قادرپور گئس فيلڊ جو وڪرو ۽ وسيلن جي مالڪي وارو سوال!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    قادرپور گئس فيلڊ جو وڪرو ۽ وسيلن جي مالڪي وارو سوال!​

    سميع ڪنڌر

    معدني وسيلا قومن جي خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم جاءِ ولارين ٿا، دنيا ۾ جن ملڪن وٽ معدني وسيلا خاص طور تي تيل ۽ گئس جا ذخيرا موجود آهن. اهي ملڪ دنيا جا خوشحال ۽ شاهوڪار ملڪ ليکيا وڃن ٿا پر پاڪستان اندر سنڌ ۽ بلوچستان جي صورتحال ان جي ابتڙ آهي. تيل گئس، ڪوئلو، سون، ٽامو، گرينائيٽ، ڪرومائيٽ ۽ ٻين معدني وسيلن سان مالامال سنڌ ۽ بلوچستان بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي سميت ٻين ڪيترن ئي سماجي، معاشي ۽ اقتصادي مسئلن جي ور چڙهيل آهن.



    هونئن ته ملڪ جي 61 سالا تاريخ سنڌ جي وسيلن جي ڀيل وارن انيڪ مثالن سان ڀري پئي آهي. پر تازو 9 سالن جي آمريت کانپوءِ قائم ٿيندڙ پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت پنهنجن ڇهن مهينن جي مختصر حڪومتي دور ۾ سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪرڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽايو آهي.



    18 فيبروري 2008ع وارين عام چونڊن دؤران سنڌ پاران مليل سؤ سيڪڙو مينڊيٽ جي نتيجي ۾ قائم ٿيل پ پ جي وفاقي حڪومت اچڻ شرط 8 جولاءِ 2008ع تي ٿرڪول مائينگ ڪمپني ۽ سنڌ ڪول اٿارٽي ختم ڪري ٿر ڪول اٿارٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ جي ڪوئلي تي زبردستي قبضو ڪرڻ جو واضع اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.



    ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم پاران جاري ڪيل اهڙو نوٽيفيڪيشن سندس ئي پاران چيل صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري ڳالهه کي رد ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف 1973ع واري آئين جي لتاڙ پڻ ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي پاڪستان جون مظلوم قومون ڪنهن به مسئلي بابت ڪنهن آئيني تحفظ واري آسري تي به ڀروسو نٿيون ڪن.



    صوبن جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪندڙ موجوده حڪومت به پنجاب کي واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرائڻ کان عاجز نظر اچي رهي آهي. هن ڀيري به ارسا جي صلاحڪاري ڪاميٽيءَ سنڌ جو مطالبو رد ڪندي ربيع ۾ پاڻي جي ورڇ 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب ڪرڻ بدران تاريخي فارمولي تحت ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.



    وسيلن جي ڦرلٽ جو اهو سلسلو ٿر جي ڪوئلي تي وفاق جو قبضو ۽ سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن تي ڇيهه نٿو ڪري بلڪه موجوده سرڪار پاران به اڳين حڪومتن جيان سنڌ جي مرضي ۽ منشا معلوم ڪرڻ کان سواءِ گئس جي ملڪي ضرورتن جو 33 سيڪڙو پورائو ڪندڙ قادرپور گئس فيلڊ کي خانڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.



    گهوٽڪي کان 8 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي قائم قادرپور گئس فيلڊ مارچ 1990ع ڌاري ڳولي لڌي وئي ۽ سيپٽمبر 1995ع ڌاري فيلڊ مان پيداوار حاصل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.



    هن وقت ملڪ جي ٻي وڏي گئس فيلڊ قادرپور جي ذخيرن بابت ماهرن جي راءِ آهي ته گئس فيلڊ ۾ 3.5 )ٽي سي ايف( ٽريلين ڪيوبڪ فٽ (ساڍا ٽي کرب ڪيوبڪ فٽ) گئس جا ذخيرا موجود آهن. جنهن جو ڪاٿو 3 کان 5 بلين آمريڪي ڊالر (3 کان 5 ارب آمريڪي ڊالر) ٻڌايو پيو وڃي. هن فيلڊ جي 22 کوهن مان روزاني 8 کان 10 ڪروڙ روپين جي گئس ۽ 75 لک روپين جو تيل حاصل ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته وڌيڪ ٽن کوهن تي گئس جي کوجنا وارو ڪم هلي رهيو آهي. جيڪو ڊسمبر 2008ع ڌاري مڪمل ٿيندو. جنهن کان پوءِ قادر پور گئس فيلڊ مان گئس جي روزاني پيداوار 500 ملين ڪيوبڪ فٽ مان وڌي 650 ملين ڪيوبڪ فٽ ٿي ويندي.



    370 ايڪڙن تي پکڙيل قادرپور گئس فيلڊ ۾ مختلف قومي ۽ گهڻ قومي ڪمپنيون ڀائيوار آهن، جنهن جا تفصيل هيٺين ريت آهن.



    جون 2008ع جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي وڏي ۾ وڏي تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ڪمپني آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪميٽي لميٽڊ جو قادرپور گئس فيلڊ جو 75 سيڪڙو حصو آهي. جڏهن ته ڪي يو ايف پي اي سي 2.5 سيڪڙو پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ 7 سيڪڙو پي ڪي پي اي ايل 4.75 سيڪڙو ۽ پي ڪي پي اي ايل-ٽو 4.75 سيڪڙو حصي جون مالڪ آهن.



    ڪراچي جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اهي افواهه عام آهن ته پاڪستان سرڪار ۽ دبئي جي هڪ ڪمپني وچ ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي وڪري متعلق سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن. رڳو قانوني طريقيڪار جو اعلان ٿيڻو آهي. ٻئي طرف تيل ۽ گئس جي صنعت بابت ڄاڻ رکندڙ ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وفاقي حڪومت ملڪ جي 23 وڏين تيل ۽ گئس فيلڊ کي خانڳائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. جنهن مطابق قادرپور گئس فيلڊ کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جون ٽنڊوعالم، ٻوٻي، ڪنر، دڙو، سونو ۽ ٺوڙها سميت ٻيون گئس فيلڊون وڪرو ڪيون وينديون.



    قادرپور گئس فيلڊ بابت رپورٽ ٿيل انگن اکرن موجب رڳو قادرپور گئس فيلڊ جي وڪري سان 10هزار پورهيت متاثر ٿيندا. جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته وڌيڪ 10 هزار خاندان اڃا وڌيڪ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار ٿي ويندا.



    سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي واقع قادرپور گئس جو افتتاح شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي ٻئي دور دوران فيبروري 1996ع ڌاري ڪيو ۽ اڄ سندس ئي پارٽي جي حڪومت ۾ هن قيمتي اثاثي کي خانڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو جو اٽي، لٽي، ۽ اجهي جي نالي تي سنڌي ماڻهن جو مينڍيٽ حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي جي موجوده سرڪار قادر پور گئس فيلڊ سميت سنڌ جي سمورن وسيلن جي مالڪي سنڌ ۽ سنڌين حوالي ڪرڻ لاءِ ڪو عملي قدم کڻي ها.



    ورهاڱي کان پوءِ 1957ع ڌاري دريافت ٿيل ماڙي گئس فيلڊ کان اڄ تائين سنڌ مان مليل تيل ۽ گئس جي مالڪي وفاقي حڪومت وٽ هئڻ ڪري سنڌ کي ڪو لاڀ حاصل نه پيو ٿئي.



    هن وقت پاڪستان ۾ تيل جا ڪل ذخيرا 122 آهن. جن مان 116 ذخيرا پيداوار ڏيندڙ آهن. جن مان 86 ذخيرا سنڌ ۾ آهن. جتان ملڪي پيداوار جو 56 سيڪڙو تيل ملي رهيو آهي. قدرتي گئس جي حوالي سان ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي پوزيشن انتهائي شاندار آهي، ملڪ ۾ هن وقت گئس جا ڪل 150 ذخيرا موجود آهن. جن مان 121 ذخيرا سنڌ ۾ آهن، انهيءَ حساب سان سنڌ ملڪي پيداوار جو 71 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو.



    مٿيان انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا ججها ذخيرا موجود آهن ۽ ان مان ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنيون چڱو خاصو ناڻو ڪمائي رهيون آهن. پر سنڌ جا ماڻهو ايترن وسيلن جي باوجود صحت، پيئڻ جي پاڻي ۽ تعيلم جهڙين بنيادي سهولتن کان به محروم آهن. تنهن ڪري هتي بحث رڳو قادر پور گئس فيلڊ کي خانڳائڻ وارو فيصلو نه آهي پر سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي مڙني وسيلن جو مالڪ ڪير آهي ۽ حقيقت ۾ وسيلن جي مالڪي ڪنهن وٽ هئڻ گهرجي، تنهن ڪري اسان جي جدوجهد نه صرف قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري روڪرائڻ لاءِ هجي بلڪه ان جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي سنڌ جي مڙني وسيلن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو اختيار قائم ڪرائڻ ئي اصل منزل هئڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو