صراط بلوچ
سينيئر رڪن
دنيا سدائين ڏکن ڏولائن ۽ ڏاکڙن مان گذرندي آئي آهي. جڳن کان جتي فطرت انسان سميت سموري مخلوق لاءِ جياپي جو وسيع جنسار جوڙي رکيو آهي تتي ٻوڏون ، ڏڪار، زلزلا ، ماڪڙ ، سامونڊي زلزلا، ڇپون ڪرڻ ، ڳڙا ڪرڻ ، وڄون ڪرڻ ، وچڙندڙ بيماريون توڙي ٻيون انيڪ ڳالهيون آهن جيڪي جيوت جي جنسار آڏو اينديون رهيون آهن. ماڻهو فطرت جي ڪُک مان نڪري فطرت جي هنج ۾ پليو آهي. فطرت کيس اڻ ميو ماحول ، اڪٿ وسيلا ۽ ٻيو ڇا ڇا ڏيئي ڇڏيو آهي. انهن وسيلن سان گڏوگڏ انسان کي پرپيچ اعصابي جيو گهرڙن تي مشمل دماغ ۽ ان ۾ علم جي ساهمي عقل جي صورت ۾ ڏيئي سوچڻ سمجهڻ ۽ تخليق ڪرڻ جي صلاحيت ڏيندي ، چونڊڻ جي صلاحيت سان نوازيو . ان ريت انسان جي ”چونڊڻ واري صلاحيت “ کيس باقي مخلوق تي سرسي ڏني ۽ هن فطرت جي رازن کي نه رڳو سمجهڻ شروع ڪيو پر فطرت جي وٿن کي پنهنجي واپراج ۾ پنهنجي مرضي مطابق ڪتب آڻڻ جا جتن پڻ ڪيا. انساني گهڙ ڀڃ جي انهي عمل پويان فطرت جي سگهه هئي جنهن وسيلي انسان فطرت جو نقل ڪندي ، فطرت جي قوتن تي ضابطو رکڻ جي ڪوشش ڪئي . انسان جيڪي ڪجهه ٺاهيو آهي ، نئون دريافت ڪيو آهي ان پويان سندس عقل ۽ فطرت جي وسيع عبارت ڪار فرما آهي. ماڻهوءَ جي سموري حاصلات پويان سندس تجسس ، علم ۽ سُچيتائي ڪارفرما آهن جن وسيلي هن دنيا ۾ ڪيئي نيون شيون ٺاهيون آهي ، نظريا جوڙيا آهن ، نظريا ٽوڙيا آهن. انهي سموري عمل پويان جيڪا انساني صلاحيت آهي تنهنکي علم ئي چئي سگهجي ٿو جيتوڻيڪ اهو علم ٽن صورتن يعني عقل (ڄاموٽي يا عطائي ڄاڻ )، اڪتسابي علم (اڀياس ، مشاهدي ۽ تجربي وسيلي حاصل ڪيل ڄاڻ ) ۽ لڪل علم ( عشق واري ڄاڻ ) تي مشتمل آهي . سموري انساني تخليق انهن ٽنهي علم وسيلي ٿئي ٿي جنهن جو مقصد زمان ۽ مڪان کي هٿ وس رکڻ نظراچي ٿو. ماڻهو عيش عشرت واري زندگي به گذارڻ چاهي ٿو ته اجيت رهندي ، امر رهڻ چاهي ٿو . سادين ڪلن کان وٺي ، هٿراڌو ذهانت تائين سموري انساني هڻ هڻان جو مقصد اهوئي نظر اچي ٿو. انسان فطرت جي هنج مان اُٿي پنهنجي چونڊ تي جيئن هلڻ لڳو ته موسمياتي تبديلين کيس سوگهو ڪيو. منجهس بيماريون پيدا ٿيون جن جي کيس ڄاڻ نه هوندي هئي . هن آهستي آهستي انهن بيمارين جو توڙ ڳولڻ شروع ڪيو. بيمارين جو اهڙو توڙ ڳوليندي ، سندس سامهون موت جهڙو پراسرار لقاءُ هو جنهن سان هن مهاڏو اٽڪايو۽ موت تي ضابطو نه حاصل ڪري سگهيو پر حياتي ۾ ڪافي پرآسائش شيون آڻڻ ۾ سوڀارو ٿيو. انسان کي پنهنجي من ۾ جيڪا هٻڇ آهي تنهن جو وڏي ۾ وڏو روپ اهو آهي ته هو دنيا ۾ سدامندي رهڻ چاهي ٿو. کيس دنيا جي تغير ۽ تبدل جي جوڙجڪ مٿي ۾ گهٽ وهي ٿي جيتوڻيڪ هو انهي مام کي سمجهي به ٿو. هن حرڪت جي قانونن ، روشني جي ٻُڙن ، مادي ۽ توانائيءَ جي تعلق تي شاهڪار نظريا جوڙيا آهن جن وسيلي هو ڪائنات جي رازن کي پروڙي ۽ پرکي رهيو آهي. فطرت انسان کي جيڪي ڪجهه ڏنو هو سو ري ناڻي هو . سموري فطرتي جنسار جي ڪا قيمت ڪانه هئي ، اهو املهه هو ۽ املهه ۽ بي بدل آهي. انسان کي سندس جيون به ري ناڻي ئي مليو آهي جنهن جو کيس ڪوئي ملهه چڪائڻو نه پيو آهي پر ماڻهو جيئن جيئن فطرت جي مقابلي ۾ برميچي سامهون سنبهي ، پنهنجا جنسار جوڙيندو رهيو ته کيس اهو خيال آهي ته فطرت جي هن ڀرئي ڀنڊار کي ”وڪري جي وٿ “ ڇونه بڻائجي ۽ ايئن قدرتي وسيلا وڪڻي منافعو ڪمائجي . منافعي مان پنهنجي مرضي ۽ آسائش واري زندگي گذارجي . آسائش واري زندگي گذاريندي ، ٻين کي ڪيئن پنهنجي هٿ وس رکندي ، مٿن حڪم هلائجي ۽ مٿي مان اهو خيال ڪڍي ڇڏجي ته سنسار جو ڄار عارضي آهي جنهن ۾ سڀني انسانن جو هڪجهڙو حصو آهي . ڪا اوچ نيچ ڪانهي. ڌرتي تي رهندڙ سموري جيوت ڌرتيءَ جي وسيلن کي ونڊي ورڇي کائي . ان ريت پاڻ جيئي ۽ ٻين جي جيوت جو به احترام ڪري. باهمي بقا جو فطرت جو وڇايل اهو سرشتو انساني هٻڇ جي سٽ سان متاثر ٿي پيو. ماڻهن ري ناڻي شين کي ناڻي چاڙهي ڪاڻو بڻائي ڇڏيو. هر شئي بازار جو کاڄ بنجڻ لڳي تان جو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به نه بخشيو. هن سنسار جي ٻي جيوت کي پنهنجي هٻڇ جو بَکُ بنائڻ شروع ڪيو. منافعي خوري جي انهي هٻڇ دنيا ۾ منافعي گردي ۽ قبضا گرديءَ کي جنم ڏنو جنهن دنيا جي توازن کي بگاڙيو ۽ دنيا جي وڏي آبادي هٿراڌو ٺاهيل غربت جي کڏ ۾ ڌڪي ويئي. هن وقت دنيا ۾ غريب ماڻهن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي جنهن جو سبب قدرتي وسيلن تي مخصوص اقليت جي هڪ هٽي ۽ اجاره داري آهي.
سماج ۾ سياست ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو اهم ڪردار آهي. سياست ڪنهن به سماج جو موڀي پٽ آهي جو اڳواڻيءَ جي واڳ ان جي هٿ ۾ هوندي آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وري سماج کي شيون ٺاهي ڏيڻ ، علمي نظريا ۽ فني سگهه کي اڳتي ڪرڻ جو ڪم ڪار ڪندي آهي. سياست ۾ جمهوريت موجوده دنيا جي راڄداري جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده سرشتو آهي . اها الڳ ڳالهه آهي جو هن سرشتي ۾ ڊاڪٽر محمد اقبال مطابق ماڻهو ڳڻيا وڃن ٿا ، توريا نٿا وڃن. سماج جي انهي جوڙجڪ ۾ مالياتي يا اقتصادي ڌُر جو ڪم سياسي سرشتي لاءِ ڏوڪڙ پئسي جو انتظام ڪرڻ هو پر هلندي هلندي جڏهن ”ڪارپوريٽ “ طبقي اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته سمورو ڪمال ته سندن سرمائي جو آهي جنهن تي سڄو چرخو هلي رهيو آهي تڏهن انهن سياسي نظام تي ويڙهجڻ شروع ڪيو ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي آئوٽسورس ڪيو. ايئن جمهوريت نالي ۾ ته ”ڊيمو“ رهي پر حقيقت ۾ اها ”ڪارپو“ بنجي ويئي آهي ۽ انهي ڪارپو فيڪٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي به پنهنجي دُڪان جو وڙ بنائي چڏيو آهي. سمورين سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حاصلاتن جو پهريون مقصد منافعي گردي آهي ۽ پوءِ ٻيون ڳالهيون. انهي چڪيءَ ۾ وڏيون وڏيون حڪومتون به ٻن پاٽن جي وچ ۾ اچي ويون آهن ته دنيا جا وڏي ۾ وڏا ادارا به انهن جي چالبازين جو شڪار ٿي ، غير موثر ٿي ويا آهن يا ايترو خساري ۾ هليا ويا آهن جن جي فيصلي واري سگهه ڪنهن پاسي جي نه رهي آهي. دنيا جو ڪاروهنوار ڪارپوريٽ لڏي جي هٿ وس آهي چاهي رٻ رڌي ، چاهي ماني پچائي.اهڙين حالتن ۾ دنيا جو انساني چرخو ٿورڙيءَ اشرافيه جي هٿن ۾ آهي جنهن ۾ گهڻائي کي همسر انسان سمجهڻ بدران منافعي جي سدائين ٻرندڙ بٺيءَ جو ٻارڻ سمجهيو ويو آهي. انسانن جي گهڻائي انهي ٿورائي واري اشرافيه جي ڳيجهو ۽ محتاج آهي. عام فرد کان وٺي ملڪن تائين اها صورتحال ايئن ئي آهي.
دنيا جي غير متواز صورتحال ۾ جڏهن ڪا وبا اچي پوي ٿي ته ويتر صورتحال خراب ٿي پوي ٿي جيئن هن وقت ڪووڊ جي عالمي وبا کانپوءِ ٿيو آهي. دنيا ۾ وائرس جي پهرين ، ٻي لهر وارو وٺايو ۽ ٽين لهر پنهنجي جوڀن تي آهي جنهن جو ڀوائتو روپ اٽڪل هڪ ارب چاليهه ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ هندستان ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن انسان آڪسيجن لاءِ تڙپي رهيا آهن ، ڪيئن شمشان گهاٽن ۾ ٻارڻ به نه پيو ملي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي ڪن ملڪن ۾ به وائرس تباهي مچائي آهي. چين ۾ به وائرس هو پرانهن وائرس کي منهن ايئن ڏنو جو ڪافي حد تائين حالتون ضابطي ۾ آهن. دنيا ڏٺو ته مذهبي هنڌ به بند ڪيا ويا پر وري جنون ۾ اچي ڪن ماڻهن ڪنڀ جو ميلو به مچايو جنهن ٻرنديءَ تي باهه وارو ڪم ڪيو ڇاڪاڻ ته انهي ميڙاڪي ۾ ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو هوندو آهي. پاڪستان ۾ به هن لهر دوران روزمره چارهزار پنج هزار ڪيس ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. ملڪن ۾ ”ڪڙو چاڙهه “ به نافذ ڪئي پيئي وڃي پر حالات ضابطي هيٺ نظرنٿا اچن ڇاڪاڻ جو ماڻهن جو گڏٿيڻ ، مختلف شين کي ڇهڻ ۽ طبعي ڳانڍاپو نٿا گهٽجن. انهن معاملن جي موثر نه ٿيڻ پويان به ”ڪارپو “ هٿ آهن جن دنيا جي اقتصاديات جي حڪمت عملي ماڻهن جي گڏجڻ ، شين کي هٿ لائڻ يا هٿ ۾ کڻڻ ، تي جوڙي آهي. هن وقت انهي حڪمت عمليءَ کي تبديل ڪرڻ تي سوچ ويچار ٿي رهيو آهي پر انهي سوچ ويچار جو محور ماڻهو نه پر ”ڪورونا “ آهي. انساني چرپر ۽ ڪرت جيستائين فطرت دوست ۽ انسان دوست نه ٿيندي تيستائين ان جا ڪي هاڪاري نتيجا نه نڪرندا ۽ ڪووڊ جي ميٽيشن به ٿي رهي آهي جنهن سان وبا جي پيچيدگي وڌي رهي آهي. پاڻ کي سُڌريل سڏائيندڙ انسان ڪڏهن هوش کان ڪم وٺندي ، پيٽ جي دوزخ مان نڪري ، منافعي خوريءَ کان پاسو ڪندي ، انسانن ۽ فطرت جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندو؟
Sindh Express 28.4.2021