سر يمن ڪلياڻ شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر يمن ڪلياڻ
    ترتيب غلام محمد شاهواڻي
    نظرثاني محمد رفيق آس لغاري

    داستان پهريون

    1
    تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا،
    جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾، آزَارَ جا اَنوا،
    صاحبَ! ڏي شَفا، مِيان! مَرِيضَنِ کي.
    2
    تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دردَ جو دارُون،
    دوا آهِنِ دِلِ کي، تُنهنجِون تَوارُون،
    ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، جِيئن ٻُڪِي ٻِئَنِئُون نه ٿِئي.
    3
    تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُنهِين ڊَٺَنِ ڊبُّ،
    تُون ڏِين، تُون لاهِين، تُونهِين هادِي ربُّ،
    آهِمِ اِيُ عَجَبُ، جِيئن وارِيو ويڄِ وِهارِيين..
    4
    تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَرِدَنِ،
    تُون ڏيين، تون لاهِيين، ڏاتَر! کي ڏُکَندَنِ،
    تَڏِهِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِهِين اَمُرُ ڪَرِيو اُنِ کي
    5
    جان ڪِي ڪَري طَبِيبُ، دارُون هِنَ دردَ جا،
    هَڻِيو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪري.
    6
    هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻِي، ٿيڪِ مَ، ٿورو لاءِ،
    پِرِيَمِ تُنهِنجي گهاءِ، مَران ته مانُ لَهان.
    7
    هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻِي، دِل ۾ ڌِيرِي دانهن،
    ڪُڇان تان ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئون نه سهان
    ڪنهن کي اِيَ چُوان ته مُون کي مارِيو سَڄَڻِين.

    8
    هَڻُ حَبِيبَ! هَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَهِي ٻاڻُ،
    ماڳِهِين مُون مِنهُه ٿِئي، جُهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
    اِن پَرِ ساڄَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
    9
    جِتِ حَبِيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهن جِي،
    تِتي طَبِيبَنِ، وِڄا وَڃي وِسرِي.
    10
    هَڻِي جي حَبِيبَ! مُحَبَتِي مَيا ڪري،
    پُڇان ڪِينَ طَبِيبَ، هوند گهائَنِ سِين ٿِي گهارِيان.
    11
    چوري چَنگُ، ٻَنگُ لهِي، حَبِيبَنِ هُنيوسِ
    ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِيو ڪَرَ کَڻي.
    12
    ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱنِ ۾،
    مَحَبَتَ جي ميدانَ ۾، پِيا لالَ لُڇَنِ،
    پاڻهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ،
    وَٽان واڍوڙِينِ، رَهِي اَچَجي راتَڙِي.
    13
    رَهِي اَچَجي راتَڙِي، تَنِ واڍوڙِينِ وَٽاءَ،
    جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهاران گهاءَ،
    لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون.
    14
    اَڄُ پڻ ڪَنجهو ڪَنجھَه، واڍوڙَڪِي مَنَهين،
    جُه پڻ پِييَنِ سَنجھَه، هوُ پِنِيُون هُو پَٽِيُون.
    15
    اَڄُ پُڻِ ڪِهَڙِي دانهن، واڍوڙَڪِي مَنهين؟
    ويڄَ وَرائِي ٻانهن، چوري چاڪَ نِهارِيا.
    16
    ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سِين،
    تاڻِينِ مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نه آسَرو.
    17
    سَدا آهي سُورَ جِي، واڍوڙِيَنِ وائِي،
    جيڪا اٿنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نه سائِي،
    اَوڙَڪِ اُهائِي، ڳولِيو لَهَنِ ڳالَهڙِي.
    18
    سَگَهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گهايَلَ ڪِيئن گهارِينِ،
    پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارِينِ،g
    پَرِ ۾ پَچَنِ پرينءَ لَئي، هَئي! هَنجُون هاريِنِ،
    سَڄَڻُ جي سارِينِ، تَنِ رويو وِهامي راتَڙِي.
    19
    سَگَهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ٿا رُنڪَنِ رَنجُورِي،
    پِيا آهن پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
    لڳِيَنِ لَنوءُ، لطيف چَئي، سَدا جِي سُورِيِ،
    پِرتِ جَنِ پُورِي، تَنِ رويو وِهامي راتَڙِي.
    20
    سدا آهِ سُور جِي، رَنجُورَنِ رُڻڪَ،
    ڪِهه جِهه ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ چُڻَڪَ،
    اِنَ ڀلارِيءَ ڀُڻڪَ، هيڪَرَ حُضُورِي ڪيا.

    21
    آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجون جي هارِينِ،
    آڻيو آبُ اَکِيَنِ ۾، ڏيہَ کي ڏيکارِينِ،
    سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نَڪِي رُوئنِ، نه چُونِ ڪِي.
    وائي
    وِرَسِئا ويڄَ ويچارا! دِلَ ۾ دَرَدُ پِرِيَنِ جو.
    اُٿِيو ويڄا! مَ ويهو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
    دِلَ ۾ دَردُ پَرِيَن جو.
    ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَهه جِي، آيا سُورَ- ڌَڻِي،
    آيا جي جيارا
    دِلَ ۾ دَرَدُ پِرِيَنِ جو.

