“فيس بڪ” هنڌ جي سنڌي ديو نريندر Narendra Devya ٺاهيو.. آصف رضا موريو

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    “فيس بڪ” هنڌ جي سنڌي ديو نريندر Narendra Devya ٺاهيو امريڪي مارڪ زڪربرگ نه
    آصف رضا موريو
    ديو نريندر هڪ امريڪي نزاد ڀارتي سنڌي نوجوان آهي جيڪو “فيس بڪ” جهڙي مشهور سوشل نيٽ ورڪنگ ويب سائيٽ جو خالق رهيو آهي جڏهن ته دنيا جنهن مارڪ زڪربرگ کي فيس بڪ جي مالڪ ۽ سائبر اسپيس جي تيز رفتار کلاڙي طور سڃاڻي ٿي اهو ان ويب سائيب جو خلقيندڙ نه پر هڪ سائبر چور آهي جنهن تي باقاعده عدالت ۾ ان چوري جو الزام ثابت ٿيڻ تي هن ديو کي جرمانو ڀري ڏيڻ سان گڏ کيس مالڪاڻا حق به ڏنا.
    اڄ کان چوڏهن سال اڳ جڏهن هاورڊ يونورسٽي جي شاگرد ديونريندر “هاورڊ ڪنيڪشن” نالي ويب سائيٽ ٺاهي هئي ته ان جا ميمبر سندس ئي ڪجهه هاورڊيئن دوست هيا پر 2018ع ۾ ان جي خيال کي مارڪ زڪر برگ چوري ڪري نئين نالي سان جنهن “فيس بڪ” کي تيار ڪيو تنهن جي تاڃي پٽي جا دنيا ۾ 80 ڪورڙ کان مٿي ميمبر حصو بڻجي چڪا آهن جيڪي بيشمار زبانون ڳالهائيندڙ آهن. هرسال ڪروڙين ماڻهو پنهنجي قيمتي زندگي جا قريبن “ڏهه سو ارب منٽ” خرچ ڪن ٿا. سائبر دنيا ۾ فيس بڪ ذريعي تعلقات جي دنيا ۾ انقلاب برپا ٿي چڪو آهي جيڪو سائيبر ٽيڪنالوجي جي وايومنڊل جو وڏي ۾ وڏو خاندان آهي. جيڪڏهن فيس بڪ کي هڪ رياست تصور ڪيو وڃي ته ان جي آبادي امريڪا کان گهڻي، انڊيا ۽ چين کان پوءِ ٽئين نمبر تي وڃي بيهي هي. فيس بڪ تي هڪ منٽ ۾ 90 لکن کان مٿي ايڪٽوٽيون ٿينديون رهن ٿيون، ڪو ڪمينٽ ٿو ڏئي، ڪو تصوير ٿو رکي ته ڪو وڊيو پوسٽر ڪري ٿو. هر منٽ ۾ هن ويب تي ڏهه لکن کان مٿي تبصرا ٿين ٿا. هر سيڪنڊ ۾ پنج لکن کان مٿي پيغام ترسيل ٿين ٿا ۽ ٻن لکن کان مٿي تصويرون اپلوڊ يا ايڊ ڪيون وڃن ٿيون.
    جيڪا عزت، شهرت، دولت ۽ ثروت هن وقت فيس بڪ جي مالڪ مارڪ زڪربرگ جي حصي ۾ آهي ان جو اصلي حقدار ديونريندر ۽ ان جا هاورڊيئن ساٿي ٻه جاڙا ڀائر ٽيلر ونگليوس ۽ ڪيمرون ونگليوس آهن. مارڪ زڪر برگ هن دور ۾ دنيا ڀر جي نوجوانن جو رول ماڊل ته آهي پر تصوير جو ٻيو رخ هيءُ به آهي ته هو هڪ شاطر چرر آهي جنهن ديو نريندر جو خيال چورائي نئين نالي سان پنهنجي ڊوين رجسٽر ڪرائي هئي.
    ديونريندر 18 نومبر 1982ع تي نيويارڪ جي علائقي برونڪس ۾ پيدا ٿيو. سندس والدين ڊاڪٽر هيا. ديو ڪوئينز جي ٽائون سينڊ هيرس هاءِ اسڪول مان بنيادي تعليم حاصل ڪري هاورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي جتان هن 2004ع ۾ اپلائيڊ ميٿ ۾ گريجويشن ڪئي. نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي اسڪول مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏ هن ڪيلوگ اسڪول آف مينيجمينٽ مان ايم اي ڪئي. ديو هن وقت SunZero نالي ڪمپني جومالڪ آهي جنهن جو مالڪاڻو تعلق هڪ مشهور ويب “ContactU” سان پڻ آهي جنهن جي شروعات هن پنهنجي ٻن دوستن سان گڏ هاورڊ ڪنيڪشن جي نالي سان ڪئي هئي جنهن سلسلي ۾ سندن ملاقات مارڪ زڪر برگ سان ٿي هئي.
    پاڻ کي لادين سڏائيندڙ ڀوري وارن واري مارڪ زڪر برگ جو جنم 14 مئي 1984ع ۾ نيويارڪ جي علائقي “وائيٽ پلينس” ۾ هڪ يهودي ڏندن جي ڊاڪٽر جي گهر ۾ ٿيو. سندس ماءُ ماهرِ نفسيات هئي. هي اهو دور هيو جو ڪمپيوٽر نالي کوکو انساني زندگي تي اثر انداز ٿيڻ شروع ڪيو هيو. مارڪ اسڪول جي زماني کان ئي سافٽ ويئر تشڪيل ڏيڻ شروع ڪيو هيو. والدين سندس دلچسپي ڏسي کيس اٽاري بيسڪ پروگرامنگ سيکارڻ جو ارادو ڪيو. مارڪ هاءِ اسڪول جي زماني ۾ گهر جي ويجهو واقع مرسي ڪاليج مان گريجويشن جو ڪورس ڪيو. هو ڪٻاڙ مان تارون ۽ ڊيوائسون وٺي گهر ۾ تجربه ڪرڻ سان گڏ ڪمپيوٽر پروگرامنگ به ڪندو رهندو هيو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي والد جي ڪلنڪ جي ڪمپيوٽر کي گهر جي ڪمپيوٽر سسٽم سان انٽرنيٽ جي مدد سان جوڙيو ۽ ان کي “زيڪ نيٽ” جو نالو ڏنو.
    مارڪ ابتدائي تعليم ارڊسلي هاءَ اسڪول مان حاصل ڪئي جتي هو ڪمپيوٽرسان جڙيل سبق ٻڌڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هيو. ڪلاس ۾ ٻپڙهندڙ ٻار ڪمپيوٽر گيم کيڏندا هيا ته مارڪ ڪمپيوٽر گيمز تشڪيل ڏيندو رهندو هيو. فلپس ايڪسٽرا اڪيڊمي ۾ داخلا کان پوءِ سندس تعلق آدم ڊي انجيلو سان ٿيو جنهن بعد ۾ فيس بڪ جي تياري ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو.. مارڪ کي قديم زبانن سکڻ ۾ به گهڻي دلچسپي هوندي هئي کيس فرانسيسي، لاطيني ۽ عبراني زبانن لکڻ پڙهڻ تي پڻ عبور هوندو هيو. هائي اسڪول جي زماني ۾ هن ڪجهه دوستن جي مدد ۽ “انٽيلي جينٽ ميڊيا گروپ” جي تعاون سان “سائي نيپس” نالي هڪ پليئر تيار ڪيو هيو جنهن جي تعريف ان دور ۾ “پي سي” ميگزين به ڪئي هئي. ان پليئر لاءِ مائيڪرو سوفت ۽ “اي او ايل” ڪمپنيون وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار هيون. سال 2002ع ۾ هن هاورڊ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۽ نفسيات جو مطالعو ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي جتي ديو نريندر به زيرِ تعليم هيو.
    هاورڊ يونيورسٽي ۾ جلد ئي مارڪ هڪ ذهين طالب علم طور مشهور ٿيو. ان دور ۾ سندس محبوب مشغلو ڪمپيوٽر ۽ ان سان لاڳاپيل معاملا هوندا هيا. شروعاتي سالن ۾ هن “ڪراس ميچ” نالي پررگرام ڊيزائن ڪيو جنهن جي مدد سان ڪوبه شخص يونيورسٽي جي ٻين شاگردن جي طبيعت، مزاج، رحجان ۽ ڪورسز جي انتخابات جي معلومات کان وٺي پنهنجي تعليمي بهتري ڪري پيو سگهي. ان کان پوءِ هن “فيس ميش” نالي هڪ ٻيو پروگرام تشڪيل ڏنو جنهن تحت يونيورسٽي جي شاگردن جو تصويرون چورائي پروگرام ترتيب ڏيڻ جي شڪايت تي انتظاميه سخت نوٽس ورتو پر اداري مان نيڪالي کان اڳ مارڪ سڀني کان معافي ورتي. هاورڊ يونيورسٽي جي سرڪاري رسالي “هاورڊ ڪرمزسن” ۾ نومبر 2003ع ڌاري شايع ٿيڻ واري هڪ مضمون ۾ مارڪ کي سيڪيورٽي ظابطا ٽوڙڻ ۽ ڪاپي رائيٽس جي حقن جي خلاف ورزي جا الزام واضع هيا. يونيورسٽي ۾ پڙهائي جي آخري ڏينهن ۾ سندس ملاقات طب جي شاگرد پريسيلا چان سان ٿي جنهن سان بعد ازان سندس شادي ٿي.
    ديونريندرجا والدين هندستان جا باشندا هيا جيڪي پنهنجي پٽ ديو جي پيدائش کان اڳ امريڪا ۾ آباد ٿي چڪا هيا. ديو پنهنجي تعليم ۽ تربيت کي زندگي جي تمام معامرن کان مٿاهون رکيو. ڪمپيوٽر سندس شوق هوندو هيو ته هاورڊ يونيورسٽي جوحصو بڻجڻ سندس خواب. 2002ع ۾ سندس ذهن ۾ هڪ اهڙي ويب سائيٽ ٺاهن جو خيال آيو جنهن جي ذريعي سندس يونيورسٽي جا تمام شاگرد هڪ ٻئي سان هر قسم جو رابطو ڪري ۽ معاشرتي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺي سگهن. ان ويب ۾ صارفين جو تصويرون ۽ بنيادي معلومات پڻ هجن. ان کي استعمال ڪندڙ پنهنجي دوستن احبابن کي ايڊ ڪري سگهن، گروپ ٺاهي سگهن يا پيغام ڏئي وٺي سگهن وغيره وغيره. ان دور جي انوسار اهو خيال تمام انوکو ۽ منفرد هيو ۽ اها انفراديت ئي انجي چوري جو باعث بڻي. ديو پنهنجو خيال والده سان ونڊيو جنهن کيس هر ممڪن مالي سهڪار جو وعدو ڪيو. تنهن کان پوِ ديو پنهنجي دوستن ڪيمرون ۽ ٽيلر جيڪي جاڙا ڀائر هيا سان پڻ پنهنجي منصوبي متعلق ڳالهه ٻولهه ڪئي جن کي پڻ سندس خيال تمام گهڻو پسند آيو. هنن پنهنجي منصوبي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ جا تمام خاڪا تيار ڪيا. سنجي ماوين نالي هڪ بهترين پروگرامر سان سموري رٿ سلي جنهن جو تعلق به هاورڊ سان هيو تنهن پڻ سندس منصوبي کي سراهيندي هر قسم جي سهڪار جو وعدو ڪيو.
    ديونريندر جي ترتيب ڏنل “هاورڊ ڪنيڪشن” کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ 2003ع ۾ ابتدا ٿي جنهن جي ڊيزائن سنجي تيزي سان ڪري رهيو هيو جنهن کي ان سال اپريل ۾ “گوگل” طرفان ملازمت ملڻ سبب سندس اڌ ۾ ڇڏيل ڪم جي تڪميل لاءِ ديونريندر هڪ ٻئي پروگرامر وڪٽرگائو کي درخواست ڪئي جنهن پڻ منصوبي کي سراهيندي جلدي ڪم شروع ڪري ڏنو پر ڪجهه وقت کان پوءِ هو پنهنجي گرل فرينڊ جي ڇڏي وڃڻ سبب ذهني طور تي پريشان هئڻ ڪري ديو جي منصوبي تي ڪم کان معذرت ڪندي کيس مارڪ زڪر برگ سان رابطي جي صلاح ڏني.
    مارڪ ان وقت تائين فيس ميش سبب يونيورسٽي منجهه ڪافي مشهورٿي چڪو هيو. نومبر 2003ع جي پهرئين هفتي دوران ديونريندر مارڪ کي هڪ اي ميل موڪلي ته “مان، ٽيلر ۽ ڪيمرون هڪ ويب سائيٽ ٺاهي رهيا آهيون جنهن جو گهڻو تڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ان جي رهيل تڪميل ۾ تون اسان سان سهڪار ڪر جنهن جو توکي معقول معاوضو ڏنو ويندو”.
    ان وقت تائين سنجي ۽ وڪٽر “هاورڊ ڪنيڪشن” جي “ڪوڊنگ” تي ڪم ڪندي اهو طريقو به ايجاد ڪري ورتو هيو جنهن جي مدد سان استعمال ڪندڙ هڪ ٻئي سان رابطو ڪري پيا سگهن جنهن کي وڪٽر “هينڊ شيڪ” جو نالو ڏنو هيو. صفحن جي رجسٽريشن جو انتظام پڻ ڪيو ويو هيو جنهنجو مطلب اهو هيو ته مارڪ زڪر برگ لاءِ پٺيان گهڻو ڪم بچيل ڪونه هيو. مارڪ سان ديو، وڪٽر ۽ ڪيمرون جي پهرين ملاقات يونيورسٽي جي ڊائيننگ هال ۾ ٿي جتي هاورڊ ڪنيڪشن جي رهيل ڪم تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
    ذهين مارڪ پهرئين ڏينهن منصوبي جي اهميت کي سمجهي ويو ته اهو ملڪ گير بلڪه دنيا گير شهرت وارو منصوبو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي حامي ڀرڻ تي ديو کيس “سرور ڪي” ۽ “پاس ورڊ” ڏئي ڇڏيو ته جيئن مارڪ ان تي ڪم ڪري سگهي. شروع شروع ۾ مارڪ کين اي ميل ڪندو رهيو ته “مان منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهيان”، “مان جلد ئي ان کي مڪمل ڪري وٺندس” وغيره وغيره. آهستي آهستي سندس رويو تبديل ٿيندو ويو ۽ منصوبي تي ڳالهائڻ کان ڪترائيندي امتحانن، اسائنمينٽس وغيره جا مختلف بهانا ڪرڻ لڳو. هفتي ٻئي ملڻ تي مارڪ نوان نوان بهانا ٺاهڻ لڳو ۽ “بس ٿوري واندڪائي ٿئي ته ڪم اڪلائي توهان جي هٿ ۾ ڏيندس” جهڙيون ڳالهيون سندس معمول ٿي ويون. 17 ڊسمبر 2003ع ٿيندڙ ملاقات ۾ مارڪ کين ٻڌايو ته “سائيٽ تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي”، پر کين ٻي ڪا تفصيلات ڪونه ٻڌائي. 8 فيبروري 2004ع تي ديونريندر کي مارڪ جي اي ميل ملي ته “دوستو معاف ڪجو مان رابطوڪري ڪونه سگهيم. پٺئين هفتي گهڻو مصروف رهيم. مونکي پروگرامنگ جا ٽي مرحلا مڪمل ڪرڻا آهن ۽ سومر تائين مڪمل ڪري وٺندس”.
    مارڪ زڪر برگ سان ملڻ کان پوءِ وارو تمام عرصو هاورڊ ڪنيڪشن جي ٽيم ٻڏ تر جو شڪار رهندي آئي هئي. مارڪ جي سستي ۽ کين لا علم رکڻ واري ڳالهه پريشان ڪندي رهندي هئي. 11 جنوري 2004ع جي منحوس ڏينهن ٿيندڙ افسوسناڪ واقعي جي خبر ديو ۽ ان جي ساٿين کي بعد ۾پئي ته سندن تيار ڪيل منصوبي کي ان ڏينهن مارڪ “فيس بڪ” جو نالو ڏئي ڊومين پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرائڻ سان گڏ پنهنجي سوشل نيٽ ورڪنگ سائٽ به رجسٽر ڪرائي ڇڏي آهي. جڏهن ته آخري ملاقات ۾ مارڪ کين دل شڪني ڪندي ٻڌايو ته “دوستو مون کي لڳي ٿو ته هاورڊ ڪنيڪشن صحيح طور تي ڪم ڪونه ڪري سگهندي. منهنجا تعليمي منصوبا گهڻو وڌي ويا آهن جن تي منهنجو سمورو ڌيان ڏيڻ سبب مان توهان جي سائٽ تي ڪم نه ٿو ڪري سگهان”. 4 فيبروري 2004ع تي هن ديو نريندر واري سموري منصوبي کي فيس بڪ جي نالي سان لانچ ڪيو جنهن جو پريس رليز جڏهن هاورڊ يونيورسٽي جي رسالي ۾ شايع ٿيو ته ديو جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي.
    ديو ۽ سندس ساٿين ڌوڪي باز مارڪ سان ملڻ ۽ فون تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اي ميل ڪيون پر جڏهن ملاقات يا رابطي جي ڪابه سبيل ڪونه نڪتي ته هنن يونيورسٽي انتظاميه کي شڪايت ڪري تمام حالات جي آگاهي ڏئي مدد جي درخواست ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ يونورسٽي جي صدر ليري سمز معاملو اختيار کان ٻاهر چئي عرضي خارج ڪري ڇڏي. هر طرف کان مايوس ٿي انهن پهريون ته هاورڊ ڪنيڪشن کي مڪمل ڪري لانچ ڪيو. ٿورڙي عرصي ۾ فيس بڪ عالمگير شهرت حاصل ڪري ورتي هئي. آگسٽ 2004ع ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو تعداد اڍائي لکن کان مٿي ٿي چڪو هيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ديو ٽيم هاورڊ ڪنيڪشن جونالو بدلائي “ڪنيڪٽ يو” رکيو. هاڻي اها حقيقت هاورڊ کان ٻاهر نڪري چڪي هئي ته “مارڪ ديو نريندر جو منصوبو چورائي ان جو نالو مٽائي فيس بڪ رکيو آهي”. اندر جي خوف ۾ ٻڏل مارڪ ٻي حرڪت اها ڪئي ته ديو جي ننڍڙي ويب ڪنيڪٽ يو کي هيڪ ڪري ان تي موجود صارفين جي پروفائيلن سان ڇيڙخاني ڪرڻ شروع ڪئي ته ڳالهه ديو ۽ سندس ساٿين جي برداشت کان چڙهي وئي.
    3 سيپٽمبر 2004ع ۾ ديو ۽ ان جي ساٿين مارڪ زگر برگ تي معاهدو ٽوڙڻ ۽ سندن آئيڊيا چورائي پنهنجي ويب سائيٽ ٺاهي آڻڻ خلاف مقدمو داخل ڪيو جنهن سان ان وقت تائين معتبر چورائيندڙ مارڪ جو نالو تمام گهڻو بدنام ٿيو پر جيئن ته ديونريندر جي مارڪ سان معاهدي جي ڪا تحريري يا دستاويزي شڪل ڪونه هئي جيڪا ڳالهه مارڪ جي حق ۾ وئي ۽ عدالت ان ڪيس کي ڪجهه طالب علمن جي جهڙپ کان مٿي اهميت ڪونه ڏني. پر مارڪ ۽ ديو جي وچ ۾ ٿيل اي ميلز جي اهميت کان عوام، سائبردنيا توڙي عدالت ۾ انڪار ممڪن ڪونه هيو. ڪيس ڊيگهه وٺنندو ويو. ان دوران ديو جي آئيڊيا وارو فيس بڪ سپر سونڪ رفتار سان مشهور ٿيندو مارڪ کي ڪروڙ پتي مان ارب پتي بڻائيندو ويو.
    ٻنهي پارٽين جي جهيڙي ۾ عدالت، عالمي عوام يا سائبر دنيا اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هيا ته فيس بڪ منصوبي جو بنيادي خيال ديونريندر ۽ سندس ساٿين جو آهي پر مارڪ ئي اهو واحد شخص هيو جنهن کي سموري حقيقت معلوم هئي تنهن ڪري اندر جو چور پنهنجي اندر ۾ ڪمزور ۽ نٻل هيو ۽ چاهي پيو ته هي سمورو معاملو جلدي جڙي پوي. پوري دنيا وانگر جڏهن عدالتي ڪيس پيچيدگي اختيار ڪندا آهن ته پارٽين تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ صلح ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. ديونريندر کي زور بار ۽ چو چوا شروع ٿي. نيٺ هڪڙي ڏينهن هي پراڻا دوست ڪٺا ٿيا. مابين شڪوه شڪايتون ۽ گرمي سردي کان پوءِ معاملي کي حل ڪرڻ تي ڳالهه آئي. مارڪ طرفان ديو جي پارٽي کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي بدلي وڏي رقم جي آڇ ڪئي وئي پر ديونريندر پنهنجي رقم ٻڌي ويٺو. ٻي ملاقات جو امڪان ڪونه هيو، عدالت ۾ ڪيس هلي پيو، بين الاقوامي ميڊيا سندن پويان هئي، سائبر دنيا الڳ پريشان هئي ان لاءِ اڄوڪي ڏينهن تي ٻنهجي لاءِ ڪنهن بڻياد تي ٺهڻ ضروري هيو. گهڻي جهڳ جهڳان ۽ هڻ هڻان کان پوءِ مارڪ پنهنجي مخالف دوست ديونريندر جي ڪمپني ڪونٽيڪت يو کي 65 ملين ڊالر ادا ڪرڻ تي راضي ٿيو. ان سموري معاهدي کي خفيه رکڻ جو عهد پڻ ڪيو ويو. معاهدي تحت مليل پيسا ديونريندر، ڪيمرون ۽ ٽيلر هڪ جيترا ورهائي.
    لڪائڻ جي ڪوشش جي باوجود اها ڳالهه ليڪ ٿي ٻئي ڏينهن جي ڪجهه امريڪي اخبارن ۽ مشهورتجارتي ويب سائيٽ “بزنس انسائيڊر” ۾ تفصيل سان ڇپي جنهن تي ڪنهن ڌيان گهٽ ڏنو پر جڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ديو نريندر ۽ ان جي ساٿين مارڪ خلاف ٿيل ڪيس تان هٿ کينو ته وري سائبر حلقن ۽ اخباري دنيا ۾ ته باهه ٻري پوڻ سان گڏ جن ماڻهن کي ديو تي شڪ هيو انهن کي به قائل ٿيڻو پيو ته هن جو موقف درست هيو. خود امريڪي عوام تي به سچائي ظاهر ٿي ته “مارڪ زڪر برگ اصل ۾ سائبر چور آهي”.
    ڪجهه عرصي کان پوِءِ هڪ رپورٽر کي مارڪ ۽ ديونريندر جون هڪ ٻئي ڏانهن ڪيل اي ميل ۽ مارڪ جو ان ڏس ۾ ٿيل اي ميل ۽ ٻيا سائيبر دستاويز وغيره هٿ آيا جن مارڪ جي سموري حقيقت دنيا جي سامهون کولي وڌي. جڏهن مارڪ هاورڊ ڪنيڪشن جي جاءِ تي فيس بڪ تيار ڪري رهيو هيو ته کيس پنج لک ڊالرن جي مدد هڪ برازيلي مافيا جي پٽ ايڊورڊ سيويرين ڏنا هيا جيڪو هاورڊ يونيورسٽي ۾ مارڪ جوڪلاس فيلو ۽ بااعتماد دوست هيو. ايڊورڊ فيس بڪ جو پهريون سرمائيدار هيو جنهن جو نالو وڪي پيڊيا تي هن وقت به فيس بڪ جي بانين ۾ لکيل ملي ٿو.
    ديو ۽ مارڪ جي شروعاتي ڳالهين جو روز نوان شاهد روز نيون ڳالهيون سامهون اچڻ لڳيون ته شايد مارڪ جو ضمير جاڳيو يا بين الاقوامي سائبر فورمن ۾ بدنامي کان بچڻ لاءِ هن بعد ازان ديو نريندر کي ڍير فائدا ڏنا جن مان 2008ع ۾ کيس فيس بڪ جو 466 ملين ڊالر جي مالڪي پڻ ڏني. ديو نريندر تي ڊائريڪٽر ڊيوڊ فنچر 2010ع ۾ The Social Network نالي سان فلم پڻ ٺاهي جنهن ۾ سندس ڪردار هانگ ڪانگ اٽاليئن اداڪار Max Minghella نڀايو آهي. 17 جون 2017ع تي ديو نريندر هڪ امريڪي اسڪالر فوبي وائيٽ سان شادي ڪئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو