَسَ، هُئـا وَڏِي وَسَ، ٻاروچـا ڀَنـڀورَ ۾. لَسَ ... سنوان پٽ (پوٺو ئي پوٺو) لسو پٽ، لس ٻيلي کي انھيءَ نالي سڏيندا آهن. ڇو تہ مُلڪ جو گهڻو ڀاڱو لسو ئي لسو مَيدان آهن. مانباڻِئا ... مانباڻ يا ماباڙ نئن کان، (هڪ نئٖي جو نالو) آهي، جا لس ٻـٖيلي جي ڏاکڻي طرف آهي. پَھَسَ ... زوريءَ، زبردستيءَ سان(جيئن سر ديسي د ۔ ۴ ب ۱۶ ص ۳۷۶) ۾ آهي تہ؟؟ (اِيُ ڪامل! ڪم نہ سندوءِ، جن (پھس) پڇاڙيـٖين پوتيـٖين) وَسَ ... آبادي (خوشيءَ جو باعث) وسندي، چھچٽي جو سبب. ۲ وَڏِي وَسَ هُـئـا، ٻاروچـا ڀَـنـڀـورَ ۾، وڃِي ڏُورِ پِئا، سانگِـنِ پُٺِيءَ سُپِرِين. ............................................... يعني ٻاروچا(پنھون جا ڀائر) منھنجا ڏٖير، ڀنڀور ۾ مون لاءِ وڏو آسرو هئا، پر جڏھن منھنجو ور وٺي (ڀنڀور کي ڇڏي) ويا آهن تہ سندن پٺيان مونکي بہ ڪشالا ڪرڻا پئجي ويا آهن. توڻٖي جو هو مونکي ضعيف سمجهي ڀنڀور ۾ ڇڏي ويا آهن. ۴ سانڍِ پَنھِنجـٖي ساهَہ، ٻانھِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان.، واڳِيُون جي وَرَنِ سين، تَنِ سَرَتِيَنِ سيڄَ سُھاءِ، ُمُنکٖي طَعنا تٖي ڏِيـٖينۡ، مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ! آرِيءَ جِــي آڪـــاهِہ، رُلايَـــسِ روهَـــنِ ۾. ساهَہ ... ساهہ سان. ٻانھِين ... ٻاهُن ۾ پائڻ جو، عاج مان ٺھيل چُوڙو ٻُورا ... ڀورا، ڀڃي پُرزا پُرزا ڪرڻَ. واڳِيُون ... ٻڌل، وصال جي حالت ۾ هُئڻ آڪـــاهِہ ... ڪُٽنب، خاندان. روهَـــنِ ... جبلن ۵ (ماءُ - ڌِيءَ جي وچ ۾، وڇوڙٖي جو پھريون مُڪالمون!!) ماءِ! وِهاڻو وارِ، کَڻُ پَٿَراڻِي پانۡھِنجِي، جـٖيڪِين ڏِنُئِي ڏٖيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ، وَڃانۡ ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پـٖيرُ پُنھُونءَ جو. __ سمجهاڻي ۽ شرح __ وارِ ... ورائٖي وٺ. سارِ ... سنڀالي وٺ. =؟؟= جيجان سسئيءَ جي سيني ۾ جڏھن سڪ جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ شروع ڪري ٿو تہ هوءَ پنھل لاءِ بيقرار ۽ بـٖيحال بنجي ساڻس ملڻ ۽ کيس ڏسڻ لاءِ ڏِسُون ڏورڻ جو فيصلو ڪري ٿي، ۽ هوءَ سڀ کان پھرين اهو ارادو پنھنجي ماءُ کي ٿي ٻُڌائي، ۽ کيس چـٖي ٿي، تہ جـٖيڪو ڏٖيج ۾ ڏنو اٿٖيئي اُهو هاڻ ساري ۽ سنڀارٖي(سنڀالٖي) کڻ! منھنجو سفر پنھونءَ پسڻ لاءِ شروع ٿيڻ وارو آهي. ۶ ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانئِيانۡ، جِتـٖي رَهانۡ راتَڙِي، مِرُون مُنھِنجا مِٽَ، سٖيڻَنِ جِي سَھَٽَ، ڏُونگَرُ ڏوئِلِي مُون ٿِيو. ____ معنيٰ ____ سَھَٽَ ... سڪ اُڪِيرَ ڏوئِلِي ... ڏلي، پالڪي پھاڙ جون آسمان کي ڇُھندڙ ڇِپُون، (ويڪرا پٿر) سسئي لاءِ هنڌ ۽ بسترو آهن، جتي راتڙيءَ ٿي پوٖيس، ان جبل جا جانور (مرون) بہ جيجان سسئي جو ٻاروچن سان عشق جي انتھا ڏِسيو مِٽَ(مائٽ) ٿيو پون، اها صرف سڄڻن جي سڪ ئي آهي، جن سڄڻن سان سندس ور (پُنھون) گڏ آهي، جنھن جي ڪري پورو پھاڙ، سسئي لاءِ آرام ده ڏوليء، پالڪي جيان آهي. ً۷ ڏِنـِي سـِڪَ سَـسُـئِـيءَ کـي، ٻـيـلِـيـاڻِـي ٻَـروچَ، لوڪَ وِچانۡ ئِي لوچَ، نـٖيئِي پَھُچائٖي پُنھُونءَ کي. ـــــ سمجهاڻي ـــــ ٻـيـلِـيـاڻِـي ...همراهہ، ساٿِي، ٻانھِي. لوچَ ... ڳولا. هوت پنھونءَ سسئيءَ کي سڪ ٻيلياڻي(نوڪرياڻي) ڪري ڏني. مگر عام ماڻھن ۾ گذاريندي سسئي کي جيڪا اُڻ تُڻ ۽ تلاش هئي، تنھن کيس پنھنجي پُنھل وٽ پھچائي ڇڏيو. ۸ مُـسـافِـرَنِـئُـون، ماءِ! وِرهُـہ وِهايُـمِ وِتَـرو، اَچِي ٿِيَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجانۡ! جَهلَ مَ پاءِ، هِيُئونۡ هوتَ هَڻِي وِئا! ــــ سمجهاڻي ۽ شرح ــــ مُـسـافِـرَنِـئُـون ... مسافرن وٽان. وِرهُـہ ... فراق، وڇوڙو، هجر. وِهايُـمِ ... خريد ڪيم. وِتَـرو ... تمام زياده. ساڃاءِ ... واقفيت. امڙ مونکي تہ ويندڙ مسافرن، کان رُڳو، وڇوڙو ۽ فراق زياده مليو اٿم، مونکي تن سيڻن سين ساڃاءِ (واقفيت) اوچتي ٿي، جڏھن هو روانا ٿي ويا، اي امڙ هاڻ مونکي تون نہ روڪجان، منھنجو هِيُون هوت هڻي ويا يعني،(پُنھونء) ور، ڏٖير وٺي ويا. هاڻ هتي ڪنھن جي ڪاڻ جِيئندِيَسِ. ۹ ڪِـيئَـن اَڙايُـئٖـي پانـدُ، پَـلَـئِـہ پَـرَڏٖيھِـيَـنِ سٖيـن، مَتِيُون مُوڙھُئِيٖي، سَسُئِي! ڪِيُئٖي ڪوهِيارو ڪاندُ، رُلِـي! ڀانۡـيُـئٖـي رانـدُ، ٻانۡـڀَـڻِ! عِـشـقُ ٻَـروچَ جـو. --؟؟-- سسئي! تون ڪيئن وڃي پرديسين (ڪيچ جي بلوچن) سان پريت جو پلئہ ڳنڍيو؛ شايد تنھنجي مت مارجي ويئي، سمجهہ ويَئٖي جو سوچئي ڪون، ۽ وڃي ڪوهيارو(جبل وارو)مڙس اختيار ڪريوٖيٺِينءَ، رُلي(سسئي) جبلن ۾ رلي دربدر ٿيندڙ؛ گهر کان بي گهر ۽ دربدر - تو شايد پنھُونءَ جي عشق کي راند، تماشو سمجهو هو. چونڊ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽≼≽ https://www.facebook.com/groups/185744742521781/?ref=share