اڪثر پاڪستاني يا مسلمان مورخن طرفان تاريخ ۾ سنڌ جي برهمڻ حاڪمن بشمول راجا ڏاهر کي ظالم، جابر ۽ ولن جي طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته محمد بن قاسم جي مسلمان هجڻ جي ناطي ان سان عقيدت رکندي عربن جي سنڌ تي حملي کي جائز قرار ڏنوويندو آهي. انهن ته حجاج بن يوسف جهڙي ظالم ماڻهو کي به نيڪوڪار ۽ منصف لکيو آهي جنهن کي پنهنجا عربي تاريخدان به نهايت سفاڪ و ظالم قرار ڏين ٿا. اهڙي طرح اسان جا مورخ ۽ مصنف مروان جي پٽ عبدالملڪ کي مسلمانن جو نجات دهنده ۽ عظيم سپوت لکندا آهن جنهن کي ان جي منافقاڻي طبعيت سبب رسول ڪريم ﷺ جهڙي رحمدل انسان به مديني مان جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. هاڻي جيڪڏهن ڳالهه مجموعي صورتحال جي ڪئي وڃي ته اڄ تائين ڪنهن به تاريخدان راءِ ۽ برهمڻ گهراڻي جي باري ۾ ڪونه لکيو آهي ته انهن جو دورِ حڪومت سنڌ ۾ بدانتظامي، لاقانونيت يا جهالت جو زمانو هوندو هيو بلڪه اهو ته سنڌ جي تاريخ جو بهترين دور لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ڇو ته سنڌين وٽ دنيا جو بهترين سماجي نظام موجود هوندو هيو. راءِ خاندان جي 5 حڪمرانن جي دور ۾ صرف هڪ دفعو ايرانين سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ان کان علاوه هتي هر طرح سان امن و امان جي صورتحال رهي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهن ۾ ايمانداري جي ڳالهه ڪئي وڃي ته مان چند مثال عرب سياحن جي ڪتابن مان ڏيندس. شمس محمد بن احمد بشاري مقدسي لکي ٿو ته “سنڌ جا باشندا ايماندار، ديانتدار، پرامن، سلوڪ وارا، ذهين، هوشيار، سخي، بااخلاق، نرم دل ۽ اسلام جا پابند آهن”. عمر بن محبوب پنهنجي خطن ۾ لکي ٿو ته “بصره ۾اهڙو ڪوبه مالدار ناهي جنهن وٽ خزاني جي انتظام لاءِ سنڌي ملازم نه هجن”. هڪ ٻئي خط ۾ اهو ئي صاحب رقم طراز آهي ته “بصره ۽ ڀرپاسي جي رهڻ وارن جڏهن ڏٺو ته ابو روح سنڌي پنهنجي مالڪ جي دولت ۽ ملڪيت ۾ زبردست اضافو ڪيو آهي ته سڀ ماڻهو سنڌين کي برڪت لاءِ خزانچي بڻائيندا آهن”. ابنِ خردازبه لکيو آهي ته “خزاني جي سنڀال صرف سنڌي ماڻهن ۽ ان جي اولادن جي حوالي ڪئي وڃي ٿي، اهي ئي سنارڪي ڪم ۾ سڀني کان وڌيڪ ماهر ۽ ايماندار سمجهيا وڃن ٿا”. حضرت علي ڪرم الله وجهه به پنهنجي دورِ حڪومت ۾ بيت المال جو نگران سنڌ جي ماڻهن کي رکيو هيو. سنڌين جي حڪمت جو هي عالم هو ته جڏهن حضرت بيبي عائشه صديقه بيمار ٿي پئي ۽ جڏهن جزيرة العرب جي ڪنهن حاذق جي دوا ڪم نه ڏيکاريو ته سندس ڀائرن سنڌ مان جت قوم جي هڪ طبيب کي گهرايو جنهن جي دوائن سان خدا تعاليٰ بيبي صاحبه کي شفا ۽ صحتمندي عطا فرمائي هئي. خليفي هارون رشيد جي لاعلاج بيماري لاءِ به ماڻڪ سنڌي نالي هڪ ويد سنڌ کان گهرايو ويو هيو جنهن خليفي جو ڪامياب علاج ڪيو هو. مقالاتِ شبلي ۾ علامه شبلي نعماني لکيو آهي ته “سنڌ اها سرزمين آهي جتي سڀ کان پهريان ڪتاب