ڪراچي جي ڳڻپ جي تاريخ تي هڪ نظر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچي جي ڳڻپ جي تاريخ تي هڪ نظر​

    گل حسن ڪلمتي

    جڏهن سن 1794ع ۾ ميرن ڪراچي کي حاصل ڪيو. ٽالپرن پهرين فرصت ۾ ڪراچي جي حفاظت لاءِ منهوڙي تي قلعو اڏيو، جيڪو مڪمل فوجي قلعو هو. قلعي جي اڏاوت 1797ع تي مڪمل ٿي. ميرن ٻيو ڪم اهو ڪيو جو پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ ڳڻپ ڪرائي جيڪا 1809ع ۾ ڪرائي ويئي هئي. هنري پوٽنجر مطابق پهرين ڳڻپ مطابق ڪراچي جي ڪل آبادي 6500 ماڻهن تي ٻڌل هئي. ان کان پوءِ ٻي ڳڻپ 1813ع ۾ ڪرائي ويئي. ان ۾ ماڻهن جي ڳڻپ سان گڏ گهرن جي به ڳڻپ ڪئي وئي هئي، جنهن موجب ڪراچي جي آبادي 13000 هئي ۽ ڪوٽ اندر 250 گهر آباد هئا. ياد رهي ته ڪراچي جي پسگردائي ۾ قائم منگھوپير، پپري، گھگھر، ابراهيم حيدري، ريڙهي، لانڍي، گڏاپ، ملير ۽ ٻيا علائقا ڪراچي شهر ۾ شامل نه هئا ۽ اهي ڳڻپ ۾ به شامل نه هئا انهن علائقن جي الڳ سڃاڻپ هئي.



    1839ع ۾ ڪيپٽن هارٽ موجب ڪراچي جي آبادي 13850 هئي. هارٽ موجب 9000 هندو ۽ 4850 مسلمان ڪراچي ۾ رهن ٿا. هارٽ جي رپورٽ موجب مٺي در کان ٻاهر رهڻ وران جو انگ 2500 آهي ۽ کاري در کان ٻاهر رهندڙ مهاڻن جو انگ 1500 آهي.



    انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي شهر جي آبادي 14000 هئي، جنهن ۾ ڪراچي ڪوٽ کان ٻاهر رهندڙ شامل نه ڪيا ويا هئا. انگريزن قبضي کانپوءِ 1851ع ۾ پوري سنڌ ۾ سرڪاري طور ڳڻپ ڪرئي هئي، جنهن موجب سنڌ جي ڪل آبادي ڏهه لک ستاسي هزار ست سو ٻاونجاهه (1087752) هئي. ڪراچي جي آبادي 12391 هئي، اها آبادي فقط ڪوٽ جي اندر رهندڙ ماڻهن جي هئي. ڳڻپ ۾ عارضي طور رهائش ڪندڙن کي شامل نه ڪيو ويو هو. ڪراچي ضلاعي جي ڪل آبادي 1851ع جي ڳڻپ موجب 185550 هئي ۽ ڳوٺن جو تعداد 1144 هو. 1851ع جي ڳڻپ موجب پوري سنڌ ۾ 7531 ڳوٺ هئا. ياد رهي تنهن زماني ۾ سنڌ جا ٽي ضلعا (ڪلڪٽوريٽ) ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور هئا، هانوڪو ٺٽو ضلعو، بدين ضلعي جو جاتي تعلقو، ڄامشورو ضلعو ۽ تعلقو، دادو ضلعو ڪراچي ضلعي ۾ شامل هئا. سنڌ ۾ انگريزن ٻي ڳڻپ 1856ع ۾ ڪرائي، جنهن مطابق سنڌ جي آبادي ۾ پنجن سالن ۾ 8 سيڪڙو واڌارو ٿيو. 1856ع جي ڳڻپ موجب سنڌ جي آبادي 1772367 هئي ۽ ڪراچي شهر جي آبادي 48421 هئي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو ڪوٽ کان ٻاهر واري علائقي کي ڪراچي شهر جي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويو هو. ڪراچي شهر جي آبادي وڌڻ جو هڪ ڪارڻ پورٽ تي شهر ۾ اڏاوتن جي ڪم لاءِ ايندڙ ٻاهي جي مزدورن جي اچڻ جو هو. واپاري شهر هئڻ ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان خوجن، مارواڙين، پارسين، ميمڻن ۽ ايران کان بلوچن ڪراچي شهر جو رخ ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن جي قبضي وقت 33 ايڪڙ تي ڦهليل شهر 1861ع ۾ 14 ميلن جي رقبي ۾ ڦهلجي ويو. پوري ننڍي کنڊ ۽ خاص ڪري ايران کان بلوچن جي وڏي انگ مزدوري لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو، جيڪي لياري ۾ رهئش پذير ٿيا.



    1861ع ۾ انگريزن پوري هندستان ۾ ڳڻپ جو پروگرام رٿيو هو پر جنگ آزادي ڪري اهو ممڪن نه ٿي سگھيو. 1872ع ۾ باقاعده ڳڻپ ڪرائي ويئي جنهن مطابق ڪراچي شهر جي آبادي 56753 هئي، جنهن ۾ 3227 ڪراچي ڇانوڻي جي آبادي شامل هئي. انهيءَ دوران آبادي نه وڌڻ جا ڪارڻ جنگ آزادي جي تحريڪ هئي. جنگ جي ڪري ماڻهن ڪراچي شهر جو رخ گهٽ ڪيو. 1881ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي ڇانوڻي سميت 73560 هئي، جنهن ۾ مسلمان 38946، هندو 24617، عيسائي 4161، پارسي 937 ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو 4899 هئا.



    1891ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي 105199 هئي، جنهن ۾ هندو 44503، مسلمان 52957، عيسائي 5986، پارسي 1375 ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو فقط 378 هئا. 1881ع جي ڳڻپ موجب ٻين مذهبن جا ماڻهو 4899 هئا ۽ ڏهن سالن ۾ انهيءَ گهٽتائي جو سبب نه ڄاڻايو ويو آهي.



    لڳي ائين ٿو ته بهائي مذهب جا ماڻهو جيڪي انگريزن جي قبضي کانپوءِ وڏي تعداد ۾ ڪراچي ۾ رهندا هئا. اهي واپار ۽ پنهنجي مذهبي اڪثريت ڏانهن هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا. ان ڳڻپ ۾ ڪراچي جا جيڪي علائقا شامل هئا، انهن ۾ بندرگاهه مڇي مياڻ، مارڪيٽ، کڏو، پريڊي، گاڏي کاتو، رامسوامي، لياري، رنڇوڙ لائين، فريئر ٽائون، گسري، ڪلفٽن، بندرگاهه، سول لائنز، ريلوي ڪواٽرز، بابا ڀٽ ۽ شمس پير جا ٻيٽ، سرائي گارڊن، سولجر بازار، جيل وارو علائقو، منهوڙو، ڪياماڙي، رام باغ، پراڻو شهر، نيپئر ڪوارٽرز، صدر ۽ بهشتي واڙو شامل هئا. ياد رهي ته ان ڳڻپ ۾ ڪراچي ضلعي جا علائقا جنهن ۾ هاڻوڪي ڪراچي ٻهراڙيءَ وارا علائقا شامل هئا ڳڻپ ۾ شامل نه هئا. انهن جي آبادي ڪراچي ضلعي ۾ شامل ڪئي وئي هئي.



    1901ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي 136297 هئي، جنهن ۾ ڪراچي جي هاڻوڪي ٻهراڙي وارو علائقو شامل نه هو. 1911ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي هڪ لک اٺهٺ هزار ست سئو ايڪهتر (167771) هئي ۽ ڪراچي ضلعي جي آبادي جنهن ۾ ڪراچي جي هاڻوڪي ٻهراڙيءَ وارو علائقو هاڻوڪي ضلعي ٺٽي، ڪوٽڙي تعلقي، جاتي تعلقو غ محال ڪوهستان وارا علائقا شامل هئا، جنهن جي آبادي ٻه لک 18 هزار 7 سئو 93 هئي.



    1921ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي ٻه لک چوئيتاليهه هزار هڪ سئو ٻيانوي (244192) ۽ ڪراچي ضلعي جي آبادي ٻه لک ڇائيتاليهه هزار اٺ سئو ايڪٽيهه (246831) هئي. 1911ع کان 1921ع تائين ڪراچي شهر جي آباديءَ ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي.



    1931ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي ٽي لک ست سئو اڻياسي (300779) هئي ۽ ڪراچي ضلعي جي آبادي ٻه لک اسي هزار اٺ سئو (280800) هئي. جڏهن ڪراچي ضلعي جو ذڪر اچي ٿو ته ان ۾ هاڻوڪو ڪراچي ٻهراڙيءَ وارو علائقو گابوپٽ، ماڙي پور، منگھو، اورنگي جيل کان مٿين حصو، گلشن اقبال، لالوکيت، ملير ڪئنٽ، ملير، ابراهيم حيدري، ريڙهي، پپري، لانڍي، شرافي، گڏاپ، سونگل، گھگھر، ايئرپورٽ، ملير شهري علائقي کانسواءِ هاڻوڪو ٺٽو ضلعو، ڄامشوري ضلعي جا محال ڪوهستان، جاتي تعلقو ۽ ڪوٽڙي تعلقي وارا علائقا سمجھڻ گھرجن.



    1941ع واري سرڪاري ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي 386655 هئي، ا931ع کان 1941ع واري ڏهاڪي دوران ڪراچي جي آبادي 9.44 سيڪڙو واڌ ٿي. ڪراچي جي آبادي 1941ع واري ڳڻپ موجب مذهبن جو سيڪڙو ڪجهه هن ريت هو، هندو 49.8 سيڪڙو، مسلمان 2.40 سيڪڙو، عيسائي 4.5 سيڪڙو، پارسي 1.0 سيڪڙو، سک 1.5 سيڪڙو، يهودي 0.3 سيڪڙو، جين 0.8، بهائي ۽ ٻيا 1.9 سيڪڙو هئا. ڏٺو وڃي ته سک جو تعلق به هندو مذهب سان آهي، اهڙي طرح 1941ع جي ڳڻپ ۾ ڪراچي شهر ۾ هندوئن جو تناسب 51.3 سيڪڙو هو. 1911ع کان 1941ع تائين ڳڻپ جي انگن اکرن تي مذهبن جي تناسب سان نظر وجهنداسين ته سک ۽ جين مذهب جو ڪوبه ماڻهو ڪراچي ۾ نه هو. ڳڻپ ۾ عارضي رهندڙن کي شامل نه ڪيو ويندو هو، انهن جي ڌار ڳڻپ ڪري رڪارڊ ۾ رکيو ويندو هو.



    مذهب جو نالو
    سال 1911ع
    سال 1921ع
    سال 1931ع
    سال 1941ع

    هندو
    43.0%
    46.4%
    45.7%
    49.8%

    مسلمان
    49%
    46.3%
    46.6%
    40.2%

    عيسائي
    2.5%
    4.4%
    4.9%
    4.5%

    پارسي
    0.2%
    1.3%
    1.3%
    1.0%

    سک
    -
    0.7%
    0.8%
    1.5%

    جين
    -
    0.5%
    0.3%
    0.8%

    يهودي
    0.3%
    0.3%
    0.3%
    0.3%

    بهائي ۽ ٻيا
    0.5%
    0.1%
    0.1%
    1.9%




    ورهاڱي وقت ڪراچي جي آبادي 4 لک 36 هزار 8 سئو 87 هئي ۽ شهر جي پکيڙ 233 چورس ڪلو ميٽر هئي. ورهاڱي وقت 20 هزار عيسائي ڪراچي ۾ هئا، جيڪي صدر، گارڊن ۽ سولجر بازار جي علائقن ۾ آباد هئا. رهاڱي وقت سنڌي ڳالهائڻ وارن جو ريشو 61.2 سيڪڙو هو ڇاڪاڻ ته هندو سنڌي ڳالهائيندا هئا، ورهاڱي وقت هي شهر ڇڏي چڪا ها، اردو ۽ هندي ڳالهائڻ وارن جو ريشو 6.3 هو.



