• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيت..نوراحمد جنجهي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
شاعري (بيت)
نوراحمد جنجهي
ڪري تصور تنهنجو ، منهن تي آڻيون مرڪ
لوڪان لڪائي لڙڪ ، ساريون توکي ساه ۾
ساريون توکي ساه ۾ ، جيئن دم ۾ هلي دم
ڪرم سندو ڪم ، جو دلبر ٻولي دل ۾
دلبر ٻولي دل ۾ ، ڪري تن تنوار
ڪري ساه سنڀار ، من ۾ محبوبن جي
من ۾ محبوبن جي ، طلب ۽ تات
وهلي آئي وات ، پچار پرين سندي
 
Back
Top