سچل سائينءَ سان ڪچهري a dialogue with Sachal : ياسر قاضي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچل سرمست جي 200هين عرس مبارڪ جي موقعي تي

    سچل سائينءَ سان ڪچهري a dialogue with Sachal

    ــ ياسر قاضي ـ

    ڪورونا ايس او پيز تحت سڄي مُلڪ جُون درگاهُون بند آهن. درازي دُولهه جي درگاهه به ان ئي حڪم تحت عوام لاءِ بند آهي. اڄ سچّي سائينءَ کي هن جهان مان برقعو مٽائي ٻه صديون پوريون ٿي رهيون آهن. سوچيم، حڪومت ميڙو نه ٿي منعقد ڪري ته ڇا ٿيو! مان اڪيلي سر ٿو وڃي ”آشڪار“ جي قدم بوسي ڪري اچان ۽ کائنس منصوريءَ جي مؤج ۾ ’انالحق‘ جا ٻه ٻول ٻُڌي ٿو اچان. اهو سوچي وڏي اسُرَ ويل اُٿي، روزو رکي، فجر جي آذانن کانپوءِ، سڌو اچي ’درِ راز‘ ــ درازين پهتس. درگاهه تي سانت جو عالم هو. صحن ۾ پيلِي روشني اُڇلائيندڙ پولن جي لائيٽن اڳيان جُهولندڙ ٻٻر ۽ ٽالهيءَ جي پنن جا پاڇا رقص ڪندي، رومانوي منظر پيش ڪري رهيا هئا ۽ انهن وڻن جي هوا تي وڄندڙ پنن جي جهانجهر، ڄڻ ته ”عشق دا جام“ ۾ مخمور هجڻ جو ثبوت ڏئِي رهي هئي.
    سڌو درگاهه جي مرڪزي هال ۾ گهڙي وڃي سچّي سائينءَ جي مرقد جي پيرانديءَ ڏانهن وڃي، سندن قدمن تي هٿ رکڻ لاءِ نوڙيس ئي مسَ ته آواز آيو:
    ”سائين، ٻاهر تخت تي آهن. فجر جي نماز پڙهي، جهٽ سوا اتي ويهندا آهن.“
    کن لاءِ ته ڊڄي ويم ته ڪٿي غيبي آواز نه هجي! پر پوءِ پريان ڏٺم ته ڀت جي پاڙ ۾ نماڻو فقير (هاسي ٻائي) ڀت کي ٽيڪ لڳائي وار کولي ويٺي هئي، جنهن مونکي اهو جملو چئي، پن جي ٻِيڙيءَ مان ڪشُ پئي هنيو.
    ٻاهر آيس... اڱڻ اُڪرِي، ان جي سامهون وارو لنگهه وارو دروازو ٽپي، تخت واري وسيع صحن وٽ پهتس ته دُولهه درازي، دستار مبارڪ پايو، وڏي چادر ويڙهيو، سنگِ مر مر جي اڏيل تخت تي ويٺو هو. ادب مان وڃي ’حق موجود‘ چيم.
    ”سچّا سائين! مُون اوهان جي مراقبي يا استغراق ۾ رُخنو ته ڪو نه وڌو؟“
    سچّل پنهنجي ئي بيت ۾ وراڻيو:

    جي فِڪر کَئُون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دُور
    ھوندا سي حضور، آءُ ڳرھيون ڳالهڙيون

    ”سچّا سائين، اوهان سان ٿورو حالي احوالي ٿو ٿيڻ چاهيان... ٿورو رَهلو ڪرڻ ٿو گُهران... پر اوهان جي جلال ۽ سرمستيءَ کان ڊپ ٿو ٿئيم!“
    مون ڊڄندي ڊڄندي، جهيڻي لهجي ۾ چيو.

    سچل:
    اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا
    تَنھِن پڄاڻان وَڃُ، حَلاجِي حيرتَ ۾

    ”سچا سائين! خيالن جا بند ته ڀڃان، پر ادب آداب جي ڪري ڊپ جو مون تي طاري هجڻ فطري آهي.“

    سچل:
    جي تو ادب آهه، تا ٻَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌين
    ڪَلَ نه پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جي

    اَدبُ اَٿئي اوٽ، اوٽِ ته اڳاھون ٿِئين
    مارنغاري چوٽَ، عاشِقَ! ”اَناالحق“ جِي

    ”اوهان ته منهنجي مشڪل آسان ڪري ڇڏي... هاڻي مان آسانيءَ سان اوهان سان حال احوال ڪري سگهان ٿو.“
    ”دولهه درازري! روزو اٿَوَ؟“

    سچل:
    روزا ڪيئي، نفل نِـمازان، توڙي سَو ورد وظيفا
    سَڀيئِي لڳَ ظاھِر آھن، سبق ساڄن پَڙھَاياسي

    ”اوهان جي سوانح نويسن بقول، بلُوغت کانپوءِ اوهان حياتيءَ ڀر اوهان هڪڙي به نماز ۽ هڪڙو به روزو نه ڇڏيو. اهو صحيح آهي؟“

    سچل:
    ڪَيَڙو مست پرينءَ جي ناز مونکي
    وسريو روزو نه ياد نماز مونکي

    ”سچّا سائين، اداس پيا ڏسجو!؟“

    سچل:
    ڀينَر ھن ڀنڀور ۾، منھنجو ڪارِ نه ڪمُ
    اَٿم آريءَ ڄام سان، دوستيءَ وارو دمُ
    ماڻهن ليکي غمُ، پر سُک ”سچو“ ٿو ڀانئيان

    ”ڇاکي ٿا سُک ڀائنيو؟“

    سچل:
    قلبِيءَ ۾ نَه قرارُ، آھي عاشِقَن کي
    روحيءَ لکَ رُلايا، نه نفِيءَ نفع دارُ
    سِريءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيا خوارُ
    اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ
    رِيءَ پَروڙڻ پانھنجي، آھِ شيطانن شِڪارُ
    ”سچو“ ھِي سَنسار، سارو پاڻَ سَھِي ڪرِين

    ”ٻيو سال آ، جو ڪورونا سبب اوهان جي درگاهه تي ميڙو نٿو لڳي. اوهان ان ڪري اداس ته هوندئو!“

    ھِڪُ سَفَرساعَتَ، ٻيو سَفر سالَ جو
    پھريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَھيو

    ”هن سال ته اوهان جي وصال کي 200 ورهه پيا پورا ٿين. ڪورونا نه هجي ها ته هيل ته حڪومت وڏو خرچ ڪري ها... خاص بجيٽ منظور ٿئي ها... 200 ساله يومِ وفات جو اهتمام ٿئي ها...! عالم، اديب اوهان جي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ اچن ها... خاص محفلِ موسيقي منعقد ٿئي ها. گورنر، وزيرِ اعليٰ خاص حاضريون ڀرين ها. اوهان جي اداسيءَ جو هڪ سبب اهو به ته ناهي؟“

    سچل:
    جِيوَڻ ته دَم ڀلائِي، نه ته تحت نَحس ناسِي
    ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد يارِي
    وحدت جنِين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي

    ”ها سچا سائين، ايئن ته آهي... يار زندهه... صحبت باقي...“

    سچل:
    ميلو ٿيندئي، ميلو ٿيندئي، نينھڙو لايو،
    جُڙيا جانِي، مون سان ميلو ٿيندئي!

    ”ضرور ٿيندا رهندا ميلا سچّا سائين... اوهان جي وصال کان 103 سال پڄاڻان سنڌ ۾ استاد بخاريءَ نالي هڪ شاعر پيدا ٿيو هو، جنهن چيو هو:

    محبت بچي پوي پو، ميلا به ٿيندا رهندا
    دل جا ڀڄي انهيءَ کان محفل ڀڳي چڱي آ“

    ”ڀلا مستقل درگاهه تي ئي قيامي هوندا آهيو؟ يا سير سفر لاءِ ڪيڏانهن نڪري به ويندا آهيو؟؟؟“ مون ڳالهه جاري رکندي چيو.

    سچل:
    گَنگا کانءُ گُذرُ، آھي ڪنِين ڪاپَڙينِ جو
    ڪڏھن لوڪ نه لَڙيا، سدا تَن سَفرُ
    آھي نامُ مَشَرُ، اُنهن اڌوتِين جو

    ”جي؟“
    مون ڳالهه نه سمجهندي پڇيو.

    سچل:
    جوڳي آھن جي، گوش گنگا ڏي تَن جو
    آھِن ڪوڏيا ڪاتَ جا، پُڻ ڪاپَڙي ڪي
    سِرُ سنباھِن سي، جنين ناتو ناٿَ سان

    ”سچّا سائين، ايئن ڪيئن گنگا ويندا هوندئو؟ ڀارت جي ويزا لڳرائڻ ڪا سولي آ؟ 200 سال اڳ ته نه سرحدون هيون، نه حدبنديون ۽ تڏهن ته اڃا هندوستان جو ورهاڱو به ڪونه ٿيو هو. هاڻي ٿورئي هوندو سؤلو اوهان لاءِ واهگا يا کوکرو پار اُڪرڻ... ۽ اوهان جهڙي بي باڪ ’منصورِ ثانيءَ‘ لاءِ ته بنهه نه...“

    سچل:
    جوڳين اوري جُوءِ، جي لوڪان لعل لِڪي ويا
    لاھوتِي لنگهي وڃِي، حُر پيا ۾ ھُوءِ
    راسِخَ روبرُوءِ، وڃِي ٿيڙا ناٿَ جي

    ”ماااااارررر!!! پوءِ اوهان کي ’سرحدن جا محافظ‘ ڪجهه ڪونهن چوندا؟ خاص ڪري لڊاڻي، جيسلمير، گنگا، جمنا جو پسار ڪري اچڻ کانپوءِ ’اسان واري پاسي وارا‘ تنگ ناهن ڪندا؟“

    سچل:
    جوڳِي آھن جالَ، پر لاھوتِي لنگهي ويا
    ھي مِڻ مِڻ ڪَنِ مَڻِيَن سين، ھو کڙا مٿي خيالَ
    سي لانگوٽيا لالَ، ڀينَر ڀاڳِ ملن مون

    ”اڇا! معنيٰ اوهان سان به ’مِڻ مِڻ...‘ ڪن ٿا نه! ڀلا ڀارت ۾ ڪورونا جي تازي صُورتحال ڏسي آيا آهيو؟ ٻڌو آ آڪسيجن نه هجڻ جي ڪري اتان جي جنتا روڊن تي پئي دم ڏي...!؟“

    سچل:
    پُورب ڇَڏي پوءِ، آڌوتِي اَڳي ٿيا
    ويا اُڪنڊيا اَڳنان، نه ڪنھن لَڙيا لوءِ
    رِجائي رتُ روءِ، ويٺي واٽَڙيَن تي

    ”الا...!؟ صفا ايئن...!؟“
    ”ڀلا اسانجي ملڪ جي موجُوده سياسي صُورتحال تي ڇا چوندئو؟“

    سچل:
    ڀينر ڙي بيوس، وڃي آءٌ پَئيان!
    وس نه آھيان پانھنجي، واڪو ڪَيمُ بيوَس،
    مين ديوانڙي ٿَئيان
    لوڪُ ساروئِي سرتيون، روحَ نه اَچي رَس،
    حالَؤن ھُڻ مين ڳَئيان
    مَچُ ڏاڍو مون سِر آئيو، ڪوئِي نه اَچي ڪَس،
    قابو عَشق ڪَئيان

    ”اهڙيءَ صُورتحال تي نه رڳو حيران آهيان... پر پريشان به...“ سچل سائينءَ بيت کانپوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.

    ”حيران ڇو؟ ۽ پريشان ڇو!؟“

    سچل:
    مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو مُنجهايا
    شيخي پيري بزرگيءَ، بيحد ڀُلايا
    ڪي نمازون نوڙي پڙهن،ڪن مندر وسايا
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي

    ”پر اوهان ته نه رڳو عشق کي اوڏا آيا، بلڪه عشق جو جام پي، مستو مست مدام به ٿيا...“

    سچل: ”ٿيُس... پر ان ’مئي متيءَ مهراڻ‘ مان ڪيترا ’پُوڄارا پُر ٿيا...؟‘ “

    ”پر ڪنهن جي فيض نه پرائڻ سان اوهان جي پيغام کي ته ڪٽُ ناهي لڳڻي!“

    سچل: ”ان پيغام جو اثر ڪيترن ورتو؟ اڄڪلهه ڏسين ڪونه پيو؟ ملڪ جي رستن تي:

    ڪاٿئين سَناسِن ۾، ڪاٿئين منجهه مُلن
    ڪاٿئين معرڪن ۾، ڪاٿئين منجهه ڪُنڊن
    ڪاٿئين مَسيتن ۾، ڪاٿئين ۾ دائرن
    ڪاٿئين رھن تقوىٰ ۾، ڪاٿئين ۾ ناچُن
    ڪاٿئين تماشن ۾، ڪاٿئين ۾ سيرن“

    ”اوهان جي بقول ’عقيدن‘ کي تماشو بڻايو ويو آهي؟“

    سچل: ”ٻيو نه ته...؟

    هي ته شڪر آهي، جو هن قوم ۾ مطالعي جي عادت ڪانهي. پڙهڻ کان ونءٌ ٿا وڃن، جي پڙهن به ٿا ته انهن جي ڏاهپ جو معيار ايڏو ناهي، جو کين صوفياڻو فڪر سمجهه ۾ اچي، انڪري کين رهبر لطيف جو ۽ منهنجو پيغام سمجهه ۾ ئي ڪونهي آيو. جيڪڏهن هي ڀٽائي سرڪار جو ”عاشق عزايل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا“ ۽ ”ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿيا...“ ۽ منهنجا ”ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي...“ يا ” ڪي جو مُحب لِکيو، سو مُلان واچڻ نه آئيو... پَر هُئڙو اڳ سُکيو، جنھن مطالع نه ڪيو“ جهڙا بيت پڙهي وٺن، ته درازي درگاهه سان به اهو حشر ڪن، جيڪو هنن شڪارپُور لڳ ماڙيءَ ۾ 6 سال اڳ، حاجن شاهه ماڙيءَ واري جي درگاهه سان ڪيو هو.
    اوهان اسان تي رڳو ميلا ملهائڻ، سُکائون باسڻ، چادرون چاڙهڻ ۽ پُٽَ پنَڻ کانسواءِ ٻيو ڪيو ڇاهي!؟ اوهان ڪڏهن فريدالدين گنج شڪر کان شاهه ڪريم، گرُو نانڪ کان ميين شاهه عنات، ڀٽائي سرڪار کان مون ۽ مونکان پوءِ بيدل بيڪس تائين اسان مان ڪنهن به هڪ جي پيغام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ جي سمجهو ها ته اڄ ’اروڙ جو مست‘ اوهان انتها پسندن جو ايئن نشانو بڻجي سرُ نه بچائيندو وتي ها! جنهن مونکي ٽربُل ۾ ڏسي ’سچل اِن ٽربُل‘ ڪهاڻي لکي هئي. اڄ به مان ان ئي ’ٽربُل‘ ۾ آهيان ۽ ان انتهاپسنديءَ جي آزار مان اڄ به ناهيان نڪتو، جنهن جي خلاف مون عَلم بلند ڪيو هو. اڄ هن ڏيهه جا ماڻهو شعور جي چشمن مان سير ٿيل هجن ها، ته منهنجيءَ ئي سنڌ جا اهي اڻ پڙهيا، بي شعورَ ۽ تهذيب جا دشمنَ، ’ڪنگ پريسٽ‘ سان اهو حشر ڪن ها؟ جيڪو اڄ ڪيو اٿن. سرڪار انتها پسند سياسي دهشتگرد ڌرين آڏو ايڏي بيوس هجي ها؟ جو پهرين مٿن پابندي مڙهي، پوءِ ساڻس ڳالهيون ڪري ۽ سندن سڀ جائز ناجائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃي؟ ۽ جيڪڏهن اسان صوفين جو پيغام ڪنهن عقل ۾ آماجگاهه جوڙي ها، ته اڄ مذهب جي نالي تي سياست ٿئي ها!؟ ۽ انهن پاران ٻنهي جهانن جي سردار ﷺجي نالي تي غريب عوام توڙي سرڪار جي ڪروڙن جي ملڪيتن کي ايئن نقصان پهچايو وڃي ها؟

    جِھڙو آھين تِھڙوھوندين، فانِي ٿيندين ڇا؟
    سُڌ پنھنجي سِر جي، ڪامِلَ پِيَڙءِ ڪا
    ڳالهه نه سمجهيئي سَا، آوازي ’اَناالحق‘ جِي“

    سچل سائين، هڪ ساهيءَ ۾ سڀ ڪجهه چئي ويو ۽ مان اکيون کولي کيس حيرت مان ڏسندو رهجي ويس! ”سچُوءَ“ جو لفظ لفظ سراپا سچّ هو... پر اهڙو سچُّ، جيڪو هن معاشري جي فرد جي حيثيت سان مون لاءِ به شرمندگيءَ جو باعث هو.

    مُون سندس لهجي توڙي اکين ۾ اهڙي سرمستي ڏسي، جو کانئُس وڌيڪ ڪجهه پُڇڻ جي همّت نه ساري ۽ ڊڄندي ڊڄندي کانئس آخري سوال ڪيم:

    ”سنڌ جي نؤجوان کي ڪهڙو پيغام ڏيندا، سچّا سائين!؟“

    سچل:
    اُٿي ڪمر ٻنڌ، لوچ، ته لَھين سُپرين
    ھوتاڻِن جو ھنڌُ، ڏسين اَکڙينِ سان

    سچّي سائينءَ کان موڪلائَي، درازي درگاهه کان نڪري، پنڌ پنڌ، قومي شاهراهه تائين آيس. ميرانجهڙو صبح ٿي چڪو هو. روشن سويرو ٿيڻ وارو هو، پر اسان جي ذهنن ۾ شعور جي سُورج جي شاخن ڪڍڻ ۾ اڃا گهڻي دير هئي.
    هڪ دفعو وري ڪنڌ ورائي، سچل سائينءَ جي درگاهه ڏي نهاريم، جيڪا سچل جي پيغام وانگر اڻٽر، مَ ڊڄي ۽ اڏول بيٺل هئي. مونکي اياز جو اهو ٽيڙُو چپن تي تري آيو:

    هل درازا هلُ!
    تنهنجا سڀ مولوي،
    منهنجو هڪ سچلُ



    djyasirqazi@yahoo.com


    (روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾، اربع 28 اپريل 2021ع تي چپيل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو