ترتيب ـ غلام محمد شاهواڻي نظر ثاني ـ محترم رفيق آس لغاري سر ڪلياڻ داستان پهريون 1 اَوَلِ، اللهُ(1)، عَلِيمُ(2)، اعليٰ(3)، عَالَمَ(4) جو ڌَڻِي(5)، قَادِرُ(6) پَهِنجِي قُدرتَ(7) سين، قائمُ(8) آهِ قَدِيمُ(9)، والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ،(15) سو ساراهِه(16) سچوڌَڻِي، چَئِي حَمدُ(17)، حَڪِيمُ(18)، ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ(19)، جوڙُون جوڙَ(20)، جَهانَ(21) جِي. شمارياتي مطالعو.. صراط بلوچ 2 جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، جڏهن جوڙِيائين، خاوَندُ خاص خَلِقي، مُحَمَّدُ مُڪائِين، ڪلمو تنهن ڪَريمَ تي، چِٽو چايائين، اَنا مولاڪَ و اَنتَ مَحبُوبِيۡ اِيَّ اُتائِين ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائُون سَيّد چئي. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 3 جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، پاڻُ ڪِيائِين پَرِوارُ، حامِي، هادِي، هاشَمِي، سَرِدارين سَردارُ سُنهي صحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجههِ مَسِجِدِ مڻيادارُ، چارِئِي چڱا چئوڌارُ، هُئا هيڪاندا حَبِيبَ سين. 4 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ چَئِي، چُوندو آءُ، فَرَضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئو تَرڪُ مَ پاءِ توبَهَه سندِي تَسِبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ نِگا پَنهنجي نَفَسَ کي، ڪا سَئِين راهَ سُونهاءِ، ته سَندِي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائِي نه اَچي. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 5 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ جان ٿو چَئين اِيَّ تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن، تان تون وَڃِوو ڪِيَّ نايين سِرُ ٻِيَنِ کي. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 6 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جڏِهۡن چَيو جَنِّ تَنِّ مڃيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، هيجاه ساڻُ هِيۡنِ، تَڏِهۡن مَنجَهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 7 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَنِّ اُتو سين ايمانَ، تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ، اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا. (اوليا) شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 8 اَوَتَڙِ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ، هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ، بَي بَها بالِمَ، آڳي ڪيا اَڳهين. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 9 آڳي ڪيا اَڳهيِن، نِسورو ئِي نُورُ، لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونهي سُورُ، موليٰ ڪيو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 10 وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، اِلَا اللهُ سين اورِينِ، هِنيون حَقِيقَتَ گَڏِيو، طَرِيقَتَ تورِينِ، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندرُ ڏورِينِ، سُکِ نه سُتا ڪَڏِهين، ويهِي نه وورِين،ِ ڪُلَهنِئُون ڪَورِينِ، عاشِقَ، عبداللطيف چئي. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 11 وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، اِلَااللهُ اَڌَ ڪِيا مُحَمَّدُ رَسُولُ چَئي، مُسلمانَ ٿِيا، عاشِقَ عبدالطيف چَئي، اِنَهِين پَهِه پِيا جيلانهين(جيلاه) ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلانهين(تيلاه) ويا وحدت گڏجِي. 12 وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، ڪيا اِلَااللهُ اَڌَ، سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪنهن(ڪہ) اَڀاڳِيَ نه ٿئي. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 13 سِرُ ڍُونُڍِيان، ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍونُڍيان، سِرُ ناهِه، هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانہِه، وحدتَ جي وِهانءِ، جي وِيا، سَي وَڍِيا. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 14 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا، ڪَي(ڪِ) تو ڪَنَين نه سُئا، جي گَهٽَ اَندر گهوڙا، ڳاڙيندين(ڳاڙيندهَ) ڳوڙها، جِتِ شاهد ٿِيندَءِ سامُهان. تشريح ۽ شمارياتي مطالعو.. صراط بلوچ 15 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، اِيُّ وِهائِج وِيُّ، کَٽين يا(جي) هارائين، هَنڌُ تُنهنجو(تهجو) هِيُّ، پاڻهان(پاڻا) چُوندئي(چُندءِ) پِيُ، ڀَرَي جامُ جَنَّتَ جو. تشريح ۽ شمارياتي مطالعو.. صراط بلوچ 16 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ِايُّ هيڪڙائِيءَ حَقُّ، ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو، سي وِرَسِيا تشريح ۽ شمارياتي مطالعو.. صراط بلوچ 17 عاشق چَئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئو مَعشُوقُ، خالِقُ چَئو مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَئو مخلوقُ، سَلِج تنهن(تَهِن) سُلوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱيو. تشريح ۽ شمارياتي مطالعو.. صراط بلوچ 18 وَحۡدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ، حَقُّ حقِيقِي هيڪڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُّ، هُو هُلاچو هُلُّ، با اللهِ سندو سَڄَڻين. 19 پاڻَهِين(پاڻِہۡ) جَلَّ جَلَالَہُ، پاڻهيِن جانِ جمالُ، پاڻهيِن صُورتَ پِرينءَ جي، پاڻهيِن حُسنُ ڪَمالُ، پاڻَهيِن پِيرُ مُرِيدُ ٿئي، پاڻهيِن پاڻَ خَيالُ، سَڀِ سڀوئِي حالُ، مَنجهان ئي معلومُ ٿئي. 20 پاڻَهيِن پَسَي پاڻَ کي، پاڻهيِن محبوبُ، پاڻهيِن خَلقَي خُوبُ، پاڻهيِن طَالِبُ تَنِّ جو. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 21 سو هِيُ، سو هُو، سواَجلُ، سو اَللهُ سو پِرِين، سو پَساهُ، سو وَيرِي، سو واهَرُو 22 پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَهيِن، هُئا اڳِهيِن(اڳهم) گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿِيا. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ 23 ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون، جيڏانهن ڪريان پَرکِ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهون. 24 ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون(تهجيون)، لِکَن لَکَ هزارَ، جِيءُ سڀڪنهن جيءُ سين، دَرسَنُ ڌارو ڌارَ، پرين(پِريم)، تنهنجا پارَ، ڪِهَڙا چَئي ڪيئن(ڪِيءَ) چوان. شمارياتي مطالعو..صراط بلوچ ڪلياڻ داستان ٻيون 1 اگهِي اَگهائي، رَنجُ پريان کي رَسِيو، چَکِيَمُ چڱائي، سورانگَهي سُورِيءَ تان. 2 اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟ اسان ڏُکي، ڏِيل ۾، تُون پيارِئين پيڄَ! سُورِي جَنِينِ سيڄَ، مرڻُ تَنِ مُشاهِدو. 3 سُورِيءَ سڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيون؟ وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نِيہُ ڳِنَنِ جي. 4 سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي جي اَٿِئي سَڌَ سِڪَڻُ ۾، ته ڪَوءُ مَ، پيرُ پري سِسِي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پريتڻُون 5 سُورِي آهِ سينگارُ، اَڳِهيِن عاشِقَنِ جو، مُڙڻُ موٽَڻُ مِيهڻو، ٿِيا نِظاري نِروار، ڪُسَڻُ جو قَرارُ، اَصَلِ عاشقن کي. 6 سُورِي سِينگاري، اَصَلِ عَاشِقَنِ کي، لُڏِيا ڪِينَ لَطيفُ چئي(چي)، ٿِيا نيزي نِظاري ڪوٺِيو ڪِناري، آڻِيو چاڙهي اُنِ کي 7 سُورِيءَ مَٿي سَيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا! جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُورِيائِي سيڄَ ٿِي. 8 سُورِيءَ چڙهُڻ، سيجَ پَسڻُ، اِيُّ ڪَمُ عاشِقَنِ پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان. 9 سُورِيءَ تي سَئووارَ، ڏِهاڙيو چَنگِ چڙهين، جِمَ وِرچِي ڇڏئين، سِڪَڻُ جِي پَچارَ، پِرتِ نه پسيِن پارَ، نينهن(نيہُ) جِئان ئي(جئَائِين) نِڱِيو. 10 پهرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻو، ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن(جِيَ) وِڄاءِ، سِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نينهن جو. 11 ڪاتيءَ ڪونهي(ڪونہ) ڏوهُ، ڳَنُ وڍِيندڙَ هَٿ ۾، پَسيو پَرِ عَجيبَ جِي، لِچيو وَڃي لوهُ، عاشِقَنِ آندوهُ، سدا معشوقَنِ جو. 12 ڪاتِيءَ تِکِي مَ ٿِئي(ٿيي)، مَرُ مُنِيائِي هوءِ، مانَ وَرمَنِ توءِ، مُون پريان جا هَٿَڙا. 13 ڪاتي جا قريبَ جي، سا هڏ چيري چَمُ عاشقن پنهنجو اڱ، اَلله(لِلهُ) ڪارڻِ وَڍيو 14 جي تو سِڪڻُ سِکيو، ته ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪِنجههُ سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙهُنِ ڏجي نه منجُهه اَندرِ اِيُ اَهنجُ، سانڍج سُکائون ڪري. 15 جان وَڍين تان ويہُ، نه ته وٺيو واٽَ وانءُ تون، هِيُ تَنين جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِين هَٿَ ۾ 16 ڪاتِي جَنِّ ڳَرِي، مان لنوءُ لڳو تَنِ سين، محبت جي مَيدانَ ۾، وڃان پيرَ ڀَري اَڏِيَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهَنِهُون سُپِرِين 17 اَڳِيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهيا، ڪَاٽِ ته پوين(پوءِ) قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين(ڀايين) گهٽ، مَٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏسين پَٽِ؟ ڪَلاڙڪي هَٽِ، ڪُسَڻُ جو ڪوپُ وَهي. 18 جي اَٿيئي(اَٿِي) سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙَنِ ڪاٽي، لاهي رَکُ، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي، تِڪُ ڏيئي پِڪَ پِيُ، تون گهوٽ منجهان گهاٽي، جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو سهانگو(ساهنگو). 19 جي اَٿيئي(اَٿِي) سُڌ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪِي هَٽِ، لاهي رَکُ لطيف چئي، مٿو ماٽيءَ وَٽِ سِرُ ڏيئِي ۾(م) سٽِ پِيج ڪي پياليون 20 جي اَٿيئي سَڌَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڪُوءِ، مَهيسَرَ جي مَنڌَ جي، هُتِ هَڏهينِ هُوءِ، جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي. 21 جي اٿِيئي سڪ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڳَرِ وَڍَڻُ چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ، پَهَتِ اُنِيۡن جي پَرِ، جي وَٽي پوييءِ ورِ، ته سَهَنگِي آهَ سَيِّدُ چئي 22 ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي(ڪِيۡن) مُلھه(مُلِ) مهانگو(مَهنگو) مَنڌُ، سَنباهِجُ، سَيِّدُ چئي، ڪاٽڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، هِيُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽنِ پاسِ مَرَنِ جي. 23 عاشقَ زَهرُ پِياڪَ، وِهُ ڏسي(پسيو) وِهُسَنِ گهڻو، ڪڙي ۽ قاتِلَ جا، هميشه هيراڪَ، لَڳيَنِ لَنوءُ، لطيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ، توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ ته به(تَپِ) آهَ نه سَلَنِ عامَ کي. 24 مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوه، پيتي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روحُ، ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ، لطيفُ چئي. 25 سَڌَڙِيا سَري جون(جيون)، ڪُہُ پَچارُون ڪَنِّ؟ جهُ ڪاتَ ڪُلاڙِنِ ڪڍيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِّ، پِڪُون سي پِيَنّ، سِرُ جن(جنين) جا سَٽِ ۾. 26 سِرَ جُدا، ڌڙَ ڌارَ، دوڳَ جنِين جا ديڳِ ۾، سي مَرُ ڪَنِ پِچارَ، حاضر(هڪيا) جن جي هٿ ۾. 27 ديڳيين دوڳَ ڪَڙَهۡنِ، جِتِ ڪڙِيين ڪَڙَڪونه لهي، تتي، طبيبنِ چاڪ چِڪندا ڇڏيا. 28 سِسِي سي گُهرَنِ جي واٽِندَڙ وِچَ ۾، اُوءِ ڪِي ٻيو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباهِيو؟ 29 اَصلِ عاشِقَ پنهنجي(پاهِجِي)، سسي نه سانڍينِ لاهِيو سِرُ لطيفُ چئي، ساهُ سلاڙِيو ڏينِ ڪُلنِئُون ڪاٽين، پُڇن پوءِ پريتڻُون. 30 اَصلِ عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪَمُ، سُؤ سِسِنئان اَڳَرو، سندو دوسان دمُ، هِيُ هڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نه پَڙي. 31 جي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سڀ ڪنهن(سڀڪهم) سَڏَ ٿئي، سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن(اِيَ) اَچنِ، لِڌا تي لَڀَنِ، مُلھهِ مَهانگا سُپِرينِ. 