سنڌ ڌرتي تي رهندڙ قوم سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جي داستان تمام قديم ۽ ڊگهي آهي. جنهن سان هن خطي جا تاريخي رڪارڊ ڀريا آهن. صدين کان وٺي هن سرزمين تي هر دور ۾ لوڀي ارادي وارن لالچي حمله آور لٽيرن جي آمدرفت جاري رهي آهي. جن سنڌ جي مالي، معدني، تهذيبي، سياسي ۽ سماجي اميرائپ کي پائمال ڪري هتي موجود هر ذريعي جو استحصال ڪيو. پنهنجي ماتر ڀومي جي تحفظ ڪرڻ سان گڏ هتان جي مهمان نواز ۽ پرامن سنڌي باشندن جي حفاظت سنڌ جي بهادر پٽن به هر دور ۾ پنهنجي ويرتا ۽ غيرت پڻي سان حملا آور سنڌ دشمنن جا ڏند کٽا ڪرڻ وارن ڪري انهن جي سينن تي اهڙي ڌاڪ ويهاري جو صديون گذرڻ کان پوءِ اڄ به انهن جي هڪلن جي گونج ڪائنرن جا حوصله هيسائي وجهندي آهي. مون پنهنجي علمي ۽ تحقيقي زندگي ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قومي سان پيار ڪرڻ وارن انسانن جي باري گهڻو ڪجهه پڙهيو ٻڌو، ڄاتو ۽ ۽ پرکيو آهي. جيدار بهادر ۽ اهڙن مڙس ماڻهن کي ڄم ڏيڻ ۾ مهراڻ جي هيءَ مٽي گهڻي زرخيز لڌي وئي آهي جن پنهنجي پر عزم جدوجهد، ڪارنامن ۽ بهادري سان اتهاس جي سيني تي اهڙا گهاٽا نقش چٽيا جو وقت جا بيرحم ۽ کُهرا هٿ به انهن کي چاهيندي به گسائي نه ٿا سگهن. اهڙن ۽ مرد مانجهين مان ڪنهن ڪنهن جو نالو وٺي اکيون آليون ڪجن ۽ ڪنهن کي ياد ڪري سينو تاڻجي. هڪ لمحي جي ياد ۾ موتين جهڙا هزارين دلربا نالا ذهن جي اسڪرين تي تري اچن ٿا. پر صدين جي سفر ۾ جڏهن به سنڌ، سنڌي قوم يا سنڌو ديش جو نالو جتي به ورتو ويندو ته ان سان گڏ لازم و ملزوم طور تي هر ايندڙ دور ۾ جيڪو نالو تاريخ جا پنا ورجائيندا اهو هوندو محترم غلام مرتضيٰ شاه عرف جي ايم سيد جو جنهن پنهنجي تمام زندگي قومي، انساني ۽ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ سان گڏ رجعت پسند ۽ پرست سياسي سماجي قوتن خالف جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. جي ايم سيد جي پيدائش 17 جنوري 1904 بمطابق 28 شوال 1321هجري، ڏينهن ڇنڇر، رات ساڍي يارهين وڳي ٿي. ان تناظر ۾ سندن ستارو برج جدي (ڪيپري ڪارن) ٿئي ٿو. سندن والدين جو تعلق مٽياري جي سيد خاندان منجهان هيو جن کي نسبتي طور تي سيد جعفر ثاني الحواري جي اولاد مان سمجهيو ويندو آهي. بدقسمتي سان پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويا هئا ڇو ته سندن پيدائش جي هڪ سال ۽ ڏهه مهينن کانپوءِ 1 نومبر 1905 (3 رمضان 1323هه) بروز اربع محترم جي والد کي سندن ڳوٺ سن شريف جي مسجد وٽ رات جي چار وڳي (جڏهن هو روزو رکي پنهنجي اوطاق ڏانهن وڃي رهيا هئا). قتل ڪيو ويو جنهن جو الزام سندس ئي رشتي دارن تي ئي ثابت ٿيو هيو. جي ايم سيد کي احمد شاه نالي ڀاءُ به هيو جنهن جي وفات ننڍي هوندي ئي (29 نومبر 1906 ۾) ٿي ويئي هئي. اهڙي طرح جي ايم سيد واحد مرد هيو جيڪو پنهنجي خاندان جي عورتن (هڪ ڏاڏي، ٽي پڦيون ۽ ٻه سندس والدائون) ۾ بچيو هيو. جيئن ته پاڻ ان وقت صغير ۽ نا سمجهه هئا ان لاءِ سندس والد جي زمين ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان 1906ع ڌاري ڪورٽ آف وارڊس جي نگهداشت ۾ آئي. جي ايم سيد جي رسمِ سنت 1909ع ۾ سندن ڳوٺ جي محمد نامي حجم سرانجام ڏني. جي ايم سيد جي شادي سترهن سالن جي ڄمار ۾ 20 اپريل 1921ع ۾ ميان ميرحسن شاه پاٽولي جي ڌيءَ بي بي مريم صاحبه سان ڀاڻوٺ نامي ڳوٺ ۾ ٿي جنهن مان کين ٻن پٽن سيدن امداد شاهه ۽ محمد شاه ۽ ٻه ڌيئرن جي اولاد هئي. سندن گهر واري جو انتقال محترم جي وفات کان پنجويهه سال پهريون ٿيو هيو. جي ايم سيد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ سن ۾ ئي حاصل ڪئي کين 1 جولاءِ 1910ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جتان ٻن سالن کان پوءِ ڪڍي قاضي فيض محمد جي (ملا مڪتب) اسڪول ۾ پڙهائي لاءِ ويهاريو ويو پر اتي تعليم جو مناسب بندوبست نه هئڻ سبب هڪ سال کانپوءِ وري اتان ڪڍي وري سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جتي هن ڇهين جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي. 31 ڊسمبر 1915ع ۾ کين قاضي محمد هاشم جي مڪتب ۾ داخل ڪرايو ويو جتان هن عربي ۽ فارسي سان گڏ ٻين ضروري مضمونن جي شروعاتي سکيا ورتي. 5 جنوري 1918ع کان آگسٽ 1918ع تائين هن استاد حامد علي کان انگريزي جي تعليم حاصل ڪئي. ان سال تي محترم جي ايم سيد ماتا جي بيماري جي حملي سبب ٻن مهينن تائين بستر فراش رهيا. محترم جي ايم سيد دور جواني ۾ ئي سماجي خدمت ڪرڻ وارو محنتي شخص هيو جنهن جو يقين محنت برائي محنت ئي هوندو هيو. جو 1919ع ۾ جڏهن سندس عمر مشڪل سان اڃان ويهه سال هئي تڏهن پنهنجي محنت ۽ بيدار معزي سبب ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو نائب صدر چونڊيو ويو. ان دور ۾ لوڪل بورڊ جا ميمبر انگريزي بيوروڪريٽ ٿيندا هئا. جن جو نائب صدر به هڪ لحاظ کان انهن جو جو ملازم يا ڪاردار ليکيو ويندو هيو. جيڪو انهن جي ئي زبان ڳالهائيندو هيو ۽ انهن جي اوڀَرِ کائي انهن جا ڳڻ ڳائيندو هيو پر حيرت انگيز ڳالهه آهي ته ان دورِ جواني ۾ به جي ايم سيد برِصغير جي انگريزي آقائن خلاف پنهنجي سرگرمين، تحريرن ۽ تقريرن ۾ سرگرمِ عمل رهيو. نه رڳو سندس ان دور جي تحريرن بلڪه ڀارت سڀا جي پليٽ فارم تان خالق ڏنو هال ۽ ٻين اجتماعن ۽ اجلاسن ۾ جي ايم سيد جون وديسي آقائن خلاف ڪيل تقريرن اڃان تائين اتهاس جي سيني تي لکيل آهن جي سندس بهادر ۽ بي باڪ هئڻ جو زنده ثبوت آهن. 9،8،7 فيبروري 1920ع ۾ هنن پير رشيدالله (جهنڊي واري) جي صدارت ۾ ٿيڻ واري لاڙڪاڻو ڪانفرنس جي اجلاس ۾ به تقرير ڪئي. 17 مارچ 1920 ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ ٿيڻ واري سن خلافت ڪانفرنس به جي ايم سيد جي ڪوششن سان ٿي. 27 اپريل 1921 جي ڏينهن سن ريلوي اسٽيشن (دادو) جي ايم سيد جي پهرين ملاقات مهاتما گانڌي سان ٿي هئي. جڏهن ته 19 مئي 1921ع تي جڏهن سندس ٻئي ملاقات گانڌي سان ٿي ته انهن جي سادگي ۽ فڪر انگيز شخصيت مان متاثر ٿي جي ايم سيد به انگريزن جي ڪارخانن ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙن پائڻ بجاءِ گانڌي جي وانگر پنهنجي ديس ۾ ٺهندڙ (کانڌي جا) ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا. 16،17،18 مارچ 1924ع ۾ سندس ڪوششن سان مٽياري سادات ڪانفرنس جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو جنهن هڪ سو گروهن شرڪت ڪئي. اهڙي طرح سنڌ تعليم ڪانفرنس جيڪا 16 ۽ 17 ڊسمبر 1924ع ڌاري حيدرآباد (هوسٽيڊ هال) ۾ سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت ۾ ٿي سيد سرگرمي سان شرڪت ڪئي. اهڙي طرح آهستي آهستي جي ايم سيد پنهنجيون سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرميون وڌائيندو ويو شيهسوار ٿيندو. ورهاڱي کان اڳ پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوششن سان سيد سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ، واهڻ ۽ وستين ۾ مسلم ليگ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1937ع ۾ پنهنجي مخالف (سياسي) ميان ولي محمد شاه (درگاه قلندر شهباز جي گادي نشين) جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. 1940ع ۾ کيس صوبائي مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ ان سال ڊسمبر ۾ صوبائي اسيمبلي ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1941ع ۾ پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا ميمبر ٿيا. 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جو اميدوار قاضي اڪبر کائنس کٽي ويو جنهن ۾ بدعنواني هئڻ جي انديشي تحت جي ايم سيد سندس خلاف عدالت ۾ اليڪشن پٽيشن داخل ڪرائي جنهن جي ڪارروائي بعد ٿيل فيصلي ۾ جي ايم سيد کي به اسيمبلي جو ميمبر قرار ڏنو ويو. واضع رهي ته ورهاڱي کان اڳ جي ايم سيد بمبئي صوبي جا وزير تعليم پڻ رهيا. قائدِ اعظم سان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سندن اختلافات رهيا. مسٽر جناح ڪافي ڪوششون ڪيون ته سيد کي راضي ڪيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ سوين بيٺڪون به ٿيون پر جيئن ته سياست ۽ اصول پرستي جو اختلاف هيو ان لاءِ نباه نه ٿي سگهيو. ان مقصد لاءِ مسٽر جناح چوڌري خليق الزمان، نواب اسماعيل ۽ قاضي محمد عيسيٰ وغيره کي به سنڌ موڪليو ته سيد کي راضي ڪيو وڃي. هتي اچي انهن سيد جي ڪٽر مخالف غلام حسين هدايت الله کي به ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته جي ايم سيد جي گروپ کي سنڌ ۾ اڌ وزارتون ڏنيون وڃن پر سيد پوءِ به راضي نه ٿيو ڇو ته هو پنهنجي اصولن تي سوديبازي جو قائل نه هيو. جڏهن مسلم ليگي قيادت ڏٺو ته اهي ڪنهن به طرح سيد کي خريد ڪري نه ٿا سگهن ته انهن 4 جنوري 1946ع ۾ سندس مسلم ليگ جي ميمبر شپ منسوخ ڪري ڇڏي. مسلم ليگ مان الڳ ٿيڻ کان پوءِ 13 مئي 1948ع جي ڏينهن جي ايم سيد خان عبد عبدالغفار خان سان گڏجي ”پيپلز پارٽي آف پاڪستان“ جو بڻياد وڌو جنهن جو صدر خان صاحب ۽ سيڪريٽري سيد پاڻ هيو. انهي سال سيد ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ خلاف تحريڪ هلائي جنهن ڪري کين گرفتار ڪري نظر بند ڪيو ويو. هر دور ۾ رياستي ادارا جي ايم سيد تي مسلم دشمني پاڪستان خلافي جا الزام مڙهيندا رهيا. توڙي جو پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ هو نه رڳو تحريڪ پاڪستان جا حامي هئا. بلڪه انهن ماڻهن منجهان هئا جن ورهاڱي کان چار سال اڳ آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجتماع ۾ ڪميٽي چيئرمين جي حيثيت سان ڊسمبر 1943ع ۾ انڊيا جي اقليتي صوبن جي مسلمانن کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني هئي. ان اجتماع ۾ قائدِ اعظم پڻ موجود هيو. جي ايم سيد ئي هئو، جنهن هڪ واري سنڌي اسيمبلي ۾ هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي هئي. هڪ انسان هئڻ جي ناتي جي ايم سيد کان به پنهنجي سياسي زندگي ۾ ڪجهه غلطيون سرزد ٿيون هيون جن مان اهم سکر جي مسجد منزل گاهه جي مسئلي تي ٿيڻ واري هندو مسلم فساد تي هن هندن خلاف مسلمانن جي کلم کلا مدد ڪئي. يا هن پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد سڀ کان پهريون سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلم ليگ جي قيادت کان سيدن کي ٽڪيٽون نه ڏيڻ تي هن قيادت جي سخت مخالفت ڪئي. الله بخش سومرو جي قتل ڪيس ۾ ايوب کهڙو جي گرفتاري کان پوءِ سندس آزادي لاءِ سيد مدد ڪئي پر جڏهن ايوب کهڙي ون يونٽ ٺاهيو ته سيد ان کي غدار ڪوٺيو. بعد ۾ کهڙي سان گڏ پنهنجي شديد مخالف قاضي محمد اڪبر کي نه رڳو همراهي ڪيو بلڪه پير علي محمد راشدي کي به ساٿي بڻايو جنهن ون يونٽ دوران ڪوڙو بم ڪيس ٺاهي جي ايم سيد کي گرفتار ڪرايو هيو. جي ايم سيد جي اها پڻ غلطي هئي ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به عوامي رهنما بڻائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو جنهن جواهم سبب شايد اهو هيو ته هن ڪڏهن به عوام جي اندر وڃي سياسي جدوجهد نه ڪئي ان لاءِ ئي عوام جو هڪ وڏو حصو ان جي ويجهو نه آيو البته، سنڌ جو شاگرد طبقو سندس شخصيت، فڪر ۽ فلسفي سان عقيدت جي بدولت ان جي گهڻي قدر ويجهو رهيو ڇو ته جديد دور ۾ هي سنڌ جو واحد رهنما هيو جنهن پنهنجي ڌرتي سان عشق، قرباني ۽ ارپنا جو نه رڳو درس ڏنو بلڪه ان تي عمل پيراٿي به ڏيکاريو. جي ايم سيد سڄي ڄمار انهن سياستدانن جو ساٿ ڏنو جن پاڪستان ۽ اسلام جي نالي تي پنهنجي چهري مٿان ڏيکاءُ واري ڪوڙي همدردي جا ماسڪ چاڙهي رکيا هئا پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جڏهن هن ڏٺو ته ايوانِ اقتدار ۾ اچي اُهي ماڻهو ۽ انهن جون ٽرڙيون اولادون هاماني ڪردار ڪري رهيون آهن ۽ جڏهن کيس محسوس ٿيو ته سندس قوم سان سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي. يا کين برابري جي بنياد تي حق نه ملي رهيا آهن ته پوءِ جي ايم سيد پنهنجي تواناين ۽ زندگي کي هڪ غيرتمند انسان جيان پنهنجي قوم کي سياسي شعور ۽ سماجي استحڪام ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ قومي مفادن جي تحفظ جو سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪاهي پيو. پنهنجي قوم سان لازوال محبتن جي قيمت به کيس ڳوري ڏيڻي پئي ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ رهڻ وارن نام نهاد جمهوريت پسند ۽ وديشي آشيروادي جنرلن ۽ وڪائو حڪمران ٽولن جي ايم سيد کي ڪڏهن به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ان لاءِ پنهنجي ڌرتي جي هن بزرگ عاشق کي پنهنجي باقي تمام زندگي خوف، پريشاني ۽ انديشن جي وچ ۾ پوليس، فوج ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين جي بداخلاق روين سان گڏ جيل، گهر ۾ نظر بندي، اسپتالن جي بدبودار بسترن ۽ ٻٽيل وارڊن ۾ گذارڻي پئي. جي ايم سيد پاڪستان جو واحد سياسي رهنما هيو جنهن جي ڏاهپ ۽ دور انديشي کان ننڍي کنڊ جي سياست نگري جا انگريزي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگي باوا آدم نه رڳو متاٿر هئا بلڪه هن جي ارڏائپ ۽ سچائين کان خوفزده پڻ رهندا هئا. اهوئي سبب آهي جو سيد مٿان هر دو ۾ بغاوتن جا ڪوڙا ڪيس ٺاهي ٺاهي کيس گرفتار ڪندا رهيا. سندن گرفتارين جو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندن وفات تائين پر پکيڙيندڙ نظر اچي ٿو. هن کي پاڪستان جي هر حڪمران جي دور ۾ جيل ياترائون ڪرايون ويون توڙي جو ڪيئي سالن کان هو سياست ۾ ڪنهن به طرح متحرڪ نه هيو. سيد جي خلاف رياستي بداخلاقي جو اهو عالم هيو جو پنهنجي وفات تائين ٽن سالن کان اهو مسلسل بغاوت جي ڪيس ۾ نظر بند هيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين کيس 1948ع ۾ تڏهن گرفتار ڪري پنهنجي ئي گهر (سن ڳوٺ) ۾ نظر بند ڪيو ويو جڏهن هن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ خلاف تحريڪ هلائي هئي. ان کان پوءِ ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ جي پاداش ۾ 1953ع ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هيو. جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، ۽ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لائي دورن ۾ سندس زندگي گهڻو ڪري جيل ۽ نظر بندين جي چوڌاري ڦرندي رهي. ايتري تائين جو شهيد بينظير ڀٽو جي پهرين دور حڪومت ۾ کيس پنجاب جي سرائيڪي ضلع راجن پور وٽ بلوچستان ويندي هڪ ڳوٺ (يار خان) جي ويجهو گرفتار ڪيو. نواز شريف جي دور ۾ به هو گهڻو ئي عرصو پنهنجي گهر ۾ نظر بند رهيا. هن پوڙهي شينهن جي مردانگي ۽ ارڏائپ جوان حقيقت مان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته پنهنجي اسيريءَ جي ڏينهن ۾ هن ڪڏهن به رحم جي عرضي نه ڏني نه ئي ضمانت ۽ ڪيس لاءِ ڪو وڪيل ڪيو بلڪه جئين ته هو ڄاڻندو هيو ته هُو بي گناهه آهي ان لاءِ هُو هميشه ڪيس عدالت ۾ هلائڻ لاءِ اختيارين کي زور ڀريندو هيو ۽ ڪورٽ ۾ اڪثر اوقات پنهنجو دفاع به پاڻ ڪندو هيو. محترم جي ايم سيد پنهنجي زندگي جا ٻٽيهه سال جيل يا نظر بندي ۾ گذاريا ۽ هُو پنهنجي زندگي جي آخري لمحن تائين اسير رهيو ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس وفات کان ڪجهه ڏينهن پهريان حڪومتِ وقت پان ئي سندس ضمانت منظور ڪري مٿانس پوليس جو پهرو هٽائي ڇڏيو هيو. اسان جي ملڪ جي سياست ۾ ڀلي ۽ مانائتي ماڻهن جي موجودگي اٽي ۾ لوڻ جيان رهي آهي. توڙي جو هن اکاڙي ۾ پايا ويندڙ بد اطوار ۽ بدعنوان ماڻهو جيڪي اڪثريت ۾ رهندا آيا آهن. هتي موجود ڀلي ماڻهن کي ڪڏهن به سک جو ساهه کڻڻ ڪو نه ڏيندا آهن. نه ئي کين ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي پروگرام تي عمل درآماد ڪرڻ ڏيندا آهن. بلڪه ان جي ابتڙ پنهنجي مڪروهه ارادن، ادارا ۽ چمچن جي مدد سان انهن چڱن ماڻهن جي شخصيات کي ڪوجهو بڻائي پيش ڪندا رهيا آهن. جنهن سان اهو ته ٿيندو آهي ته اهي قومون ۽ ملڪ سدائين پستي، جاهلت ۽ اونداهي کان ٻاهر نڪري ڪونه سگهندا آهن پر اهي سڀ فرعون جا درٻاري مسخرا انهن ٿورڙن ڀلي ماڻهن جي پهاڙا ارادن کي ڪنبائڻ ۾ نه رڳو ناڪام رهندا آهن. پر سندن سچائي جا دل سان قائل به ضرور ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڳالهه جو سبق اسان کي اسان جي ملڪ تاريخ پڻ ٻڌائي ٿي ته جي ايم سيد سان اختلافن باوجود ان جا مخالف به سياسي انتشارن جي دور سندس مشورن ۽ طرفداري محتاج رهندا هئا. ان ڳالهه جي سچائي انهن هزرين خطن مان به ٿي وڃي ٿي جيڪي مختلف سياستدانن محترم کي لکيا هئا. جن ۾ قائدِ اعظم، لياقت علي خان، جواهر لال نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، سرشاهنواز ڀٽو، يوسف هارون، شيخ مجيب الرحمان دراب پٽيل خان عبدالغفار خان، ذوالفقار علي ڀٽو وغيره لکيا هئا. جي ايم سيد هڪ ڀلوڙ انسان ۽ مثبت سياستدان هئڻ سان گڏ هڪ بهترين لکاري پڻ هئو. هن سٺ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا جي سمورا سنڌ، پاڪستان ۽ برِصغير جي تاريخ و تهذيب جي مجموعن ۽ سياسي و جمهوري ڏوهن ثوابن جو رڪارڊ آهي. هن پنهنجو سڀ کان پهريون ڪتاب ”محال مانجهاندن جو تعليم پروگرام“ 1928 ۾ تڏهن لکيو جڏهن سندن عمر مشڪل سان سترهن سال هئي. جيئن ته هو انتهائي سچو ۽ کرو انسان هيو ان لاءِ هن جڏهن به لکيو ۽ جيڪو ڪجهه لکيو پنهنجي ضمير کي گواه بڻائي لکيو. شايد اهو ئي سبب هيو ته توڙي جو سيد جي شخصيت کي رياستي ادارا، وڪائو سياستدان ۽ ڪوڙ تاريخدان هر دور ۾ انڌي پڻي جو چشمو لڳائي ڏسندا رهيا پر سيد جون کريون تحريرون پنهنجو پاڻ کي مڃائڻ جي پوري طاقت پڻ رکنديون آيون آهن. ڇو ته اُهي اهڙا سچا تاريخي دستاويز آهن! جيڪي ٻين لوڀي، ڀڳوڙي ۽ جاهل سياستدانن جي جوڙن کان گهڻا مشڪل ۽ مٿاوان هئا. ان حقيقت کي تسليم ڪندي سيد مظفر علي شاه جي وڏ وزارت واري دورِ حڪومت ۾ سيد جي تمام تحريرن ۽ مسودن کي سنڌ آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ جي ٽيم سيد جي ڳوٺ (سن) وڃي هڪ مهيني جي ڏينهان راتان محنت سان مائڪرو فلمن ذريعي محفوظ ڪيو. هي سچ ڄاڻي تاريخ جون سفاڪ اکيون آليون ٿيو پون ٿيون ته جڏهن سندن انهن تحريرن کي محفوظ ڪيو وڃي پيو ته (ان وقت) به جي ايم سيد پنهنجي گهر ۾ نظر بندي واري زندگي گذاري رهيو هيو. هڪ دور هيو جڏهن پاڪستان جو مخصوص نصابي ڪلچر پڙهي مان پڻ جي ايم سيد کي رياستي ورهايل چشمن سان ڏسندو رهندو هيم ته هو ”پاڪستان جو غدار آهي“ يا هُو اسلام دشمن ۽ ڪميونسٽ آهي وغيره وغيره“. مگر جڏهن پڙهائي لکائي جو چُسڪو لڳو ۽ پوءِ سائين جا ڪتاب پڙهيا، سندس سياسي ۽ سماجي ڪردار جو مطالعو ڪرڻي پنهنجي شعور ۾ ذهن سان سوچڻ شروع ڪيم ته جي ايم سيد جي شخصيت مون کي ايتري ته قدآورلڳي جو ڪنهن مفڪر جي چيل ڳالهه مون کي سو فيصد صحيح لڳي ته ” نصيب واري هوندي آهي اُها قوم ۽ خوشنصيب هوندا آهن اهي ملڪ جن وٽ قومي تشخيص جي علامت جي طور تي قومي رهنما هوندا آهن“ ۽ مان هاڻي اهو تسليم ڪرڻ ۾ عار نه سمجهندو آهيان ته نصيب واري آهي سنڌي قوم جنهن وٽ جي ايم سيد جهڙن رهنمائن جو قومي ورثو موجود آهي.“ پر هي هن قوم جي بدنصيبي آهي جو اهڙي عظيم قومي ورثي جي ان کي قدر ۽ قيمت جو احساس ڪونهي. جيڪڏهن اسان ماضي ۾ پوئتي ليئو پائينداسين ته اسان کي ڄاڻ ملندي ته جي ايم سيد جو سياسي شخصي ۽ سماجي ڪردار ايترو ته مثبت رهيو آهي جو سندس مخالف به سندس خلاف سماجي برائي يا بداخلاقي سان جڙيل هئڻ جو الزام لڳائڻ جي همٿ نه ٿا ڪري سگهن. جي ايم سيد سنڌ جي روايتي، ڌوڪي باز، سنڌ دشمن ۽ ڌرتي مخالف سيدن، شاهن ۽ مرشدن وانگر پيري مريدي، پاٿاريداري، چوربازاري ۽ سياسي بدڪرداري کي ڪڏهن به فروغ نه ڏنو. هُو هڪ اهڙو وقت شناس طبيب هيو جنهن جي چوطرف سڄي عمر ضمير فروش دلال سياسي ۽ سماجي دانشورن جي ريل پيل هوندي هئي. پر هن ڪڏهن به ٻين وانگر پنهنجي نظريي، اصولن ۽ ڀاوُنائن جو سودو نه ڪيو. هُو هڪ اهڙو هيرو هيو جهڙا دنيا ڀر ۾ موجود قومن جا کرا هيرو هوندا آهن. جيڪي قومن کي خطرناڪ مستقبل ۽ ايندڙ بُري وقت کان آگاهي ڏيندا رهندا آهن. پنهنجي هم وطنن ۾ آزادي، خود احستابي ۽ معتبرائپ جون امنگون پيدا ڪري کين غلامي ۽ جهالت خلاف سندرو ٻڌرائيندا آهن. اهي انتهائي مايوسي جي گهور اونداهي ۾ نه رڳو علم ۽ شعور جي لاٽ ٻارڻ جي خبر ڏيندا آهن بلڪه پنهنجي آدرشن جا مظبوط هٿ وڌائي ڀٽڪيل ۽ ڀليل قوم کي دڳ لائيندا آهن. شيخ اياز چواڻي ته ”مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان، هي وحدت الوجودي، هي صوفي لاڪوفي، هي اڌ اڌورو ميوادي ۽ پورو پورُ ديش ڀڳت، هي ماکيءَ کان مٺو، زهر کان وڌيڪ ڪوڙو ماڻهو مون کي پراڻي برگد جيان لڳندو آهي. جڏهن سج تپي ٽانڊو ٿي ويندو آهي. تڏهن ان برگد جي ڇانو اڃان به گهاٽي ٿي ويندي آهي. مان هن جي ڇانو ۾ ڪيترن ئي پکين کي پنهنجا پر سوئيندي ڏٺو.“ جي ايم سيد پنهنجي قوم جي حقن جي تحفظ لاءِ مرڻ کان پوءِ به جدوجهد ڪرڻ جو حامي هيو سندس چوڻ هيو ته ”جيڪڏهن توهان آزادي جي هن اڻانگي سفر ۾ ڪٿي ٿڪجي ويهي به رهو ته منهن کڻي آسمان ڏانهن ڏسجو مان توهان کي ستارن جي وچ ۾ ويهي سنڌ جي آزادي جي تحريڪ هلائيندي نظر ايندم.“ جي ايم سيد هڪ اهڙو مانجهي مرد هيو جيڪو پنهنجي قوم لاءِ هر محاذ تي نه رڳو وڙهيو ۽ وڙهندو رهيو پر پنهنجي انقلابي تحريرن جي صورت ۾ سنڌي قوم لاءِ تاريخي، تهذيبي سوچ ۽ فڪر و فلسفي جو هڪ اهڙو عظيم ورثو ڇڏي ويو جنهن کي اگر سچائي سان سيني ۾ سانڍيو وڃي ته اڄ به سنڌي قوم نه رڳو منهن کڻي دنيا جي ٻين سڌريل قومن جيان پنهنجو دڳ سنواري سگهي ٿي پر هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو وڃايل وقار حاصل ڪري امرتا جي ضمانت جي گواهي ڏئي سگهي ٿي. جي ايم سيد متعلق عبدالواحد آريسر ڪٿي لکيو هيو ته ”جڏهن زندگي شڪاري ڪتن جي خوف کان هرڻي جيان هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻ لڳندي آهي. جڏهن غلامي، موت، خوف، ظلم ۽ جبر جو ديو پنهنجي پٺي اگهاڙي ڪري انسانن جي بي وسي ۽ مجبوري تي ٽهڪ لڳائيندو آهي. جڏهن انسان آزادي جي لفظ تي ايئن ڇرڪي ويندا آهن ڄڻ ڪوئي نشيءِ آمر ڪنهن وطن دوست جي انقلابي نعري تي ڇرڪي پوي ۽ جڏهن شرافت دولت سان، سچائي مڪر/دوست ۽ فريب سان ۽ قلم لوٽ مار کان شڪست کائي ته وقت ان ويران ملڪ، قوم ۽ ڌرتي تي هڪ اهڙو برگد پيدا ٿيندو آهي جنهن کي جي ايم سيد چئي سگهجي ٿو. جي ايم سيد جو انتقال 92 سال جي عمر ۾ هڪ ڊگهي بيماري کان پوءِ 25 اپريل 1995 جي صبح سوير ڪراچي جي جناح اسپتال جي هڪ وارڊ ۾ پيدا ٿيو. اسان جي ملڪ ۾ هر دور جا استحصالي حڪمران هن پوڙهي شينهن کان گهڻي قدر ڊنل رهندا هئا. سندن وفات کان ڪجهه ڏينهن پهريون 11 مارچ 1995 ۾ کين نظر بندي جي حالت ۾ جناح اسپتال جي خاص وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هيو جتي مٿس چوڪس پهريداري رکي وئي هئي. پر جڏهن سندن حالت گهڻي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ته 17 مارچ تي کيس ان ئي اسپتال جي سرجيڪل وارڊ جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو جتي پڻ جيل انتظاميه ۽ پوليس وارن طرفان سخت پابنديون مڙهيل هيون. ايتري تائين جو ڊاڪٽرن، دوستن ۽ عزيزن سان ملاقات تي به سختي هئي. سرڪاري بي حسي، پهريداري ۽ سختي بلڪه بداخلاقي ۽ انساني ذلالت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهي تمام سختيون جي ايم سيد تي ان حالت ۾ جاري رکيون ويون جو وفات کان ڪجهه ڏينهن پهريون کان سيد تي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. ان جي بڪين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هيو. سندن بلڊ پريشر 36/20 جي سطح تائين ڪريل رهيو ۽ دل جي دڙڪن 57 في منٽ جي حساب سان اڄ به رڪارڊ تي آهي. يعني بقول سندس ڊاڪٽرن جي ته ”سندس موت “Multiple Organs Failure” جي سبب ٿي.“ مگر سنڌ جي هن شير دل پٽ جي ڪمزور ۽ لاغر جسم جي دهشت ڏسو ته ان حالت ۾ کائنس رياستي ڪارندا، ادارا ۽ ايوان ايترو ڊنل هئا.“ 21 مارچ تي جڏهن سنڌ جو گورنر محمود اي هارون سندن طبع پر سي لاءِ اسپتال آيو ته هن پنهنجي طرفان شخصي طور سيد جي ضمانت منظور ڪئي ۽ پوليس جو پهرو هٽايو ان کانپوءِ سندن وفات تائين ايندڙ اٺٽيهه ڏينهن جي ايم سيد انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ رهيو. آخرڪار 25 اپريل اڱاري جي صبح 4 وڳي 5 منٽ تي پنهنجو روح ڌڻي جي سپرد ڪيو رسمي ڪاررواين کان پوءِ 7 وڳي 25 منٽن تي سندس ميت اسپتال کان حيدر منزل آندي وئي جڏهن ته اتان ٻنهپرن جي 12 وڳي وري سندس ميت کي سندن ڳوٺ (سن) لاءِ روانو ڪيو ويو. سيد جي جنازي نماز 26 اپريل ڏينهن اربع گورنمينٽ هاءِ اسڪول سن جي گرائونڊ ۾ ڏهين وڳي ڌاري پڙهائي وئي. واضح رهي ته سندن ٻه جنازه نمازون پڙهايون ويون پهرين شيعه مسلڪ جي مولانا نجفي ۽ ٻي سني مسلڪ جي حافظ يوسف شاه پڙهائي. انهيءَ ڏينهن 10 وڳي 30 منٽن تي سندن مڙهه کي سنڌ دريا جي ڪپ تي واقع حيدر شاه سنائي جي قبرستان ۾ ان جاءِ تي دفن ڪيو ويو جو هنن پنهنجي وفات کان ست سال اڳ پنهنجي آخري آرام گاه طور پنهنجي والد جي تربت سان لڳو لڳ منتخب ڪئي هئي. سندن اها آرام گاه وفات کان هڪ مهينو اڳ تيار ڪئي وئي هئي. جي ايم سيد جهڙا ماڻهو اصل ناهن مرندا هي ماڻهو پنهنجي جدوجهد سان ايندڙ نسلن لاءِ اهڙو فڪر ۽ فلسفئه حيات ڇڏي ويندا آهن جيڪو انهن کي امرتا جي عظيم مرتبن تائين پهچائيندو آهي. ڌرتي ماءُ جي هن هوشيار، تاريخ ساز، بهادر، سچي ۽ اڻ ڊپي پٽ سڄي ڄمار پنهنجي قوم، پنهنجي ڌرتي ۽ انساني فڪر جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي. پر افسوس جو هُو پاڻ نه رڳو عمر جو وڏو حصو سرڪاري باندي خانن ۾ قيد رهيو بلڪه پنهنجي آخري ساهه تائين مسلسل جدوجهد جي علامت بڻجي زنده رهيو. جي ايم سيد جڏهن هن دنيا ۾ پنهنجي حصي جو ڪم، پنهنجي طرف جي جدوجهد ۽ پنهنجي پيدا هئڻ جو مقصد ۽ مشن پورو ڪيو ته زندگي ڏيڻ واري کي سندس امانت واپس ڪري ان ڌرتي ماءُ جي پاڪ هنج ۾ پنهنجي صدين جي ٿڪاوٽ لاهڻ لاءِ اکيون ٻوٽي سمهي پيوجنهن کي هُو زندگي ڀر جيئرو هوندي سجده ڪري چُمندو هيو پر هاڻي هن عظيم انسان کي اهو مقام ملي ويوهيو ته اهائي ڌرتي ماءُ پنهنجي بهادر پٽ جي سموري جسم کي پنهنجي پاڪيزه آغوش ۾ ڀري چمي رهي هئي.