    داستان ٻيون

    1
    تَنَ طَبِيبُ نه تُون، سُڌِ نه لهِين سُورَ جِي،
    سانڍِ پنهنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
    ڪانَ گُهرجي مُون، حَياتِي هُوتَنِ ري.
    2
    ويڄَنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِرِي نه ڪِيائُون،
    جي پَندِ پاريائُون، ته سِگهائِي سَگها ٿِيا.
    3
    ويڄَنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِرِي ڪَنِ نه پاڻِ،
    اگها اِنَ اُهڃاڻ، پَسو! سُورَ سِجهائِيا.
    4
    آهي گَهڻو آگَهنِ جو، تَرسُ طَبِيبَن،
    ڪِيو وَسُ ويڄَنِّ، تان ڪِريءَ ري ڪِينَ ٿئي.
    5
    تَرَسُ طَبِيبَن جو، جڏنِ ڪِيو نه جاتِ
    جو ويڄَنِ جي واتِ، دارونئان تِنهن دُورِ ٿِيا.
    6
    اگهائِي سَگها ٿِيا، جي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ،
    تَرَسِي طَبِيبَنِ، چيٺي هُوندَ چَڱا ڪِيا.
    7
    پاڙي ويڄَ هُئامِ، تان مُون مُور نه پُڇِيا،
    تيلاهِين پِيامِ، موريسَرَ اَکِيَنِ ۾.
    8
    هارِيا! توهِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪِيو،
    ڪَرِيين جي ڪِرِي، ته تُون توانو ٿيين.
    9
    جي ڀائِيين پرِينءَ مِڙان ته سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ،
    جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سُکُ نه سارِي راتِ،
    اُجهِي ٻُجهِي آئِيا، وائِي ڪَنِ نه واتِ،
    سَلي سُوريءَ چاڙِهيا، بَيان ڪَنِ نه باتِ،
    توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳِي سَلَنِ ڪِينَ ڪِي.
    10
    تڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گَهران ڪَڍِيو،
    چِڪِيا چاڪَ چِيهون ڪري، ڪَڙِيُون مورُ نه ڪَنِ،
    دوسَتَ جي دَرَسَن سين، پَئِي ٺارُ ٺَپَنِ،
    وِرِچِيو ويڄَ وَڃنّ، آءُ ته پِريم اُبَهان..
    11
    ويڄَنِ ويٺي ئِي، دوسُ پيهِي دَرِ آئِيو،
    صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَّ ڪَرين پيئِي،
    پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجيبَ جي.
    12
    وَڍي جِنِ وِڍِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِيا،
    تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ،
    هِينئَڙا! تَنِين پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿِيين.
    13
    هارِيا! ويڄَ مُياسِ! سُڌِ نه لَهِين سُورَ جِي،
    پِريان کي چُندِياسِ، ته تَرَسُ طَبِيبَنِ ڇَڏِيو.

    14
    ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي! اَلا چَڱِي مَ ٿِيان!
    سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪَڏهِين.
    15
    ويهَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جي سِکِين ته سَگهو ٿِيين،
    اڳِين عادَتَ مَٽِ، ته اَگها! عاجِزُ نه ٿِيين.
    16
    هُئين ته ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئن جِيءَ جَڏو ٿِيين؟
    سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُه نه ڪَيَئِيِ ڊَبَڙا؟
    17
    ڪُٺِيَس ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نه گَڏيا،
    ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلَ ڏُکوئِيو.
    18
    دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪِيا ويڄَ مون!
    ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھه جِي، نِهاري نارُون،
    جَنِ جُون سيڻَ لَهَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکَندو ڏُورِ ٿِئي.
    19
    اَگهَنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِيو سَڏُ صِحَتَ کي،
    ڏُورُ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِهرِيءَ مُنهن ڏيکاريو.

    وائي
    اچِي سار لهيج، ساڄن سور تُمارِي آئون ماري!
    سُور تُمارِي جي مران، تان مُون ڏوهُه نه ڏيج،
    ساڄن سور تُمارِي آئون مارِي!
    ڊَڀَنِ ڀَري هٿڙا، دارُون دوستَ ڪَريج،
    ساڄن سور تُمارِي آئون ماري!

    سر يمن ڪلياڻ داستان ٽيون

    1
    هَيءِ! هَيءِ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ مَحَبُوبَنِ جِي،
    جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ ٻَري باهِ،
    پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهِ نه وِسَهو!
    2
    هيءِ هيءِ! وَهِي هُوءِ، مَنَ ۾ مَحَبُوبَنِ جِي،
    جِيرا جوش جلائِيا، بُڪِنِ مُڪِي بُوءِ!
    اَچِي پَسو رُوءِ، جي ويساهِ نه وِسَهو
    3
    ڪانڊين، ٽانڊين، ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي!
    جيرا، جِگَرَ، بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئِي!
    ويڄَنِئُون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
    4
    سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏِيءَ ڏيئِي،
    ڪانَ ڪَرِنگَھرُ ڪَپِيو پَکَنِ سِرِ پيهِي!
    جيرا جِگِرَ بُڪِيون، پساڙا ٻيئِي!
    ويڄَنِئُون ويئِي! ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
    5
    سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻَنگا ٻاڻُ ڀَري،
    وِيو وَجُودان نِڪَرِي، ڪَڙَڪَڙَ ڪانُ ڪَري،
    پُڇو پيرَ ڀَري ته ڪِ ٺَرئو هَٿُ حَبِيبَ جو.
    6
    سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري،
    ڇِمَڪِيو سو ڇوهَ مان، ڪَڙَ ڪَڙَ ڪانُ ڪَري،
    جيرا، جِگَرَ، بُڪِيُون، لَنگهي پِيو پَري،
    لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻِيان، تِيرُ نه نِڪَري!
    7
    سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، سِيڱَ مَنجهان سِيلو،
    ٽِنگُرُ ٽِڪِيو ڪِينَ ڪِينۡ، پارِ لَنگهيو پِيلو،
    هَڻَڻَ سِين حِيلو جانِبَ جيڏوئِي ڪِيو!
    8
    ڌڳايومِ ڌئِين، ڄِيرو اندرِ ڄِندَڙي!
    لڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندِي نِينهن نَئِين!
    مُشاهدي تَهِين، مون کي وِڌو مَچَ ۾!
    9
    پُڇُ پَتنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
    آڻِيو وَجهَنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنهنجو جي،
    جيري جَنِين جي، لَڳا نيزا نِينهن جا!
    10
    پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، ته اَچِي آڳِ اُجهاءِ!
    پَچَڻَ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
    واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
    11
    پَتنگُ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پَئُو ڄاڻِي!
    تان تان تاڻِج توَ ڏي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي!
    وَسِهُه وِهاڻيم آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
    12
    پَتنگُ چايينِ پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ،
    سَهائِيءَ سُپيرِينِ جِي، گِهڙَ ته ٿِيين گهوٽُ!
    اڃان تون اَروٽُ! کُورِي خَبَرُ نه لهِين.
    13
    پُرِي پَتَنگَ آئيا، مِڙِي مَٿي مَچَّ،
    اوڏا ٿِيا آڳَ کي، سَڙيا مَٿي سَچَّ،
    سندا ڳِچِيُنِ ڳَچَّ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
    14
    پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سَري وَٽِ ساهي،
    اَچِي پِيا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاهي،
    لاڳاپا لاهي، کاڻا کُورِي وِچ ۾.
    15
    پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سهائي هيٺِ،
    ٿِيندا ڏيٺاري ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي،
    16
    پَتنگَنِ پَھ ڪِيو، مِڙِيا مَٿي مَچَ،
    پَسِي لَهسَ نه لِچِيا، سَڙِيا مَٿي سَچَ،
    سندا ڳِچِيُنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
    17
    چڙِهِيو چڪاسِنِ چاءِ، آڳِ ٻَرندي آئِيا،
    وِهُسَنِ واڙِيِ ڦُلَ جِئِين مَحَبَتِي مَچَ لاءِ.
    آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کوُري وِچَ ۾.
    18
    جي تَتو تَنُ تنُورَ جِئِين، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
    آڻي آڳِ اَدَب جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،
    بُرَقئان اَندَرِ بازِيون، پنهنجون سَڀِ پَچاءِ،
    لُڇَڻُ لَنئون، لطيف چَئي، پَڌَرِ هَڏِ مَ پاءِ،
    متان لوڪَ لَکاءِ، وصالا وِچُ پَئي!
    19
    اڃان تَنُوراءِ، ڪالِھ ڪَڍِياسون سَڄَڻين،
    پُڻِ تايائون تَڪَڙو، وَحَدَتَ جِي وَڌاءِ،
    مَحَبَتِيَنِ مَٿاءِ، مَچُ مُورائِين نه لهي!
    20
    پَچائي پَهاڻُ، جَنِ رَساڻِيو رُڪَ کي،
    تَنِين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙيَنِ کي.
    21
    ڌنءُ ڌنءُ ڌَمَڻَ وارَ، اَڄ پُڻِ آڳَڙِيَنِ جِي،
    ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
    ڌُوڌا! ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڻِيُون ٿِئي.
    22
    ڌُوڌا! تون نه ڌَئِين! آڳِ اوڏو نه وَڃِين!
    اُلا جي عِشَقَ جا، سي تان تون نه سَهِين!
    اُڀو اِئين چَئِين، ته آئون آڳَڙِيو آهيان!
    23
    سِرُ سانداڻِ ڪَري، پُڇَجِ گَهرُ لُهارَ جو!
    ڌَڪَن هيٺِ ڌَري، مانَ گڏِينِئي رُڪَ سين!
    24
    سَهين جِيئن سانداڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا!
    وَهِ وِڃائي پاڻِ، ڏي ڏَٻائُون ڏُڱَرين.
    25
    هَيءِ! ٻَرِ! اَڱارَنِ، ٻَڏاهِين ٻَرَن جي،
    هِڪَڙا کُوري کانئِيا، ٻِيا ڌُوڌي مَنجھَ ڌڳَنِ،
    پاڻا! لُهارَنِ، ميڙي رَکِيا مَچَ لَئيِ.
    26
    ٻارِيو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ!
    مون کي ٿا مارِينِ، لُئا لُهارَنِ جا!
    27
    اَڄُ آڳَڙيا آئِيا، سُوڌا سِراڻِي،
    پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تِکِيون.
    28
    اَڄُ آڳِڙِيا آئِيا، سائُو ڪي سُڃاڻَ،
    لاهِيندا مُورِياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پَڌرو.
    29
    ڪَٽُ ڪَڙهي، لوهُ ٻَري، ڌُوڌا جِتَ ڌڳَنِ!
    مُتَرِڪَنِ مُنهن ڪَڍِيا سانداڻِيون سَڪَنِ،
    اَڄُ پُڻِ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آهي مَچَ تي.
    30
    سَرها ڏَٺَمِ سي، جَنِ ساڃاءَ سِراڻِ سِين،
    تيغَ تنِين جِي کي، ڪَٽُ نه لَڳي ڪَڏَهِين.

    وائي.
    جِيءُ جِياريو، جيءُ جِياريو، ڪِينَ مُنهنجَهڙو هارِيو.
    منهنجو جيءُ جياريو.
    پِرِيَنِ جِيءَ پَچارَ، سيڻنِ جِي سنڀارَ، جڏڙو جِيءُ جِياريو،
    منهنجو جِيءُ جِياريو.
    اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِينِ پُوڄ پِياريو،
    منهنجو جيءُ جيارِيو.
    مَرَضُ مَرِيضَنِ تان، اِشاري ساڻُ اُتاريو،
    منهنجو جيءُ جيارِيو.
    ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي مون کي، اَهُکِيَ مان اُڪارِيو،
    منهنجو جيءُ جيارِيو.
    سئون مُنهن ڪِري سُپِرِين، آئين نِرَمَلَ نُورَ نهاريو،
    منهنجو جيءُ جيارِيو.
    سائِلَنِ جيئن سَڏَ ڪَري، ائين طالِحَن کي تاريو،
    منهنجو جيءُ جيارِيو.


    سر يمن ڪلياڻ داستان چوٿون

    1
    ايڪ پِيالو! ٻه ڄَڻا عِشَقَ نه ڪَري اِيَّ!
    ليکِيا جي لِکَڻَ ۾، سي قُرَبِ رسندا ڪِيَّ؟
    هُئڻَ ڪِيا هِيَّ، وانجِيا، پَسُ! وِصالَ کان.
    2
    ايڪ پيالو! ٻه ڄَڻا! عِشَقَ نه اِيئن ڪَري!
    آٽِي سي ايڪ ٿِيا، جي گَتا نِينهن ڳَري،
    دُئِي ڌارَ ڌَري، جُه خُلَتَ خَنجَرُ آئِيو.
    3
    ايڪ پِيالو! ٻه ڄَڻا! عِشَقَ نه ڪَري اَڌَ!
    اِيءَ تان، ساعِرَ! سَڌَ، ڪَيَيءَ جا قَوالَ سين.
    4
    جيڏانهن قاتِلَ ڪوڙَ، اکِيُون اوڏانهن کَڻي،
    وِهُ تَنِين جِي ووڙَ، جَنِين سانَگُ نه ساهَ جو
    5
    اَکِيُون اوڏاهِين کَڻي، جڏانهن قاتِلَ ڪُلّ،
    مَٿو ڪَنِ نه مُلَ پِڪَ برابر پنهنجو.
    6
    قاتِلَ ڪمائِي ڪري، وِهُ ماکِيءَ جي ڪَنِ،
    وَٽان ويهِي تَنِ، پِيج ڪي پِيالِيُون.
    7
    هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانهنجو،
    پُوڄَ پِيارِجِ پَنهِيَڙا، وِيندا وَٺِيو ڪَنڌِ،
    ته هَٽَ تنهنجي هَنڌِ، موکِي! ڪو مانُ لهي.
    8
    هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانهنجو،
    وَٽِي واٽاڙُئَنِ کي، تان پياري پَرَکُ،
    سالِکَ لَهي ٿِي لَکُ، جا تو ايندِي اُنِ سين.
    09
    گهَٽَنِ ۾ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيوُن پِيَنِ وِهَ گاڏِيُون،
    بَر خِيز بِده ساقِي! پيار کي پَرِين،
    پِڪين نه پَرَچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
    10
    آڻي اُتَرَ واءَ، موکِيءَ مَٽَ اُپٽِيا،
    مَتارا تِنهن ساءَ، اَچَنِ سِرَ سنباهِيو.
    11
    وِجِهجَ واٽاڙُئنِ تي، ميخاني جِي ماڪَ،
    ٿِيندِي سَڌِ سَڀَ ڪِنهن، هَنڌِ هَنڌِ پُوندِي هاڪَ،
    پرَهَ جا پِياڪَ، جُه سي اَڱَڻِ آئِيا.
    12
    جُه سي اَڱَڻِ آئِيا، ته سَرو ڪَندا سُڃَ،
    سائِي ٿِينديَنِ اُڃَ، هِي پِيتو! هُو آڻ ڪِي!
    13
    موکِيَ چوکِي نه ٿِئي، اَصُلَ اوڇِي ذاتِ،
    وَٽِيون ڏيئِي واتِ، مَتارا جِنهن مارِيا.
    14
    مَتارا مَرِي وِيا، موکِي! تُون نه مَرِين،
    ڪيهِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري؟
    15
    مَتارا مَرِي وِيا، موکِي! تُون ڀِي مَرُ،
    تنهنجو ڏوسُ ڏَمَرُ، ڪونَ سَهَندو اُنِ ري!
    16
    سَري ڪِينَ ڪَيونِ، ويڻَ موکِيءَ جي مارِيا!
    ڪوجو سُخَنُ ڪَلالَ جو، پِتي تي پِيُونِ!
    تِهان پوءِ ٿِيونِ، مَرَڻُ مَتارنِ کي!
    17
    اَڃا کوري ماڳَ مَٽَ، ڪُٽِڪا ڪَٽَ گَهڻان،
    لاهي وِهُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
    18
    ڪَنڌِ ڪَٽارو، مُنهن وَٽِي، عادَتَ جَنِين اِيَ،
    تَنِين تِڪُون ڏِٺِيون، جُنبِي مَنجَهان جِيَ،
    سَرو تَنِ سَبِيَ، جَنِ حاصُلُ ڪيو حالَ کي.
    19
    موکِيءَ مَٺو نه گُهرِيا، وِهَ نه وِهاٽِيا،
    سُرَڪِيءَ ڪاڻِ، سيد چَئي، اُتي ٿي آٽِيا،
    جي ڳالِهيَنِ ڳنڱاٽِيا، تَنِ بَٺَنِ پاسي بُٺِيُون.
    20
    سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙَ، ڪنهن پَرِ ڪَلاڙَنِ سين!
    ڪاتِي ڪَرَٽُ ڪَپَارَ ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙَ!
    مَرڻان مُنهن مَ موڙَ، وَٽِي ٿِي وَڌِ لَهي!
    21
    وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِيو،
    قَدَرُ ڪيفَ ڪلالَ جو، پِياڪَنِ پِيو،
    اَچَنِ دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌُ قَبُولُ ڪِيو،
    سَرها سِرُ ڏِيو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيد چئي.
    22
    آٽِي ٿِيءُ اڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين،
    پَسِين سي ڀَتارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين
    23
    ڪَلاڙِنَئُون ڪاءِ، مَتِ نه سِکين مُون هِنئان!
    روئِندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيون!
    24
    موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، اَڇا اڱڻَ ڌارِ،
    ايندا تو دَرَٻارِ، وِهَ پيئدا وَٽِيون.
    25
    موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، سويرا صُبوحَ،
    اُچي جِي عبدالطيف چَئي، باسَ نه پُهِتِئِي بُوءِ،
    ڪَڙو جي ڪَڪُوهِ، ته به وَٽِ سِرَ گُهرَنِ وَٽِيون.
    26
    وٽِ سِرَ گُهرَنِ وَٽِيون، ڌَڙُ سِرُ ڪِيَنِ ڌُڄَنِ.
    بَدان، شِينَ بُشنۡ، اِي پيالو پِرِيَنِ،
    اُچي جِي عبدالطيف چئي، وَٽِي وَڌِ گُهرِنِ،
    پِڪين نہ پَرِچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجھان.
    وائي
    دوسُ پيهِي درَ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيو،
    ڏينهن پڄاڻُون آڻي اسان کي، موليٰ مُحَبُ مِلائِيو،
    ٿِيو مِلَڻَ جو ساعِيو.
    وِيو وِڇوڙو، ٿِيو ميلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
    ٿِيو مِلَڻَ جو ساعِيو.
    هو جَنهِين جو ڏَسُ ڏُوراهو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
    ٿِيو مِلَڻَ جو ساعِيو.
    عبدالّطيف چئي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائِيو،
    ٿِيو مِلَڻَ جو ساعِيو.

    يمن ڪلياڻ داستان پنجون
    داستان پنجون ويڊيو
    1
    صوفِي سالِمُ سي وِيا، جي اَڪَثَرَ سين اَڏيارَ،
    بازِي بازِندَنِ کي، آهي اَويسارَ،
    پِرِيان سين پَهڪارَ، رِنديءَ رَساڻي ڪِيا.
    2
    صوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئن رَڳُنِ ۾ ساهُ،
    سا نه ڪري ڳالهڙي، جيئن پريون پروڙي پساه،
    آهِس اِيُ گناه، جي ڪا ڪَري پَڌري.
    3
    ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضِي ٿِيا،
    صوفي تي ٿيا، جن ڪيِن کنيائوُن پاڻ سين.
    4
    صوفي لا ڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ،
    منجهيان ئي مَنجھهِ وڙهي، پَڌر ناهِس پِيرُ،
    جنين ساڻُس ويرُ، ٿئي تنيِن جو واهَرُو.
    5
    صُوفِيءَ صافُ ڪيو، ڌوئِي وَرَقُ وُجوُد جو.
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
    6
    صُوفِي چائِين، سَڌَ ڪرِين! صُوفِينِ اِيءَ نه صَلاحَ،
    ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وِجھُ اُڇلي آڳ ۾.
    7
    جي ڪُلاهَ رکِين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالِمُ ٿِي،
    وِهَ وٽي هَٿِ ڪري، پُرِ پيالو پي،
    هَنڌُ تنيين جو هي، جن حاصل ڪيو حال کي.
    8
    جُسي ۾ جَبَار جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
    جَلي تون زبان سين، چارئي پهر چور،
    فِڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور،
    ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
    9
    عالَمُ آئُونءَ ساڻُ، ڀَرِيو ٿو ڀِيرَ ڪري،
    پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊيءَ مَنُڊ پکيڙيو.
    10
    طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اَندَرِ رُومِيءَ راءِ،
    ماڙھو اِتِ ڪئاءِ، مَنڊُ نہ پسين منڊيو
    11
    طالِبُ ڪَثَرَ، سُونَهن سَرُ، اِيءُ رُومِيءَ رُوءِ،
    جَنيِن ڏٺي جُوءِ، تَنِين، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪين.
    12
    طالِبُ ڪَثَرَ، سُونَهن سَرُ، رُومِيءَ چيو آهي،
    تاڙي جي لاهي، ته مَنجهيِن مُشاهدو ٿئي.
    13
    طالِبُ ڪَثَرَ سُونَهن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رِهاڻِ،
    پِهرِين وِڃائِڻُ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پريَنِ کي.
    14
    طالِبُ ڪَثَرَ سُونَهن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي راحَتَ،
    جَنين ڏِٺِي سَتَ، تَنِين ڪُڇَيو ڪِي نَه ڪِين
    15
    طالِبُ ڪَثَرَ سُونَهن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
    جي ڀَڄي درُ فراق تہ منجھين مشاھدو ٿيي
    16
    ظاهِرَ ۾ زانِي، فِڪَرَ مَنجِھه فَنا ٿِيا،
    تَنِين کي تَعلِيمَ جِي، ڪُڙِه اَندِر ڪانِي،
    حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِيائون دِلِ ۾.
    17
    جَنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهَنِّ،
    فِڪر ڦرَهي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنِّ،
    پَنو سو پڙهنِّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
    18
    سا سِٽَ سارِيائُون، اَلِفُ جِنَهن جي اَڳَ ۾،
    “لا مَقَصُوۡدَ فِي الدَّارَيۡنِ” اِنَ پَرِ اُتائُون،
    سَڳَرُ سوٺائُون، ٿِيا رَسِيلا رَحۡمانَ سين.
    19
    ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرُ سُونهِينِ جي،
    آيُون تَنِين کي، واڌايُون وِصال جِيُون
    20
    سا سِٽَ نہ سارين، اَلف جنهن جي اَڳَ ۾،
    ناحَقُ نِهارِينِ، پَنا ٻيا پِرينءَ لئي.
    21
    اکرَ پَڙِهِي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿِئين ڪِياءِ؟
    ڀيرِئِيين ۽ ڀانِئِيين، ايڏا اِيءَ نه آءُ!
    اِنَ سُرَڪِيءَ سندو ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
    22
    عاشِقُ عَزازِيل، ٻِيا مِڙيئِي سَڌڙِيا،
    مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِيو.
    23
    وِسَرِيومِ سَبَقُّ! پهرين سِٽَ نه سَنڀَران
    اڃا هِيءُ وَرَقُ، هَيءِ! مُطالِع نه ٿِيو.
    24
    ڪِيو مُطالِع مون، هُو جو وَرَقُ وِصالَ جو،
    تِنھن ۾ تُنهِين تُون، ٻِي لاتِ نه لَحَظي جيتَرِي.
    25
    جو مُون پَڙَهِيو پاڻ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو،
    پِهرِين سُڃاتُمِ پَنهنجي، نَفسَ جو نِهو،
    جِتِ عَرفانُ اَصُلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِيو،
    ورِي وَرَقُ پِيو، گَڏِيُمِ وَڍُ وِصالَ جو.
    26
    اَکَرُ ڇُٽي هيڪڙي، ٻَهُون جي نه ٻُوجَهنِ.
    ڪوهُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالَهڙِي
    27
    پَڙهِيو ٿا پَڙَهَنِ، ڪَڙَهَنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾،
    پاڻان ڏوهَ چَڙَهَنِ، جِيئن وَرَقَ وَرائِين وِتَرا.
    28
    پَڙهِيو پَڙهيجاهُ، سَبَقُ اِنَهِين سُورَ جو،
    مِيمُ رَکِجاهُ من ۾، اَلِفُ تنهن اڳياهُ.
    چِتان چوريجاهُ، اِها لاتِ لَطِيفُ چَئي.
    29
    اَکَرُ پَڙهُ اَلِفُ جو، ٻِيا وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،
    اَنَدَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙَهَندِين ڪيترا،
    30
    جِيئن جِيئن وَرَقَ وَرائِيين، تِيئن تِيئن ڏِٺو ڏوهُ،
    تنهن ڪَهڻِيءَ ڪِبو ڪوهُ؟ جي رَهِڻِيءَ رَهِيو نه سُپِرِين.
    31
    ڪاتِبَ! لِکين جِيئن، لايو لامُ اَلِفَ سِين،
    اَسان سَڄَڻُ تِيئن، رَهِيو آهي رُوحَ ۾.
    32
    ڪو ٿو ڪاڳَرَ ڪورِيين؟ ويٺو وڃايين مَسُ
    ڏورِ تِيائِين ڏَسُ، اکرَ جِيائِين جُڙِيا
    33
    تِهَڙا چالِيها نه چالِيهَه، جِهَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
    ڪِهَڙِي ڪاتِبَ! ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيهَه،
    جي وَرَقَ وارِين وِيهَه، ته اَکَرُ اُهو ئِي هيڪَڙو.
    34
    تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجِرو، ڪِيَمُ چالِيها رَکُ،
    ڪوهُ نه پُوڄيو پُوڄِئين، اَٺَئِي پَهَرَ اَلَکُ؟
    تان تُون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪِنهن ڏانهن سامَهُون.
    35
    سَڀَڪِنهن ڏانهن سامَهُون، ڪو هَنَڌُ خالِي ناهِ،
    اَحَدا جي اَرَکَ ٿِيا، سي ڪانئِرَ ڪِبا ڪانهِه؟
    مُحِبَ مَنجِهين مَنَ ماہِ، مُون اَڄاڻِنديءَ اُجِهيو.
    36
    هارائِجِ هِنئيين ۾، اَلِفَ سَندِي اوڙَ،
    ته ڪِتابَنِ، جِي ڪوڙ، مَنجَهان ئِي مَعلُومُ ٿِئي.
    37
    ڪوڙِئين ڪِتابَنِ ۾، حَرفُ، مِڙوئِي هيڪُ،
    جي تو نَظَرَ نِيڪُ ته بِسۡمِ اللهِ ئِي بَسِ ٿِئي
    38
    اورِيائِين اَوڄُون ڪَري، مُنجهايا مُلَنِ،
    سي پِرِينئُون پاسي ٿِيا، ڳَههُ ڳَههُ ڳالهيون ڪَنِ،
    ساهِيانَ اوڏو سُپِرِين، لوچِيو تا نه لَهَنِ،
    دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئن
    39
    مُلَئين مُٺِي ماءُ! جِهَه پِتو ڦِٽو پيٽ ۾،
    سُڃاڻِي اللهُ، ٽُٻِي ڏِنائِين ڌُوڙِ ۾.
    40
    اَحَدُ، اَحَمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
    آهي مُسۡتَغَرۡقُ، عالَمُ اَنِهِيءَ ڳالِهه ۾
    وائي-1
    وَٺَڙِئو هوتَ وَڃَنِ، وو! جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رهي!
    آئون جَنِين جِي آِهيان، ڪَڙِي مَ ٿِيان تَن،
    جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رهي!
    گهورِيان گَهڻين ڀَتِيين سَندِي ٻاجَهه ٻِيَن،
    جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رَهي!
    مَرُ مران، مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ،
    جَهلِيان، پَلِيان، هِينئَڙو نَه رَهي!
    آئُون مُيائِي گهورئِي، جي مان مُحَبَ مِلَنِ،
    جَهلِيان، پَلِيان، هِينئَڙو نَه رهي!

    وائي-2
    وِسارِجَ مَ ويڻَ جوڀَنُ ٻه ٽي ڏينهڙا.
    لُوٺِيُون سَهَنِ لوڪَ جا، وهاڻِيءَ ٿِيون ويڻَ،
    جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا
    اَصَلِ اَسارِنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،
    جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا
    جيڏِيُون جي مان وِسَهو، نِنڊَ مَ هيرِيو نيڻَ،
    جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا
    راتَڙِيُون جاڳن جي، سي آئون ڪَندَڙي سيڻَ،
    جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا
    آڌِيءَ رات اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون ننڊان نيڻَ،
    جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا

    سر يمن ڪلياڻ داستان 6
    داستان ڇهون ويڊيو
    1
    دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونَهي رَنگُ،
    گهوڙِيءَ هيٺِ اَيَنگُ، ڪاهِيو پاکَڙِئين هڻي.
    2
    دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونَهي چيتُ،
    گهوڙِيءَ هيٺِ سُچيتُ، ڪاهِيو پاکَڙِئين هڻي.
    3
    او قابِيلَ! اَکِيُنِ ۾، توکي بارِي بانَ،،
    اُڀو اَڳَرايُون ڪَرين، ماڳِ هَڻِيو مَستانَ،
    جانِبَ! تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سِين ايڏا ڪَرِين!
    4
    او قابِيلَ!اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ،
    ساجَنَ! اِنَهِين سِيڱَ سين، ڦَٽِييءِ گهڻا فَقِيرَ،
    ٻيو مَ مارِج مِيرَ! تنهنجو پِهرِيُون ئِي پورو ٿِيو.
    5
    او قابِيلَ!اَکِيُن ۾، تِيرَ تِکا توکي،
    ساجَنَ اِنِھين سُورَ جِي، ڪَلَ نه آ ڪِنهن کي،
    مارِين ٿو مُون کي ، چاڙهي لوهَ لَطِيفُ چَئي
    6
    او قابِيلَ!اَکِيُن سين, تِيرَ چلايا تو،
    ٻيو مَرُ ماري سو، جنهن جو پِهرِيون پورو نَه ٿِيي
    7
    جي هُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ ڏيجُ،
    مُنهن ۾ مَعشُوقَنِ جا، چاڪَ چَٽَڪا چَکُ،
    سورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ ته اُبَهِين.
    8
    جي هو پائيِن ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپرَ ڏيج،
    منهن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿي جهليج،
    پاهان پڳَ مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿيُ ته اُبهيِن.
    9
    جي هُو پائِينِ ڪانُ ڪمانَ ۾، نَئِي ڏِجِ سِينون،
    ڪَجي نه ڪِينون، وَڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي.
    10
    پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مار مَ مُون،
    مون ۾ آهِيين تُون، مَتان تُنهنجو ئِي توکي لڳي.
    11
    ڪِيو ڇَڏِينِ ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِين ٿا،
    ٿِيا جي نِيشانُ، ته پَهرِئين سين پورا هئا.
    12
    لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتِ اُڀو ئِي آهِيان،
    سورِهِ پِرِين سِندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻِيو هَڻي!
    13
    مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، عاشِقُ! ٿِيءُ اَچامُ،
    سامُهان! سَلَ سَيِدُ چئي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
    ڪَهِجِ ڪومَ ڪَلامُ، جِمَ دوسَنِئُون دُورِ ٿِيين.
    14
    مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، اَچِي پيرَ پِيانِ،
    سِرَ وَڍَڻُ، ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِيءُ سِينگارَ سَندانِ
    ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا مَحبُوبَنِ لَئي.
    15
    مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
    سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪِنگِرين متان ڪُڇِيين ڪَٽُ!
    عِشَقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
    16
    مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو سانَگُ مَ ڪَرِ،
    لاهي سِرُ لطيف چَئي، دوسَتَنِ اَڳِيان، ڌَرِ،
    عِشَقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
    17
    مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو ڪرِ مَ سانگُ،
    سُورِيءَ سُپيرِينِ جي، چڙهُ ته ٿِئين چانگُ،
    عِشَقُ آهي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
    18
    مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُو ڪاهي،
    ڇَڏِ آسانگا اَرواحَ جا، لاهُوتِي! لاهي،
    عِشَقُ نانگُ آهي، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
    19
    عِشَقَ نه آهي رانَدِ، ته ڪي ڪَنِسِ ڳِڀرُو،
    جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي جو هيڪاندِ،
    سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ ته اَڌَ ٿئي.

    وائي
    عِشَقُ تَمامُ، بِرهُ، وو! مَين لُوٺِي يارَ لوڪو!
    سيڄَ سُتِي نُون جَهپَ نه آوي، نيڻين نِنڊَ حَرام،
    وو! مَين لُوٺِي يارَ لوڪو!
    راتيان جاڳڻُ، صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِي فَقِيران دا ڪامُ،
    وو! مَين لُوٺِي يارَ لوڪو!
    مَتِ عَقُلَ دِي مُنجِهه ڳَئِي، آيا عِشقُ اِمام،
    وو! مَين لُوٺِي يارَ لوڪو!


    سريمن ڪلياڻ داستان ستون
    داستان ستون ويڊيو
    1
    عاشِقَنِ اَلله جِي، مُحَبَت رَکِي مَنِ،
    سَنَدِي سِڪَ پَرِيَنِ، تَنَ ۾ آهي تَنِ جي.
    2
    عاشِقَنِ اَللهُ جِي، سَدا وائِي واتِ،
    فَاذۡڪُرُوۡنِيۡ اَذۡڪُرُڪُمۡ، تَنَ ۾ اِها تاتِ
    اِن کان ڪابه ساعَتِ سَڄَڻُ ويلَ نه وِسَري.
    3
    عاشِقَنِ الله، ويروتار نه وِسَري،
    آهَ ڪَرِيندي ساهُ، ڪڏهن ويندو نڪري.
    4
    عاشِقَنِ آرامُ، ڪڏهن تان ڪونه ڪِيو،
    طَعني ڪِيا تَمامُ، حَبِيباڻي هيڪَڙي.
    5
    عاشِقَ اِيئن نه هُونِ، جيئن تون سَڄي اَڱَڙين،
    وَڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي، رَتُ ڏِهاڻِي رُون،
    ٻِيءَ پَرِ ڪنهن نه پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.
    6
    جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينهن جِي،
    سائو مُنهن، سُونِهن گَئِي، سِڪَڻَ اِيءَ شَرَطُ،
    نَڪِي گوڏِ گَرَتُ، مٿان سَرَ سودا ڪري.
    7
    اَڃا تو مَنجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪري!
    مُنهن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئن جَهلِيندِين گهاءَ؟
    سو تُون ڪُڄاڙِياءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين؟
    8
    سِڪَ نه آهي سُٿرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
    ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪري سَڌَ سِڪَڻَ جِي؟
    9
    سِڪَڻُ اِيءَ نه سَڌَ، جِيئن لِڪَيو لِياڪا پائِيين،
    پَئِي پِرِيان جي نه ٿيين، مَٿي اڱڻَ اَڌَ؟
    اِيءَ پُڻَ ڪوڙِي سَڌَ، جِيئن کِلڙيو، کايو سُمَهِين.
    10
    سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اَکَرِ هيڪَڙي،
    وِهَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪارَڻُ ضَرورِي،
    ٻِنهِين جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني رِيءَ نه ٿِيي.
    11
    جان ڪِين(ڪي) سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ پَسُ سِڪَندِيين،
    پاسي تِنِين مَ لِڪُ، نِينهن نه سُڃاڻَنِ جي.
    12
    عاشِقَ! مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي،
    جِمَ ورچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسَتَ دَرِي!
    ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجَھ جِي، وِيندُءِ ٺَپَ ٺَرِي،
    اَسان تان نه سَرِي، تو ڪِيئن سَرِي سُپِرِين؟
    13
    عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهجِ سيرُ،
    اَچِي پُڇندُءِ پاڻَهِين، پِرتان ڀَري پيرُ،
    ڀلائِيَنِ سندو ڀيرُ، رَهبَرُ ٿِيندُءِ راهَ ۾
    14
    عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهجِ دَرُ،
    اَچِي پُڇندُءِ سُپِرِين، لَهندُءِ سَرَ سَڀَرُ،
    ڀَلائِيءَ جو ڀَرُ، رَهبَرُ ٿيندُءِ راهَ ۾.
    15
    عاشق! مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُڪاڻُ،
    پَئِج پيشِ پِريُنِ جي، پَٽِيءَ وِجِهي پاڻُ،
    ته تون تِنين ساڻُ، سدا رَهِين سُرخُرُو.
    16
    عاشِقَ! مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهجِ گَهٽُ،
    جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، موکِيءَ سندو مَٽُ،
    ڪري سِرَ جِي سَٽُ، پيِجِ ڪي پِيالِيُون.
    17
    عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهَجِ رَندُ،
    پِيارِيندئِي، پاڻِهين، ميخاني جو مَندُ،
    ڪِيمَ ڪَڍِجِ تون ڪَنڌُ اوڏو ٿِي اُنِ کي.

    وائي
    سُپيرِيان جي سونهن جِي، ڳالِ ڪِينَ وَڃي،
    وَڃِي دَرِ دوسَنِ جي، سُورِي سِرُ هَڄي،
    عاشِقَ اَنگُهنِ چڙهيا، ٻيو سَڀُڪو ڀَڄي،
    پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻُو، پِهرِين سِرُ سَڄي،
    عاقِلَ ئِي اوڇُون ٿِيا، ڀورو ڪين ڀَڄي.

    سر يمن ڪلياڻ داستان اٺون

    1
    هَرَ هَرَ هَرائِي، وَڃَڻُ دَرِ دوسَتَنِ جي،
    پاڙي ڏانهن پِرِيَنِ جي، اُجَھ(اُڄُ) مَ اَوائِي!
    اَلَڙُ ٿِي آڇِ مَ تُون، واٽاڙُنِ وائِي،
    لائيِندَءِ لَطيفُ چَئي، سوُران سَرَهائِي،
    ڳُجهو ڳالِهائِي، پِرَتِ وَٽَجي پاڻَ ۾.
    2
    جان جان ناهِ ضَرورُ، تان تان طبيبُ ناهِ ڪو،
    جهُ سو سَرِيو سُورُ، ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِيو.
    3
    سُورُ جنِين کي سَرِيو، سَرِي تَنِ صِحَتَ،
    مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي عاشِقَنِ کي.
    4
    سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِين سُورَ سَڃَ ڪِي،
    جو لِکِيو هُتِ لَطِيفُ چَئي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
    جي نوازِيا نَصِيبَ، دارونءَ سي دُرَسَتُ ڪِيا.
    5
    جي پياري پاڻُ، ته ڪَرهو ٿي پاڻي پِيين،
    اَڳي اِنَ نِياڻُ، اَڻَ ڪوٺِيو ڪونَ گِهڙي.
    6
    اَڻَ ڪِيِ عَيان نه ٿِئي، ڪِيِ پَروڙي ڪونَ،
    سَچِي جيهِي سونَ، مُنهِن نه پيئِي ماڙُهين.
    7
    اَڻَ ڪِيِ عَيان نه ٿِئي، ڪِيِ پَروڙي ڪونَ،
    سا سُونهِين ٿِي سونَ، اَمُرُ عطا جنهن جو.
    8
    جيڪي ڏنائون، سو مان ڳُڻُ گَنڍِ ٿيو،
    مون کي پُڇِيائُون، ٺوڪي اِنَهِين ٺوڪَ سين
    9
    جيڪِي ڏنائُون، سو سِرُ ڏيئيِ سَهُه ڄِندَڙا!
    مَ چئو ڇِنائُون اِيءَ پُڻُ ڳَنَڍِيو سَڄَڻين
    10
    جيڪِي ڏِنائُون سو سَڀوئِي صِحتَ،
    مَ چئو آزارُ اُنَ کي، مَ ڪِي مُصِيبَتَ،
    ڪُهَڻُ قرِيبَتَ، جو ڪوٺَڻُ پَرِ پريَنِ جِي.
    11
    ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين،
    جي ھو اَوڳُڻُ ڪَنِئِي، اَسُونهِين! ته تُون ڳُڻانئِي ڳِنُ،
    پاندُ جَهلِيو تون پِنُ، هِنَ سُونهاري سَڱَ ۾.
    12
    نَمِي کَمِي نِهار تون، ڏَمرُ وڏو ڏُکُ،
    مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جي سَنوارِيا! سَمُجِهين.
    13
    نَمِي کَمِي نِهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو،
    ٿِيئيءَ ساڃائو، جي اُڀِئِين اِنَهِين پيرَ تي.
    14
    ڏَمَرُ پاسو ڏُکَ سين، کاندِ کَٿُورِي هوءِ،
    واللهُ مَعَ الصَّابِرِيۡنَ، آڳو اِئين چوءِ.
    15
    کَمُ! کَمَندنِ کَٽِيو، هارايو هوڙَنِ،
    چَکِيو نه چُوندَنِ، ھُو جو ساءُ صَبُرَ جو.
    16
    کَمَندَڙَن گَهرِ کِين، چَوندَڙَ چَڱا نه ٿِيا،
    وِيڻَنِئون ويڌُ پَئِي، هَٿِ نه اَچي ڪِين.
    17
    هُو چَوَنِئِي. تُون مَ چَئو، واتان ورائي،
    اَڳُ اَڳَرائِي جو ڪري، خَطا سو کائي،
    پاندَ ۾ پائي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِي.
    18
    هو چَونِئِي تون مَ چئو واتان وَرائي ويڻُ،
    سَڀَنِي سين سيد چَئي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،
    کانڌِ وَڏِيائِي کيڻُ، ڪِيني منجهان ڪينَ ٿِيءَ.

    19
    ڪَنِين ڪِينَ پِرايو، ڪِيني منجهان ڪِينَ،
    جي هوءَ سَٽاڻِي سِيڱَ، ته زِهَ ڇِني جوکو ٿِئي.
    20
    سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سين، ورائجِ مَ وَرِي،
    هادِيءَ جِي هدايتَ جِي، آهي اِيءَ ڳَرِي،
    تَنِ سَڄِي ساهِ سَرِي، جَنِ مارِيو نَفَسُ ماٺِ سين.
    21
    چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُهُون،
    ڪا مَتِ قِيمتَ جَهَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
    ويڻُ مَ ورائيجِ، ته سَڀَ دَرِ سُهاڳِي ٿيين.
    22
    ڪِينَ مائِيندا مَنَّ ۾، خودِي ۽ خُدا،
    ٻن ترارَنِ جاءِ، ڪا آهي هيڪَ مياڻِ ۾؟
    23
    اَڻَ چوندَنِ مَ چئو، چوندَنِ چَيو وِسارِ،
    اٺَئِي پَهَرَ اَدَبَ سين، پَرِ اِهائِي پارِ،
    پايو مُنهِن مُونَن ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
    مُفَتِي مَنجِهه وِهارِ، ته قاضِيءَ ڪانِيارو نه ٿِئين.
    24
    جنِين سَنديءَ ٻوڏَ ۾، ڀَتُون ڀَتين جِيءُ،
    تَنَ! تِنين سين پِيءُ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
    25
    ويٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي،
    سا مَجَلِسَ ئي مَٽِ، جي حاصِلُ هوءِ هَزارَ جو.
    26
    ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکندو ڏورُ ٿِئي،
    تن! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    وائي

    يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئون مارِي،
    درِ دوسَنِ جي ڪِئين جو هُوندا، مُون جيها مُشتاقُ،
    ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
    جاٿي ڪاٿي مَحبوبَنِ جي، آهِه حُسَنَ جِي هاڪَ،
    ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
    سُرمو سَهِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
    ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
    عبداللطيفُ چئي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
    ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.

    سر يمن ڪلياڻ سان وابسته مضمون
    سر يمن ڪلياڻ جو فلسفو
     
    آخري ترميم: ‏11 جولائي 2023

هن صفحي کي مشهور ڪريو