ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي شعري مجموعي، "اندر جي موسم " جو تحقيقي جائزو...! فقير محمد سنڌي. معنيءِ آبِ زندگي و روضيهءِ آرم، جز طرف جوئيار دمے خوشگوار چيست. ( حافظ شيرازي ) مٿين شعر ۾ حافظ شيرازي اندر جي راحت جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته : "آب حيات ۽ جنت جي باغ جي معني يا مطلب نديءَ جي ڪناري ۽ ٿڌڙي هير کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو." ڳالھ آھي" اندر جي موسم جي " اهڙو ئي خوبصورت ڪتاب رضوان گل 38هين جنم ڏينهن تي تحفي طور پيش ڪيو. ويتر اندر ۾ بهاري محسوس ٿي. ڪتاب "اندر جي موسم" شاعريءَ جي ٽن دورن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ارپنا سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ناليوارن شاعرن شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي نالي ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب 2020ع تي ڪونج اڪيڊمي ڪراچي شايع ڪيو آهي. شاعريءَ جي ٽن دورن کي ڊاڪٽر بشير احمد شاد پريت سان سنڀاليو آهي، ان دوران نون شاعرن جي آبياري به پڻ ڪئي آهي ۽ پنهنجي علم ادب جي ڪم کي بنا ساهي جي جاري ۽ ساري رکيو آهي. ڪتاب جي فهرست کان پوءِ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي زندگيءَ جو خاڪو پيش ٿيل آهي. جيڪو هڪ تاريخي حوالي طور سنڌي ادب جا چاهيندڙ پيش ڪري سگهندا،جيڪو هن وقت ادب جو سدا ملوڪ حصو بڻيل آهي. جنهن ۾ لطيفيات کان ويندي هر ادب جو پاسو اعلي محسوس ٿئي ٿو. سچي عاشق جي واٽ به اھا ئي آهي، جيڪو گهڻو ڪجهه هوندي پاڻ کي ڪجھ به نه سمجهي. اداري پاران ڊاڪٽر آفتاب ابڙي لکيو آهي :" سائين! نالي ۾ شاد آهي، باقي جيڪي ڏک سائين ڏٺا آهن، انهن جو ڪاٿو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سچو سڏائي ۽ ڏک نه پائي، اهو ٿيڻو ئي نه آهي. سائين ڏاڍين ڏکين حالتن کي منهن ڏنو پر سچ ۽ صداقت تي قائم رهيو. نه لابي ٺاهيائين نه ڪنهن گروھ جو گرو بڻيو حالانڪ جي چاهي ها ته سندس سَوين شاگرد صرف لاڙڪاڻي ۾ هر دم حاضر هئا، پر سائين اهڙن ڪروڌي ڪمن، سازش کان هميشه پاسيرو رهيو. " ڪتاب" اندر جي موسم "جو مقدمو /مهاڳ ڊاڪٽر احسان دانش حوالن جي حسناڪيءَ سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي شاعري جي دورن تي مفصل طور پاڻ موکيو آهي. سنڌي ادب جي ليکارين کي هيءُ ڪتاب ۽ مهاڳ ضرور پڙهڻ گهرجي. ڊاڪٽر احسان دانش مقدمي /مهاڳ ۾ لکي ٿو ته : "ڊاڪٽر شاد جي هن دور واري شاعري مان پتو پوي ٿو ته هِن دور ۾ هُن اهڙي ججهي شاعري ڪئي آهي، جنهن ۾ همت، جرئت، جوش، جنون، ولولو ۽ حوصلو نظر اچي ٿو". منزلون پاڻ پيرن ۾ اينديون هلي، منزل ڏي ڀلا وک وڌائي ته ڪو. اڃان به مهاڳ جي ڪجھ حصي ڏي هلون ٿا : "رومانويت ۽ جماليات جا اهڙا خوبصورت رنگ ۽ احساس ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي سموريءَ شاعريءَ ۾ موجود آهي. هن جي شاعريءَ جي هِن دور، جنهن کي اسين عبوري سڏيو آهي." مون ته توکي ساھ ۾ سانڍيو پئي، ڪين تو پنهنجو سڏيو، ارمان آ. "بشير احمد جي شاعري جي هن دور ۾ اسان کي رڳو سرتيءَ سان نه پر ڌرتيءَ سان پڻ بي پناهه پيار ۽ محبت محسوس ٿئي ٿي. " امن بدران جنگ ٿيندي ٿي وڃي، هيءَ ڌرتي تنگ ٿيندي ٿي وڃي. موڪلائي ويو هتان اخلاص آ، زندگي بي رنگ ٿيندي ٿي وڃي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد 1960ع کان 1975ع تائين زبردست رومانوي احساس ۽ جذبن کي پنھنجي شاعريءَ جي وراثت ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ڪي ئي منظر ڀريا روحاني خيال پيش ڪيا آهن. مِٽايو مونکي اوھان ائين دل جي دفتر تان، فقط نشان آ ماضيءَ جي مقبرن وانگر. باغ ۾ گلڙن تي آيو آ نکار، ڪو ڏسي، اڄ رات ان جو هي بھار. رهي شاد شل هي ڀلي ڀونءِ پنھنجي، وطن جي مٽيءَ جو مٿي مانُ آهي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد حساس جذبن جو شاعر، عنايت بلوچ پنھنجي مضمون لکي ٿو ته : "شاد صاحب پاڻ کي سنڌ جو سچو عاشق سڏرائڻ جي دعويدار هئڻ ۾ سوء فيصد حق بجانب آهي، توڙي جو هن پاڻ اھا دعوي هرگز نه ڪئي آهي پر مان يقين سان چوان ٿو ته هو سنڌ جو ۽ لطيف جو سچو عاشق آهي. " حضرت امام جعفر صادق علیہ السلام جو قول آهي ته :" ٻن ماڻھن کي ڪڏهن به ڍوءُ نه ٿيندو آهي، هڪ طالب علم ٻيو طالب مال. " ڊاڪٽر بشير احمد شاد سنڌي ادب جو اهو روشن ستارو آهي جنھن سدائين علم جي طلب ۾ زندگيءَ جا حسين لمحا صرف ڪيا آهن. پروفيسر مختيار سمون لکي ٿو ته : "سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد سان منھنجي ميل ملاقات واري تعلق کي به ٽيھن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي جنھن ۾ سندس تخليقي، تحقيقي ادارا ۽ تنظيم سازي وارين خوبين، سرگرمين، محبت ۽ شفقت مان سنئون سڌو مستفيض ٿيندو ۽ اتساھ حاصل ڪندو رهيو آهيان." ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي ٻئين دور شاعري 1976ع کان 1990ع تائين هيءُ دور منھنجي خيال ۾ ادب، سياست۽ معاشيات جو دور آهي. سماج کي حوصلي ڏئڻ جو دور آهي. تڏهن ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا جذبا ڪجهه هن ريت آهن. امن ٿيو اڻ لڀ، گذري ويل وقت کي، سارين ويٺا سڀ. دار تي سوء وار صدقي ڪيا، عشق وارن جو اهو اعلان آ. اسان اٿون ته پهاڙن جيان ڪر کڻي بيھون، اسان وڌون ته هوائن جا رخ به موڙي ڇڏيون. اسان جي عزم جو قائل هي آسمان آهي، ڏسو رفيقو متان ڪو ڀڃو ڀرم اڳتي. ناليواري شاعر ۽ ڪھاڻيڪار محمد علي پٺاڻ لکي ٿو ته : "سائين شاد ان تخليقي سفر ۾ پنھنجي ئي لوڏ ڪوڏ سان هليو آهي ۽ هلندو رهيو آهي." وقت " جھڙي بي مثال نظم جيڪو پاڻ ۾ هزارين صحفن جي ناول جھڙو مواد ۽ ڪيئي موضوع رکي ٿو." ٽئين دور جي شاعري 1991ع کان 2020ع تائين. هي دور جديد سڏجي ٿو، هن دور ۾ جدت پنھنجو معراج ماڻيو آهي. ان دور تي به ڊاڪٽر بشير احمد شاد خوب طبع آزمائي ڪئي آهي. سنڌ جو خوبصورت شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو ته : ڪلاسيڪي صنفن بيت ۽ وائي کان وٺي جديد صنفن غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، ٽيڙو ۽ نثري نظم تائين انھن جو ڀرپور اظھار ڪرڻ ۾ پاڻ مڃايو آهي. سندن فڪري وسعت هڪ معتبر ۽ مانائتي شاعر طور کين متعارف ڪرائي ٿي. " ڊاڪٽر بشير احمد شاد سڄي سنڌ جي مارون جا احساس سمجھي ٿو، پنھنجي دل جي دامن جي هر جذبي جي سالڪ وانگر جهد ۾ ڄاڻي ٿو. شاد صاحب جي وائي جو ڪجهه حصو، اوھان جي نظر ته : تنھنجي نيڻ نھار، منھنجو من موهي وڌو. جلترنگ جھڙي مڌر، تنھنجي هن گفتار منھنجو من موهي وڌو. تنھنجي ڪونج ڳچيي۾، هيرن جي ان هار. منھنجو من موهي وڌو. غزل جو ناليوارو شاعر اياز گل لکي ٿو ته :"لاڙڪاڻو وڏي وقت کان سنڌي ادب ۽ خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جو مرڪز رهيو آهي. جمعيت الشعراءَ پاران ٿيندڙ شاندار مشاعرن جتي اُن وقت ۾ مروج شعري صنفن ۽ روايتي شاعري جي آبياري ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد انهيءَ سلسلي جو ئي اهم نالو آهي." ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن جو شاعريءَ ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد متعلق فڪري، سماجي ۽ حقيقي سٽون سرجيل آهن. اهڙو گلدستو، علي محمد مجروح، انيس انصاري، وفا ناٿن شاهي، ۽ رزاق مھر جو پيش ڪيل آهي. آخر ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد لاءِ سندس سٽون ته : گيتن ۾ غزلن ۾ تون، سازن ۾ نغمن ۾ تون. تنھنجي دم سان قائم آهيان، دل جي هر ڌڙڪن ۾ تون..