• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ داستان 1 بيت 18 تشريح ۽ شمارياتي مطالعو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
19
پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہُ، پاڻهيِن جانِ جمالُ،
پاڻهيِن صُورتَ پِرينءَ جي، پاڻهيِن حُسنُ ڪَمالُ،
پاڻَهيِن پِيرُ مُرِيدُ ٿئي، پاڻهيِن پاڻَ خَيالُ،
سَڀِ سڀوئِي حالُ، مَنجهان ئي معلومُ ٿئي.
**تشريح**
بيت وحدت الوجود جي سلسلي جي بيتن مان آهي.
بيت ۾ ڌڻي تعاليٰ جي ساراهه ڪئي وئي آهي
بيت ۾ پاڻ پرين جي صورت، حسن ڪمال، پير مريد هي سڀ ڪجهه ڌڻي جي لاءِ چيو ويو آهي
بيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان سڄي ڳالهه کي انداران ئي پروڙي سگهجي ٿو.
رهبر لطيف بيت ۾ ڌڻي تعاليٰ جي ساراهه ڪندي فرمائين ٿا ته
پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہُ، پاڻهيِن جانِ جمالُ،
ڌڻي تعاليٰ پاڻ ئي وڏي عظمت ۽ جلال وارو آهي، پاڻ ئي جمال جي جان آهي يعني ته پاڻ ئي سونهن جو اصل جوهر آهي، جيڪا به ڪائنات ۾ سونهن آهي حسن آهي جمال آهي ان جو مرڪز محور ان جي اصل حقيقت ڌڻي تعاليٰ ئي آهي.
پاڻهيِن صُورتَ پِرينءَ جي، پاڻهيِن حُسنُ ڪَمالُ،
هو پاڻ ئي محبوت جي صورت آهي پاڻ ئي حسن جي انتها آهي، حسن جو ڪمال آهي.
پاڻَهيِن پِيرُ مُرِيدُ ٿئي، پاڻهيِن پاڻَ خَيالُ،
پاڻ ئي پير آهي ته پاڻ ئي مريد آهي. پاڻ ئي خيال آهي(سڄو عالم پاڻ ئي آهي تون ئي تون، حقيت ۾ ڌڻي جي ذات کان سواه ٻيو ڪجهه به ڪونهي)
سَڀِ سڀوئِي حالُ، مَنجهان ئي معلومُ ٿئي.
هي جيڪا وحدت الوجود واري سڄي حقيقت آهي جنهن کي رهبر لطيف بيت جي مٿين ٽن سٽن ۾ بيان ڪري آيو آهي تنهن جي لاءِ چون ٿا ته اها(حقيقت) اوهان کي ڪو ٻيو نه ٻڌائيندو هي انداران ئي معلوم ٿئي ٿي.
**سٽ وار تفصيل**
پهرين سٽ لفظ (5) پ،ا،ڻ،ه،ي،ن،ج،ل،م- اکر (9) ورجائو سان ٽوٽل (27)
ٻئين سٽ ۾لفظ (7)ص،و،ر،ت،ح،س،ڪ- نوان اکر (7) ورجاءُ سان ٽوٽل (29)
ٽئين سٽ لفظ(7) د،ٿ،ء،خ- نوان اکر (4) ورجاءُ سان ٽوٽل(29)
چوٿين سٽ لفظ(7) ڀ،جهه،ع- نوان اکر (3) ورجاءُ سان ٽوٽل(26) 111
**بيت ۾ آيل اکرن جي ورجاءُ جي نشاندهي**
پ9،ا14،ڻ7،ه7،ي15،ن11،ج6،ل9،م6،ص1،و3،ر4،ت1،ح2،س3،ڪ1،د1،ٿ2،ء4،خ1، ڀ2،جهه1،ع1 ـ 111
**بيت ۾ آيل اکر ترتيب وار**
1) ء
2) ا
3) ڀ
4) پ
5) ٿ
6) ج
7) جهه
8) ح
9) خ
10) د
11) ت
12) ر
13) س
14) ص
15) ع
16) ڪ
17) ل
18) م
19) ن
20) ڻ
21) و
22) ه
23) ي
نقطن وارا اکر ـ 10
بغير نقطن وارا اکر ـ 13
بيت ۾ آيل لفظ سٽ وار
پهرين سٽ
1) پاڻَهِين
2) جَلَّ جَلَالَہُ
3) پاڻهيِن
4) جانِ
5) جمالُ
ٻئين سٽ
6) پاڻهيِن
7) صُورتَ
8) پِرينءَ
9) جي،
10) پاڻهيِن
11) حُسنُ
12) ڪَمالُ
ٽئين سٽ
13) پاڻَهيِن
14) پِيرُ
15) مُرِيدُ
16) ٿئي
17) پاڻهيِن
18) پاڻَ
19) خَيالُ
چوٿين سٽ
20) سَڀِ
21) سڀوئِي
22) حالُ
23) مَنجهان
24) ئي
25) معلومُ
26) ٿئي.
ورجاءُ وارا لفظ
پاڻهين (6)
ٿئي (2)

**بيت جي شمارياتي سمري**
سٽون 4
لفظ 20
ورجاءَ سان ڪل 26
اکر 23
ورجاءُ سان ٽوٽل اکر111
 
آخري ترميم:
Back
Top