لکيا ويا ۽ هي قديم دور کان علم و ادب جو مرڪز هئي جتان ايران ۽ يونان تائين علم جي ترسيل ٿيندي رهندي هئي. ان پسمنظر ۾ چئي سگهجي ٿو ته “يونان به علمي طور تي سنڌ جو شاگرد رهيو آهي”. غير ملڪي عالمن جو سنڌ سان عقيدت جو هي عالم هيو جو مزدور فيڊريشن جي صدر مسٽر ڊانگي ڪنهن واري بيان ڏنو هو ته “مونکي فخر آهي جو اڄ مان ان ڌرتي تي بيٺو آهيان جتي اڻ واقف ماڻهن کي به بغير تقاضا جي ماني کارائي وڃي ٿي”. آمريڪي صدر ڪلنٽن جڏهن پاڪستان آيو هو ته هن پنهنجا تاثرات هن ريت قلمبند ڪيا هئا ته “مان هتي سنڌو ماٿري جي تهذيب جي پرستار جي طور آيو آهيان”. اهڙي ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته قديم ۽ جديد دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي ڪيترو مٿاهون مقام حاصل رهيوآهي اروڙ شهر جي عروج واري دور ۾ عربي جزيري جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ جهالت ۽ بدامني جو عروج هوندو هيو. بلڪه چيو وڃي ٿو ته سڄي دنيا ۾ امن هو پر پورو عربستان جهالت جي اونداهه ۾ ٻڏل هوندو هيو. حالات جي خرابي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته برهمڻ دورِ حڪومت ۾ چچ جي مسندي کان راجا ڏاهر جي شهادت تائين سنڌ ۾ صرف 3 حڪمران گذريا آهن جڏهن ته عربن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي ايتري ته انتظامي بدامني ۽ سياسي انتشار هيو جو 4 منجهان 3 خليفا بي دردي سان مسلمانن هٿان ئي شهيد ٿيا جيڪي ٽئي رسول الله صلعم جا رشتيدار پڻ هئا. امام حسن عليه السلام کي خلافت کان هٽايو ويو، ڪوڙن پيغمبر جي يلغار ٿي، ڪربلا ۾ رسول ڪريم صلعم جي اولاد سان ڪيل ناانصافيون، حضرت امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس ساٿين جي شهادت، هزارين پرامن خاندانن جي ٻين ملڪن ڏانهن هجرت وغيره وغيره. واضع رهي ته ڪربلا جو افسوسناڪ واقعو 61 هجري ۾ راجا ڏاهر جي دور ۾ ٿيو هيو. انهي سال امام حسين جي قتل جا مک جوابدار عبيدالله بن زياد ۽ منڌر بن جارود بن بشر کي سنڌ تي حملي لاءِ روانه ڪيو ويو هيو. محمد بن قاسم سان گڏ عربن ڇا ڪيو جو 96 هجري ۾ جانور جي تازي لاثل کل ۾ کيس سبرائي سنڌ مان واپس گهرايو ويو جتي معاويه بن يزيد بن مهلب زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ڪيو ۽ عراق جي هڪ عامل صالح عبدالرحمٰن جيل ۾ اذيتون ڏئي کيس قتل ڪري ڇڏيو. چئي سگهجي ٿو ته سنڌ تي حملو ڪرڻ وارن عربن ۾ حضرت امام حسين رضه الله عنهه جا قاتل ۽ قاتلن جا ساٿاري به شامل هئا جن هتي اچي اهو ئي سڀ ڪجهه ورجايو جيڪو انهن ڪوفي ۾ ڪيو هيو بلڪه هتي ڪجهه وڌيڪ ئي زيادتيون ڪيائون. اتي هڪ ڪربلا ٿي هئي سنڌ جون هزارين زنده وستيون، شهر ۽ آباديون اَجاڙي هزارين ڪربلائون برپا ڪيون. انهن غاصب لٽيرن کي رڳو مسلمان هئڻ ناطي اسان جي مورخن سنڌ جي تاريخ ۾ هيرو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان دور ۾ سنڌ جا اهي جوڌا جيڪي پنهنجي جياپي، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي عزتن کي مالِ غنيمت ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا انهن کي غدار رڳو ان لاءِ ڪوٺيو ويو جو مذهبي طور تي هندو هئا. اتهاسي معاملن ۾ اهڙيون منافقتون رڳو سنڌ ۽ بلوچستان سان ٿيندڙ نظر اچن ٿيون ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي تاريخن ۾ اهي جٺيون گهٽ آهن. پنجاب وارا ته ان رنجيت سنگهه جي بي انتها عزت ڪندا آهن جنهن لاهور جي شاهي مسجد کي گهوڙن ۽ گڏهن جو طبيلو بڻائي ڇڏيو هيو. هنن پنهنجي مهاراجا جي نه رڳو قبر سڀنالي رکي آهي پر سندس معاملن کي لاهور واري قلعي جي پوري گيلري حوالي ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ان جو ساز ۽ سامان به محفوظ ڪرڻ سان گڏ ان جي گهوڙي کي حنوط ڪري رکيو ويو آهي جنهن جي زيارت به ٿيندي رهندي آهي پر سنڌ جي عاشقن ۽ جيدار پٽن راجا ڏاهر، جي سينه، هيمون ڪالاڻي، روپلي ڪولهي وغيره جو نالو وٺڻ وارو به ڏوهي قرار ڏنو وڃي ٿو. ڪرداري لحاظ کان به سنڌي بهادرن ۽ عرب حمله آورن جو ڪو ميلاپ نه هيو. مثال جي طور تي هڪ واقعو مهاراجا ڏاهر جي پٽ جيسينا جو وٺون ٿا. پنهنجي پيءُ جي شهادت کانپوءِ جيسينا ڪيرج طرف روانو ٿيو جتي رهائش پذيري دوران اتان جي حاڪم جي ڌيءُ مٿس موهت ٿي پئي پر جيسينيا سندس اظهار ڪرڻ تي کيس چيو هيو “اي شهزادي اسان پنهنجي نڪاح ۾ آيل عورتن کان علاوه ڪنهن ٻئي عورت سان ميل ملاپ سٺو ڪونه ڀائيندا آهيون. اهڙو ڪم مون کان ان لاءِ به ڪونه ٿيندو جو اسان برهمڻ ماڻهو راهب ۽ پرهيزگار هوندا آهيون. بزرگن، متقن، عالمن ۽ حريت پسندن کي اهڙا ڪم زيب ڪونه ٿا ڏين”. هاڻي ٻيو مثال وٺون ٿا محمد بن قاسم جو جنهن جي سنڌ تي ڪاهه واري سموري مهم تي دمشق سرڪار جا صرف 60 هزار درهم خرچ ٿيا هئا جڏهن ته سنڌ کان ان کي مال غنيمت طور 13 ڪروڙ 75 لک روپين جو مال و متاع، 30 هزار مرد ۽ عورتون هٿ آيون هيون. انهن مردن کي غلام ۽ عورتن کي ڪنيزون بڻائي عربي لشڪر وارن انهن منجهان ڪجهه پنهنجي لاءِ رکيون ۽ باقي سڀني کي مالِ غنيمت سان گڏ حجاج بن يوسف جي خدمت ۾ بصري موڪلي ڇڏيون هيون. عربي سالارن قبضي ۾ آيل خوبصورت سنڌي عورتن کي حسبِ منصب ورهائي کنيو هيو. محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي راڻي لاڏي سان زبردستي شادي ڪري ڇڏي ۽ ان جي ٻن ڌيئرن سونهن ديوي ۽ پرمل ديوي ۽ هڪ ڀاڻيجي سندري کي به ڦرجي مال جيان بصري موڪلي ڇڏيو هو. اهي هيا عربي حمله آورن جا ذهني ۽ شخصي ۽ اخلاقي پرڪار. تاريخي ڪتابن ۾ ٻين سنڌي سپوتن وانگر راجا ڏاهر کي ڪافر، فاسق ۽ ملعون چئي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته سنڌين ۽ عربن واري ويڙهه حق ۽ باطل جي جنگ هئي ۽ “هي ته” عام سنڌي عوام ڏاهر کان خائف ۽ عربن جي حملي سان خوش ٿيو هيو. توڙي جو اها حقيقت به تاريخي رڪارڊن تي موجود آهي ته مهاراجا ڏاهر جي شهادت کان پوءِ ايندڙ 3 سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌي يوڌا عربن سان ڇاپامار جنگ ذريعي پنهنجي آزادي جي جنگ وڙهندا رهيا هئا”. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌين ڪڏهن به عربن کي حق تي ڪونه سمجهيو هيو ان ڳالهه جو ثبوت اهو به آهي ته عربن سنڌ تي قبضو ته ڪري ورتو يعني711ع کان هباري خاندان (55-854ع) جي خاتمي تائين سندن جو سنڌ تي تسلط رهيو پر ايتري ڊگهي عرصي تائين حڪمران هجڻ جي باوجود عربي تهذيب سنڌي تهذيب کي پنهنجي ثقافت ۾ نه صرف هي ته ضم ڪري نه سگهي بلڪه ان تي ڪجهه به قابلِ ذڪر اثرات ڪونه ڇڏيا جيئن عربن ٻين مفتوح علائقن مصر، تيونس، الجزائر، مراڪش وغير ۾ ڪيو هو ته اتان جي زبان، تهذيب وتمدن تي عربي زبان ۽ ڪلچر ڇائجي ويو. اها ڳالهه به قابلِ غور آهي ته سن 710ع ۾ جڏهن سرانديپ جي راجا جا حجاج بن يوسف لاءِ موڪليل تحفا لٽيا ويا هئا ته حجاج ڏاهر کي خط لکيو هيو ته “بحري قزاقن کان اهي تحفا واپس ڪرائي”. جنهن جي جواب ۾ راجا ڏاهر کيس جواب ڏنو هيو ته “قذاق ڪنهن جي ظابطي ۾ نه ٿا اچن”. تڏهن حجاج بزيل کي سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو جنهن سامونڊي رستي تي سفر ڪندي نيرون ڪوٽ ۾ منزل گاهه ڪئي هئي، جتي هارون 3 هزار عربن جي وڌيڪ لشڪري مدد پهچائي هئي جنهن ڪري بزيل ديبل تي حملو ڪيو پر ڏاهر جي پٽ جيسينا جي هٿان شڪست کائي مارجي ويوهيو. ان حقيقت مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ تي حملو ڪرڻ يا ڪرائڻ واري عربن جي نيت شروع کان هئي. کين نه اسلام پکيڙڻ سان غرض هئي نه ئي حجاج هڪ عورت جي (مدد لاءِ) دانهن ٻڌي سنڌ تي فوج موڪلي هئي نه ته ڪجهه عورتن جي بحري قذاقن جي هٿان اغوا تي تڙپڻ وارو حجاج (جيڪڏهن واقعي سچو مسلمان يا ايماندار شخص هجي ها ته) هزارين بيگناهه عورتن جي پنهنجي سالارن هٿان عصمت دري ۽ تذليل ڪيئن گوارا ڪري ها يا سنڌ کان موڪليل عورتن کي مال غنيمت طور ڪيئن قبول ڪري ها. يا وري محمد بن قاسم جيڪو ٽن عورتن جي عزت بچائڻ آيو هو اهو هزارين عورتن کي هتان ٻڌي پنهنجي آقا جي غلامي ۾ موڪلڻ جي دلالي نه ڪري ها. مستند تاريخي روايتن ۽ ڪتابن ان سببن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سنڌ تي قبضي جي سلسلي ۾ شروعات کان ٿي رهيا هيا. ان مقصد ۾ بحرِهند تي عربن جي قبضي ڪرڻ وارو خواب سڀ کان اهم هيو. حيرت جي ڳالهه آهي ته رحيمداد مولائي شيدائي جهڙو روشن خيال مورخ به ڪٿي ڪٿي تاريخي اصولن کان ڀٽڪي ويو آهي هو جنت السنڌ جي صفحي 99 تي لکي ٿو ته “جهڙي ريت روم ۽ ايران جي گڏيل جنگين ساساني شهنشاهيت ۽ اوڀري بيزنطاني سلطنتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو اهڙي طرح سنڌ ۾ سمنين ۽ برهمڻن جي گڏيل دشمني نه رڳو راجا ڏاهر جي حڪومت کي اڏوهي جيان چٽي ڇڏيو هيو پر مروج مذهبي اعتقادن کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو هيو ۽ عوام الناس کي حڪومت کان ڪابه همدردي نه رهي هئي”. اهو ئي صاحب ساڳي ڪتاب جي صفحي نمبر 108 تي پنهنجي مٿئين بيان جي انحرافي ڪندي ملي ٿو ته “عرب فاتحن ڏاهر جو سر ڪپي نيزي تي رکي گهمايو ته جيئن ڏاهر جي فوج کي ان جي مرڻ جو يقين ٿي وڃي ڇو ته هو (سنڌي) مسلسل بي جگري سان وڙهي رهيا هيا. محمد بن قاسم اعلان ڪيو ته جيڪو مسلمان ٿيندو يا جزيو ادا ڪندو ته ان کي آزاد ڪيو ويندو. اروڙ شهر کي چپڌاري هڪ مضبوط ڀت ڏنل هوندي هئي جنهن جي اندر رهي شهر وارن ڪيترن ئي مهينن تائين عربن سان مقابلو ڪيو پر آخرڪار (رسد ۽ کاڌ خوراڪ وغيره ختم ٿيڻ تي) تنگ اچي ڪجهه شرطن تي پيش پيا هيا”. مٿان واري بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي عوام نه پنهنجي حڪمرانن کان خائف هئا ۽ نه ئي انهن پنهنجو دفاع وساريو هيو نه ته ڪيترن مهينن تائين قلعي بندي واري حالت ۾ جنگ ڇا لاءِ جاري رکن ها. سنڌي تاريخ جي بدقسمتي رهي آهي ته ان جي مستندي جو دارومدار سدائين غير سنڌي لٽيرن ۽ انهن جي ساٿارين جي لکتن تي رکيو ويو آهي جن ظاهر آهي ته پنهنجي فاتح حمله آورن کي هيرو لکيو هوندو جن هزارين سالن تائين سنڌ جي زرخيز هنج اجاڙي سنڌين جو خون وهائي هتي ڦرلٽ ڪئي. انهن جي پيروي ڪندي اسان جي تحقيقي ۽ تاريخي پيروڪارن به انهن حملي آورن کي امن جا پرچارڪ ۽ انسانيت جا مسيحا پئي لکيو ۽ ورجايو آهي. الميو هي آهي ته جن لٽيرن هن پاڪ ڌرتي جو ماس ڳجهن وانگر پٽيو انهن کي اسان جي تعليمي سبقن ۽ نسابن ۾ معتبر لکي هن ڌرتي جي بهادر سپوتن کي غدار لکيو وڃي ٿو. اهڙي طرح سنڌي تاريخ جي هزارين جيئرن جاڳندڙ ڪردارن ۽ علائقن جي باري ۾ نهايت عجيب ۽ غريب ڪهاڻيون مشهور ڪيون وڃن ٿيون جن مان تمام گهڻيون پنهنجي اندر حقيقي عنصرن جي کوٽ جي باوجود اڃان تائين اسان جي اڻپوري تحقيقي روين جي ناپيدگي ۽ قومي بي حسي جي بدولت تصديق شده حوالن ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. ڪڏهن مهين جو دڙو جي تباهي کي ان جي حاڪم جي ظلمن جي بدولت تباه و برباد ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪٿي رني ڪوٽ کي خارجي حمله آورن جو تعمير ٿيل. ڪٿي پنهنجي ڌرتي جو دفاع ڪرڻ واري بهادر جوڌن کي منفي ڪردار لکجي ٿو ته ڪٿي سنڌ جي پارس عاشقن کي پٿر سڏيو وڃي ٿو ته ڪٿي وري مورڙو مير بحر يا وتائي فقير جهڙي لازوال ڪردارن کي ادب ۾ افسانوي حيثيت ڏئي اجتماعي بي حسي جو ثبوت ڏنو وڃي ٿو. =AZUgqdknWfHXxh0FCZLygHoFMKEsRC6Han98hB5wkY0y2HznCh0uDR_ic34fu6or4QPdrZVmpGQfOnj4fAX8yMMvj8mqQAwvh5dMMEhGE_Ceb-T8PD4VYiDY9pU5_gIFVeY&__tn__=EH-R'] =AZUgqdknWfHXxh0FCZLygHoFMKEsRC6Han98hB5wkY0y2HznCh0uDR_ic34fu6or4QPdrZVmpGQfOnj4fAX8yMMvj8mqQAwvh5dMMEhGE_Ceb-T8PD4VYiDY9pU5_gIFVeY&__tn__=EH-R'] 153You and 152 others 128 comments 74 shares Like Comment Share