    1930ع کان اڳ ڪوبه ملباري ڪراچي ۾ نه هو، سڀ کان اڳ جيڪو ملباري ڪراچي ۾ آيو، تنهن جو نالو حاجي غبدالرحمان هو.



    ڪراچي جي سرزمين تي قدم رکڻ واري پهرئين پارسي جو نالو مانڪ جي هو، جيڪو ٺيڪيدار هو، انگريزن سان گڏ ممبئي کان ڪراچي آيو هو ۽ ڪراچي ۾ قتل ٿيو. بعد ۾ واپار جي سلسلي ۾ گهڻا پارسي ممبئي ۽ سورت کان ڪراچي ۾ آباد ٿيا ۽ ڪراچي جي ترقي ۾ خوب حصو ورتائون. 1951ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي جي آبادي 4 لک 36 هزار 8 سئو مان وڌي 10 لک 86 هزار 590 تائين پهچي وئي. ياد رهي ته ورهاڱي وقت ڪراچي جي اڌ آبادي هندوئن تي ٻڌل هئي، جن مان 2 لک هندو لڏي هندستان هليا ويا. اهڙي طرح 2 لک 36 هزار جي آبادي ۾ 1951ع ۾ فقط چئين سالن ۾ اٺن لکن جو واڌارو ٿيو، جنهن جو ڪارڻ وڏي تعداد ۾ هندستان مان مسلمان لڏي هتي آيا. هندستان مان آيل پناهگيرن جي ڪٽڪن ڪري آباديءَ ۾ تيزي سان واڌارو ٿيندو ويو.



    ورهاڱي وقت 233 چورس ڪلو ميٽر جو هي شهر 1959ع ۾ 3000 هزار چورس ڪلو ميٽر تي پکڙجي ويو. ڪراچي ننڍي کنڊ جو سڀ کان صاف سٿرو شهر هوندو هو. رهاڱي کانپوءِ لڏپلاڻ جي غيرفطري واڌ ڪري هي شهر ننڍي کنڊ جي گندن شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. رهائشي مسئلي سنگين صورتحال اختيا ڪئي، هر پاسي بي ترتيب ڪچيون آباديون قائم ٿينديون ويون. پناهگيرن جي آبادڪاري لاءِ باقائده هڪ ادارو 1950ع ۾ ڪراچي ۾ امپروومينٽ ٽرسٽ نالي قائم ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ 1957ع ۾ ڪراچي ديولپمينٽ اٿارٽي ((kda ۾ ضم ڪيو ويو. ان اداري ڪراچي جي ترقي گھٽ پر مقامي ماڻهن جي ڳوٺن، زرعي زمينن ۽ چراگاهن جي تباهي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو سلسلو 1950ع کان اڄ 2007ع تائين جاري آهي، مختلف اسڪيمن جي نالي ڪراچي جي اصلي ماڻهن جي زمينن تي لکين مقامي ۽ پرڏيهي ماڻهن کي آباد ڪرڻ ۾ هن اداري مالڪن جي منشا مطابق پنهنجو ڪردار خوب ادا ڪيو، جنهن جي هڪ الڳ تاريخ آهي.



    1961ع ۾ ڪراچي جي آبادي 20 لک 44 هزار ٿي ۽ فقط ڏهن سالن ۾ آبادي ۾ 50 سيڪڙو واڌارو ٿيو. اهو سڀ ڪجهه هندستان کان آيل پناهگيرن جن کي عرف عام ۾ مهاجر ڪري چيو ويندو آهي جي لڏپلاڻ ڪري ٿيو ۽ لڏپلاڻ جي اها غيرفطري واڌ مختلف صورتن ۾ اڄ به جاري آهي.



    1972ع ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 15 لکن جو واڌارو ٿيو. ان جي آبادي 35 لک 89 هزار 933 ٿي. هن واڌ جا ٻه سبب هئا. هڪ بنگلاديش مان آيل بهارين جي لوڌ، جن جي ڪري ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي ٺهي ويئي.



    ٻيو سبب ون يونٽ جي دوران سرحد ۽ پنجاب مان آيل ماڻهن جي ڪري ڪراچي جي آبادي ۾ واڌارو ٿيو. خاص ڪري سرحد مان پٺاڻ ايوب خان جي دور ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيا. 1951ع ۾ 1972ع جي وچ ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 217 سيڪڙو واڌارو ٿيو.



    1981ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 53 لک 35 هزار ٿي. 1991۾ ٿيل ڳڻپ کي رد ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اها حقيقي ڳڻپ حڪمرانن جي منشا موجب نه هئي. 1998ع ۾ فوج جي نگراني ۾ پوري ملڪ ۾ ڳڻپ ڪرائي وئي ۽ حڪمرانن پنهنجي مطلب جا انگ اکر حاصل ڪري ورتا. 1998ع ۾ جيڪا ڳڻپ ڪرائي وئي ان مطابق ڪراچي ڊويزن جي آبادي 9802134 آهي. هن وقت ڪراچي جي ڊويزن جا پنج ضلعا هئا. جن جي آبادي هيٺين ريت آهي.

    ضلعو ڏکڻ 1724915

    ضلعو سينٽرل 2239098

    ضلعو اولهه 2080303

    ضلعو ملير 1041412

    (سرڪاري آدمشماري جي هڪ ڪتاب ۾ ملير ضلعي جي آبادي 891412 ڏنل آهي)



    ڪراچي جي ٻهراڙي جيڪا ضلعي ڪائونسل تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ ضلعي ملير ۽ ضلعي ڪراچي اولهه جي ٻهراڙيءَ جا علائقا شامل هئا، آبادي 532869 هئي.



    1988ع واري ڳڻپ ۾ حڪومت جي انگن اکرن مطابق ڪراچي ۾ 35 لک غير ملڪي رهن ٿا. جيڪي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن. جن ۾ گهڻو ڪري هندستاني، افغاني ۽ بنگالي آهن. غير سرڪاري اندازي موجب ڪراچي ۾ پرڏيهين جو تعداد 50 لکن کان مٿي آهي.



    اسي واري ڏهاڪي ۾ افغانستان جي جنگ وقت لکن جي تعداد ۾ افغانين ڪراچي جو رخ ڪيو. هڪ اندازي مطابق هڪ لک کان هٿي افغاني شناختي ڪارڊ ٺاهي هميشه لاءِ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا آهن ۽ ڪراچي جي لوڪل گورنمينٽ جي چونڊن ۾ مختلف ٽائونز ۾ 12 کان مٿي افغاني ميمبر طور چونڊجي آيا آهن.



    سيپٽمبر 2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي پنهنجي هڪ اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ جيڪو متحده قومي موومينٽ پيش ڪيو. متحده مجلس عمل ۽ مسلم ليگ (ق) جي سنڌي ميمبرن پاران هن رٿ جي حمايت ڪئي هئي. جنهن موجب ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. پيپلز پارٽي جو ڪو به ميمبر ايوان ۾ موجود نه هو. ڇاڪاڻ ته اهي اليڪشن ورڪ ۾ مصروف هئا. ٻئي ڏينهن ٿر ۾ اليڪشن ٿيڻي هئي. جنهن ۾ هاڻوڪي وزيراعظم شوڪت عزيز جو مقابلو جڳديش ملاڻي سان ٿيو.



    هن رٿ پاس ٿيڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اسيبملي ميمبرن مختلف بنگالي ۽ بهاري وسندين ۾ انهن غير قانوني ماڻهن جي مدد لاءِ ڪئمپن ۾ چونڊيل اسيمبلي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شناختي ڪارڊ فارم ورهائي ڏنا.



    تاريخ 04- 09- 20 جي اخباري رپورٽن موجب وانا ۾ ٿيندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ 700 خاندان لڏي ڪراچي آيا هئا. ڏکڻ ۽ وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪري ڊيرا بگٽي ۽ ڪوهلو مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري آهي. هو سنڌ ۾ مختلف شهرن سان گڏ ڪراچي ۾ به اچي آباد ٿي رهيا آهن.



    جڏهن کوکروپار موڻابائو ريل سروس شروع ٿي ته سنڌ جي سڀني ساڃاهه وند ماڻهن اعتراض ڪيو ته هن سان هندستان کان ايندڙ غير قانوني ماڻهو ايندا پر انهن جي هڪ به نه ٻڌي ويئي. 2006ع ۾ حڪومت جي رپورٽن موجب انهي ريل سروس وسيلي هندستان کان ڪراچي ايندڙ 400 ماڻهو ڪراچي ۾ رهي پيا آهن ۽ اهي واپس نه ويا آهن.



    ورهاڱي وقت جنهن شهر جي آبادي 4 لک 36 هزار هئي. فقط 59 سالن ۾ انهيءَ شهر جي آبادي ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو واڌارو ٿيو آهي.



    12 آڪٽوبر 1999 تي جڏهن نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري جمهوريت تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ نظريه ضرورت تحت جنرل پرويز مشرف ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪ ۾ نئين ٽن سطحن واري لوڪل گورنمينٽ نظام جو اعلان ڪيو ويو. 1- يونين ڪائونسل 2- ٽائون – تحصيل – تعلقا ڪائونسل 3- ضلعي حڪومت جنهن لاءِ چيئرمين ۽ نائب چيئرمين جي بجاءِ ناظم جو لفظ متعارف ڪرائي نواڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. ان نظام تحت سواءِ ڇانوڻين وارن علائقن جي پوري ملڪ ۾ جولاءِ 2001ع تي يونين ڪائونسلن ۽ آگسٽ 2001ع تي ضلعن ۾ چونڊون ڪرايون ويون.



    نئين نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪراچي واسين کي ٿيو. جتي پنجن ضلعن کي ختم ڪري ڪراچي کي هڪ ضلعي جو درجو ڏنو ويو. ڪراچي کي 178 يونين ڪائونسلن ۽ 18ٽائونن ۾ ورهايو ويو. پوري ملڪ ۾ آبادي وڌڻ ڪري نوان ضلعا ٺاهيا پيا وڃن. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ قائم ضلعن کي ختم ڪري پوري ڪراچي جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي تي هڪ ضلعو قائم ڪيو ويو آهي.



    نئين لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع تحت ڪراچي کي 18 ٽائونن ۾ ورهايو ويو، جن جا نالا ۽ آبادي هيٺين ريت آهي. ياد رهي ته اهي انگ 1998ع جي ڳڻپ مطابق آهن. هن وقت ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک آهي.



    ٽائون جو نالو
    آبادي
    يونين ڪائونسل جو تعداد

    ڪياماڙي ٽائون
    383378
    08

    سائيٽ ٽائون
    467560
    09

    بلديا ٽائون
    406165
    08

    اورنگي ٽائون
    723694
    13

    لياري ٽائون
    607992
    11

    صدر ٽائون
    616151
    11

    جمشيد ٽائون
    733821
    13

    گلشن اقبال ٽائون
    625230
    13

    شاهه فيصل ٽائون
    335823
    07

    لانڍي ٽائون
    666748
    12

    ڪورنگي ٽائون
    546504
    09

    نارٿ ناظم آباد ٽائون
    496194
    10

    نيو ڪراچي ٽائون
    684183
    13

    گلبرگ ٽائون
    453490
    08

    لياقت آباد ٽائون
    469019
    11

    ملير ٽائون
    398291
    07

    بن قاسم ٽائون
    318083
    07

    گڏاپ ٽائون
    289564
    08




    هن ۾ ڪلفٽن، ڪئنٽ، ڪورنگي، مسرروسي او ڊي وارا علائقا شامل نه آهن ۽ نه ئي 2001ع کان 2006 تائين ڇانوڻين وارن علائقن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون آهن. ڪراچي ۾ قائم ڇانوڻين ۾ 1998ع جي ڳڻپ موجب چار لک 244 ماڻهو رهن ٿا.اهو تعداد حاضر سروس کان پوءِ آهي.



    1981ع جي ڳڻپ مطابق ڪراچي جي آبادي 54 لک 37 هزار هئي جيڪا 1998ع جي سرڪاري انگن اکرن موجب 98 لک ٻه هزار ٿي آهي. ڪراچي جي ٻهراڙيءَ جو تناسب هن ۾ 52.5 سيڪڙو آهي. 1998ع ۾ ڪراچي ۾ عورتن جو سيڪڙو 47.17 آهي. 1981ع کان 1998ع جي ڳڻپ جي وچ ۾ ڪراچي جي آبادي 81.24 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي.

    ڳڻپ جي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ پڙهيلن جو تناسب هن ريت آهي:



    ٽوٽل آبادي ۾ پڙهندڙن جو ريشو
    1981ع
    1998ع

    مردن ۾ پڙهندڙن جو ريشو
    55.04 سيڪڙو
    67.42 سيڪڙو

    عورتن ۾ پڙهندڙن جو ريشو
    48.84 سيڪڙو
    62.88 سيڪڙو




    رهائشي يونٽن جو ڳاڻيٽو 1981ع ۾ جي ڳڻپ 8 لک 58 هزار هو، جيڪو 1998ع ۾ وڌي 14لک 57هزار ٿيو آهي، ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ٻولين ڳالهائيندڙن جو ريشو 1998ع جي ڳڻپ موجب هيٺين ريت آهي:



    اردو ڳالهائڻ وارن جو ريشو
    54.00 سيڪڙو

    پنجابي ڳالهائڻ وارن جو ريشو
    6.64 سيڪڙو

    سنڌي ڳالهائڻ وارن جو ريشو
    6.29 سيڪڙو

    پشتو ڳالهائڻ وارن جو ريشو
    8.71 سيڪڙو

    بلوچي ڳالهائڻ وارن جو ريشو
    4.40 سيڪڙو

    سرائيڪي ڳالهائڻ وارن جو ريشو
    0.36 سيڪڙو

    ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارا
    12.30 سيڪڙو




    ياد رهي ته شهر ۾ رهندڙ ميمڻن، گجراتين ۽ ڪاٺياواڙين کي اردو ڳالهائڻ واري خاني ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بي ترتيب ۽ غير فطري وڌندڙ آبادي جي ڪري ڪراچي مسئلن جو شهر بڻجي چڪو آهي. ٽرانسپورٽ، گندي پاڻي جي نيڪالي، پاڻي، بجلي، صحت، صفائي مطلب ته ڪو به مسئلو حل ٿيندي نظر نٿو اچي. پلاننگ نه هئڻ ڪري هي شهر هاڻهن جو جهنگ نظر اچي ٿو. هڪ اندازي موجب ڪراچي شهر ۾ ٽي هزار ماڻهو في چورس ڪلو ميٽر ۾ رهي ٿو.



    ڪراچي ۾ 6 هزار ايڪڙن تي موجود 500 ڪچيون آباديون آهن. وڏي ڪچي آبادي اورنگي ۾ آهي. جتي 1972ع کان سواءِ آيل بهارين کي وسايو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ اندازي موجب 96 هزار گهر اڏيل آهن .جتي 13 لک ماڻهو رهن ٿا.ڪراچي جي 46 سيڪڙو آبادي ڪچي آبادين ۾ رهائش پذير آهي. انهن بي ترتيب ۽ مسئلن جي شڪار بڻيل ڪچين آبادين ۾ گهڻو ڪري بنگالي، افغاني، پنجابي، پٺاڻ ۽ ڪجهه ڪچي آباديون اندرونِ سنڌ کان روزگار سانگي لڏي آيل سنڌين جون به آهن. هڪ اندازي موجب ڪراچي ضلعن ۾ ٽن هزارن کان مٿي قديم ڳوٺ آهن. جيڪي بنيادي شهري سهولت کان وانجهيل آهن. ڪچين آبادين ۽ ڳوٺن ۾ ملير، لياري ۽ساحلي علائقن ۾ هڪ منظم سازش تحت چرس، هيروئن، آفيم، جي وبا پکڙجي وئي آهي. بيروزگاري، گندگي ۽ منشيات جي ڪري اهي ماڻهو انيڪ بيمارين ۾ ورتل آهن.



    سماجي ڌارا کان اهي ماڻهو ڪٽجي ڏوهن جي دنيا ڏانهن وڌي رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هن شهر تي امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول نظر نٿو اچي. هي دنيا جو واحد شهر آهي. جتي پرڏيهي جي اچڻ تي ڪا به بندش نه آهي. دنيا جي سڀني ملڪن جا هزارين پرڏيهي غير قانوني طور تي رهائش پذير آهن. دنيا جي هر دهشتگرد تنظيم ۽ ڳجهي ايجنسين جو نيٽ ورڪ ڪراچي شهر ۾ موجود آهي. جنهن تي ڪابه جهل پل نه آهي. اهي کلي عام پنهنجي ڌنڌن ۾ مصروف آهن. حڪومتي ادارن کي پنهنجي منٿلي سان ڪم آهي. هڪ اندازي مطابق انهيءَ غير قانوني ڪم کان سواءِ مختلف سياسي، سماجي ۽ لساني گروپ شهر مان پنج ارب روپين کان مٿي ڀتو وصول ڪري رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هر غير قانوني ڪم هتي ٿي رهيو آهي.

    سنڌ ۾ سڀني ساڃاهه وند سياسي، ادبي ۽ سماجي حلقن کي ڪراچي شهر جي وڌندڙ آبادي ۽ ڪراچي ۾ قائم ادارن پاران سنڌ ۾ اصلوڪن رهندڙن خلاف جيڪي سازشون تيار ڪيون پيون وڃن. هن پاسي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين سياسي بنيادن تي تقسيم کي ختم ڪري ڪراچي بچائڻ واري هڪ نقطي تي گڏ ٿيڻ ۽ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪراچي جي ڳڻپ جي تاريخ تي هڪ نظر

    ڀا منهنجا ممتاز ! ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارا انگ اکر آهن ۔۔۔ سنڌ جي ڪسمپرسي ۽ سنڌين جي بي وسي تي سوچي سوچي هاڻ ته دماغ ئي دنگ رهجي ويو آهي، ادا سائين اڃان ڪٿي ڳالهه آهي پياري پاڪستان جي هوندي، مستقبل قريب ۾ سنڌين جو تعداد سنڌ ۾ گهٽ ٿي ويندو ۽ پو نه رهندو بانس ۽ نه وڄندي بانسري ۔۔۔ هون به وڏن ۽ اقتصادي شهرن ۾ ته هاڻ به سنڌي ٿورائي ۾ آهن

    سعودي عرب مان لکين نيپالين هاڻ ڪراچي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ملڪيتون وٺن شروع ڪيون آهن ۽ پنهنجي اولاد کي موڪلڻ شروع ڪيو اٿائون ته جيئن هو سنڌ ۾ آباد ٿين ۔۔۔ ايم ڪيو ايم ڪيترن سالن کان بهارين کي بنگلاديش مان سعودي عرب ۽ ٻين گلف جي ملڪن ۾ گهرائي اتان انهن کي پاسپورٽ ڏياري سنڌ موڪلي رهي آهي، هوڏانهن افغاني، پٺاڻ، پنجابي، ڪشميري، هزاره ۽ ٻين علائقن جا ماڻهون لکن جي تعداد ۾ روزانه هوائي جهاز، ريلون ۽ بسون ڀري اچن ٿا ۽ سنڌ ۾ اچي آباد ٿين ٿا ۔۔۔۔

    الله حياتي ڏي اسانجي قوم کي، اهڙي ابدي ننڊ ۾ آهي جو کين ڄورون چنبڙي ويون آهن، رت چوسي رهيون آهن ۔۔۔ پيارو پاڪستان زنده آباد ۽ وفاقي پارٽيون سدا آباد واري نشي ۾ مست لڳي پئي آهي ۔۔۔

    وفاقي پارٽين پاڪستان کي بچائڻ ۽ سنڌ کي کپائڻ جا پڪو پهه ڪيو ٿو ڏسجي پر قومپرست لڏو به ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهيو آهي ۽ قوم کي ڪنهن منزل جو ڏس ڏئي نه سگهيو آهي۔۔۔

    ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي ۔۔۔؟
     
  3. محمد عالم

    محمد عالم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2010
    تحريرون:
    50
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انشورنس
    جواب: ڪراچي جي ڳڻپ جي تاريخ تي هڪ نظر

    ادا مھرباني تمام سٺي معلومات آھي، آئينده به اھڙي معلومات موڪليندا رھندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو