چنچل پري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Salman Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2021۔

  1. Salman Sindhi

    Salman Sindhi
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2021
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سنڌ پوليس
    ماڳ:
    مٺي شهر ضلع ٿرپارڪر سنڌ
    چهري تي هميشه مُرڪ، وار اهڙا جڻ تتل صحراح ۾ شام جي سرمائ رنگن ۾ رتل ڪارا بادل، اکڙيل ۾ اوتيل ڪارو ڪجل هميشه هُن جي هُرندڙ پنپڙيل مٿان پيل ڏسبو هو، سنڙي چيل جنهن ۾ نيهن جو ڀاڪر پائڻ لاءَ هرڪو آتو هوندو هو، پر هوءَ .......!
    هوءَ ته هميشه ٿر ڀٽن تي مٺڙا گيت گائيندي پنهنجي وجود کي پيار بخشيدي هئي، آنچل کي مور جي رنگا رنگي پنکن جيان پکيڙي جڏهن روايتي رقص کندي هئي خود مور پکي به بيخود ٿي ساڻس رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو هو ۽ پو هوند روح جي رتل صحرا جي سائي زمين تي ائين مست ٿي ويندر هئي جيئن برسات کان پو ٻنين ۾ بيٺل سائي ٻاجهري هوا جي لوڏي سان گڏ مست ٿيندي آهي،
    هر شام ڳوٺ جي سامهون هڪ وڏي ڀٽ تي پنهنجا نازڪ پير پائيندي وڃي چوٽي تي بيهي وڏي واڪي سڏ ڪري پنهنجو آواز دور ڀٽن کان ٽڪرائيندي ٻڌندي هئي تڏهن ٽهڪن جا پڙاڏا سجي ڳوٺ کي واسي ڇڏيندا هئا، هن جا ٽهڪ هر ڪنهن جي دل کي خوشي جي هڪ مٺڙي لهر ارپي ڇڏيندا هئا ۽ ڳوٺ جا ننڊڙا ٻار هن جي معصوم ادائن مان لطف اندوز ٿيڻ لاء ڪٿان کان ڪهي ايندا هئا ۽ هوءَ بہ ننڊڙن ٻارن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسندي پيار سان پڪاريندي هئي تڏهن ڳوٺ جي مٿان هڪ اهڙي موسم تاري ٿي ويندي هئي ڄڻ تہ سانوڻ جي موسم ۾ ڪڪر چئوطرف گجگوڙ ڪندا هجن ۽ هيٺ صحرا تي وڏڦڙي جو وسڪارو پيو وسي،
    هُن جي ادائن کي سجو ڳوٺ جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو ڄڻ سڄي ڳوٺ جي ڪا راڻي هجي ۽ هوءَ به اهڙي سادي ۽ نرم دل جي هر ڪنهن سان پيار ۽ پاٻوه سان اهڙي طرح پيش ايندي هجي ڄڻ ڪو گهر جو ڀاتي هجيس، لوڪ سڄي ڪا لالڏي هئي،
    مٿان وري فطرت جي ڪا مهر ٿيل هيس جو حسن يوسف جي مٽي جي مهڪ ٿي آيس پر سادي اهڙي ڄڻ مارُن لاءِ مارُئي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو