• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ داستان 1 بيت 18 تشريح سان گڏ شمارياتي مطالعو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
ترتيب غلام محمد شاهواڻي
18
وَحۡدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ،
حَقُّ حقِيقِي هيڪڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُّ،
هُو هُلاچو هُلُّ، با اللهِ سندو سَڄَڻين.
**تشريح**
بيت وحدت الوجود متعلق آهي
وحدت تان ئي ڪثرت ٿي آهي
ڪثرت اصل ۾ وحدت ئي آهي
حقيقي حق(ڌڻي) هڪڙو ئي آهي
ٻي ڪنهن ڳالهه جي پويان لڳي گمراهه نه ٿي
هي غلغلو ۽ پڙلاءُ(شان ۽ وڏائي) الله سائين جو ئي آهي.
بيت وحدت الوجود جي موضوع متعلق آهي جنهن ۾ رهبر لطيف تصوف جي عقيدي وحدت الوجود کي بيان ڪندي فرمائين ٿا ته
وَحۡدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ،
وحدت الشهود جي نظريي ۾ خالق ۽ مخلوق جو جيڪو تصور آهي تنهن لاءِ رهبر لطيف وحدت ۽ ڪثرت لفظ وحدت الوجود جي نظريي تحت آندا آهن، يعني خالق لاءِ رهبر لطيف وحدت استعمال ڪيو آهي جڏهن ته مخلوق لاءِ ڪثرت استعمال ڪيو آهي يعني وحدت تان ئي ڪثرت ٿي آهي پهرين صرف وحدت ئي وحدت هئي پوءِ ان مان ئي ڪثرت ٿي ۽ هي جيڪو جهان ۾ ڪثرت نظر اچي ٿي اها حقيقت ۾ صرف وحدت ئي وحدت آهي ٻين لفظن ۾ صرف الله ئي الله، مالڪ ئي مالڪ.
حَقُّ حقِيقِي هيڪڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُّ،
بس صرف اهو الله ئي الله حقيقي حق آهي ان کان سواءِ ٻي ڪنهن به ڳالهه ڏانهن وڃي پاڻ کي گمراهه نه ڪر.
هُو هُلاچو هُلُّ، با اللهِ سندو سَڄَڻين.
هي سڄو هل ۽ شغل هڪ ئي پرين جو آهي.
هن بيت ۾ ٻيائي جي سراسر نفي ڪيل آهي مطلب ته ٻيائي آهي ئي ڪانه. ڪثرت جيڪا نظر اچي پئي سان حقيقت ۾ مالڪ جي هيڪڙائي ئي آهي. (آئمه اهلبيت اطهار ع کان به ڪجهه اهڙيون راز واريون حديثون نقل ٿيل آهن جيڪي وحدت تان ڪثرت واري راز جي تشريح ڪن ٿيو ۽ ٻڌائين ٿيون ته ڪهڙي طرح وحدت تان ڪثرت ٿي آهي. پهرين هڪ نور پوءِ ان مان ٻه نور پوءِ ورهائجي پنجتن پاڪ جي پنجن نورن تائين پهچڻ ۽ وري انهن پنجن نورن مان ئي ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جو ذڪر موجود آهي.)

**سٽ وار تفصيل**
پهرين سٽ لفظ (6) و،ح،د،ت،ا،ن،ڪ،ث،ر،ٿ،ي،ل- اکر (12) ورجائو سان ٽوٽل (22)
ٻئين سٽ ۾لفظ (7)ق،ه،ڙ،ٻ،م،ڀ- نوان اکر (6) ورجاءُ سان ٽوٽل (21)
ٽئين سٽ لفظ(6) چ،ب،س،ڄ،ڻ- نوان اکر (5) ورجاءُ سان ٽوٽل(25)
**بيت ۾ آيل اکرن جي ورجاءُ جي نشاندهي**
و7،ح4،د3،ت4،ا4،ن3،ڪ4،ث2،ر2،ٿ1،ي7،ل8،ق3،ه5،ڙ1،ٻ2،م1،ڀ1،چ1،ب1،س2،
ڄ،1ڻ1 ــ 68
**بيت ۾ آيل اکر ترتيب وار**
1) ا
2) ب
3) ٻ
4) ڀ
5) ت
6) ٿ
7) ث
8) ڄ
9) چ
10) ح
11) د
12) ر
13) ڙ
14) س
15) ق
16) ڪ
17) ل
18) م
19) ن
20) ڻ
21) و
22) ه
23) ي
نقطن وارا اکرــ 13
بغير نقطن وارا اکر ــ 10
**بيت ۾ آيل لفظ سٽ وار**
**پهرين سٽ**
1) وَحۡدَتان
2) ڪَثرتَ
3) ٿِي

4) ڪَثَرتَ
5) وَحۡدَتَ
6) ڪُلَّ،
**ٻئين سٽ**
7) حَقُّ
8) حقِيقِي
9) هيڪڙو،
10) ٻولِيءَ
11) ٻِيءَ
12) مَ
13) ڀُلُّ،
**ٽئين سٽ**
14) هُو
15) هُلاچو
16) هُلُّ
17) بااللهِ
18) سندو
19) سَڄَڻين.

**بيت جي شمارياتي سمري**
سٽون 3
لفظ 18
ورجاءَ سان ڪل 19
اکر 23
ورجاءُ سان ٽوٽل اکر68
تحقيق، ترتيب، تشريح، تحرير ـ صراط بلوچ
 
Back
Top