32 مُلھه مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادتَ، اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پريِنِ جو. داستان ٽيون 1 اُٿِياري اُٿِي وِيا، مَنجهان مون آزارَ، حَبِيبَ ئِي هَڻِي وِيا، پِيڙا جي پَچارَ، طَبِيبَنِ تَنوارَ، هَڏِ نه وَڻَي هاڻِ مُون. 2 هَڏِ نه وڻَي هاڻِ مُون، ويڄَنِ جِي وِصال هِنَّ منهنجي حال، حبيبُ، ئِي هادي ٿيو. 3 حَبِيبُ ئي هادِي، ٿِيو، رَهنُما راحتَ پيڙا نِيائِين پاڻَ سين، لائي ڏيئي لَتَ، سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ منهنجا ڏُکَندي 4 اَورِ ڏُکَندو اوُ ٿيئي، هادِي جنهن حَبِيبُ، تِرُ تَفاوَتُ نه ڪَري، تنهن کي ڪو طَبِيبُ، رَهَنُمَا رَقيِبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين. 5 ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ، مَجلِسُ وَيرَ مِٺو ٿيئي، ڪوٺِيندي قَهارُ، خَنجَرُ تنهن خوبُ هڻي، جنهن سين ٿيئي يارُ، صاحِبُ رَبُّ سَتَّارُ، سوجهي رڳون ساهَ جِيُون. 6 رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنهِين، لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ، سوئي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪِيَسِ جنهن ڪَبابُ، سوئي عينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحُ جِي. 7 سوئِي راهَ رَدِّ ڪري، سوئي رَهَنُماءُ، وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَتَذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ. 8 پَرِ ۾ پُڇيائُون، عشقَ جي اسبابَ کي دارُون هنَ دردَ جو، ڏاڍو ڏَسيائون، آخِرُ والۡعَصرَ جو، اِيَهِم اُتائون تهان پوءِ آئون، سڪان ٿِي سَلامَ کي. 9 سِڪيِن ڪُہۡ سَلامَ کي، ڪَرين ڪُہۡ نه سَلامُ؟ ٻيا دَرَ تنِّ حَرامُ، اِيُ دَرُّ جَنِين ديکيو. 10 مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناهِ ڪَلامُ، سُڪُوتُ ئي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو. 11 پِريان سَندي پارَ جي، مِڙَئِي مِٺائي، ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري. 12 ڄاڻِي ٻُجِهي جَنِ، توسين سُورَ سَڃَ ڪِي تون ڪِيَ سنديون تن، پَرَ سين پَچارون ڪَرين. 13 تو جَنيِن جي تاتِ، تَنِّ پُڻِ آهي تنهنجي، فَاذۡکُرُوۡنِي اَذۡکُرُکُمۡ، اِيَّ پَرُوڙِج باتِ، هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي. 14 حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجهان مَهَر سڏُ ڪِيو، سو مون سڀَ ڄمارَ، اورڻُ اُهوئِي ٿِيو. 15 پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين، اَلَسۡتُ بِرَبِکُمۡ، چَيائُون جنهن وارَ، سَندِي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاهڪُون نه لَهي. 16 پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حبِيبُ جو؟ نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي پاڻَ نه ڪَنِّ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اُنچي ڳاٽِ اَچَنِّ، ڪُسَڻُ قُربُ جَنّ، مَرَڻُ تَنّ مُشاهِدو. 17 ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ، نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ، ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشقَ! اَجَلَ سامُهون. 18 ڪوٺڻُ قَريبَنِ جو، عينُ تَڙڻُ آهِ، اِيَ اُلٽي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندي ساهِ، آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ انهن (اُنِ) جو. 19 ڪُهِنِّ تان ڪَرَ لَهَنِّ، ڪَرَ لَهَنِ تان ڪُهِنِّ، سيئي، ماءِ! مُهنِّ، سيئي راحت روحَ جِي. 20 ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قَرِيبُ، اِها عادَتَ سِکيو، هَر زَمانُ حبيبُ، تِڇي سو طَبيبُ، سوئِي راحَتَ روحَ جِي. 21 ڪُهِنِّ ۽ ڪوٺِينِ، اِيَ پر سندي سڄڻين، سُورِي چاڙهيو سُپِرِين، ڏنبَ ڏِيهاڻِي ڏين، ويٺا وِرهُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِيا وِهاءِ تون. سر ڪلياڻ سان وابسته مضمون سُر ڪلياڻ، ان جا موضوع ۽ ڪردار سُر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح ۽ پھاڪا سر ڪلياڻ ۾ آيل لفظن جي معنيٰ (1.الله) 2. عليم-3.اعليٰ-4.عالَمَ-5.ڌَڻِي-6.قادر-7.قُدرتَ-8.قائمُ-9.قَدِيمُ-