نيلسن منڊيلا جا اٺ اهم سياسي اصول رچرڊاسٽينبل رڳو نه ڊڄڻ جو نالو همت ناهي: 1940ع ۾ صدارتي چونڊ مهم دوران منڊيلا کي نٽال جي قتل گاهن واري علائقي ۾ وسندڙ پنهنجي حامي “ زولو” عوام کي خطاب ڪرڻو هو. اتي لاءِ کيس ننڍي پروپيلر جهاز وسيلي پهچڻو هو. اسان هوائي اڏي تي گڏجڻ جو پروگرام ٺاهيو. جڏهن جهاز جي لهڻ ۾ اڃا ويهه منٽ کن هئا ته ان جي هڪ انجڻ جواب ڏئي ڇڏيو. جهاز ۾ سوار ڪن همراهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، پر منڊيلا کي ڏسي سڀئي سانت ٿي ويا، جيڪو مزي سان ويٺو اخبار پڙهي رهيو هو ڄڻ هو صبح جي ٽرين ۾ آفيس وڃڻ لاءِ ويٺو هجي. هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ جون تياريون ڪيون ويون ۽ پائلٽ جهاز کي حفاطت سان لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن جلسي گاهه ڏانهن ويندي مان ۽ منڊيلا بلٽ پروف بي ايم ڊبليو ڪار ۾ پٺيان ويٺاسين ته هن مون ڏانهن نهاري چيو ته مان به ان مهل ڊڄي ويو هئس. روپوشي وارن ڏينهن ۾ جڏهن مٿس روونيا Rivonia وارو ڪيس هلي رهيو هو، رابن ٻيٽ تي جيل ۾ رهندي هو اڪثر ڊنل رهندو هو. هن بعد ۾ مون کي ٻڌايو ته يقينن مان ڊنل هئس ۽ نه ڊڄڻ جو ڪو عقل ڪارڻ به نه هو. مان اهو به ڏيکاءُ نٿو ڪرڻ گھران ته مان ايڏو بهادر آهيان جو سڄي دنيا کي هارائي سگھان پر هو اڳواڻ جي حيثيت ۾ اوهان کي ماڻهن اڳيان پاڻ سنڀالڻ گھرجي ۽ هن اهو ئي سکيو هو ته پاڻ کي بي خوف ظاهر ڪري ٻين کي اتساهجي. سندس ساٿي قيدين چواڻي ته ان ڊپ واري ماحول جيل جي آڳنڌ ۾ منڊيلا کي پر عزم ۽ فخر سان هلندي ڏسي کين ڪيترن ڏهاڙن لاءِ همت ملي ويندي هئي. کيس ڄاڻ هئي ته هو ٻين لاءِ هڪ نمونو آهي ۽ ان ئي ڳالهه کيس ڊپ مٿان ڇانئجڻ جي همت ڏني هئي. اڳواڻي ڪريو، پرپنهنجي بنياد کي نه وساريو: 1958ع ۾ هن جو آپريشن ٿيو، جڏهن هو جيل موٽيو ته 21 سالن ۾ پهريون ڀيرو کيس دوستن ۽ ساٿين کان الڳ رکيو ويو. سندس ساٿين ان تي احتجاج ڪيو پر سندس پراڻي ساٿي اهمد ڪٿرادا چواڻي هن کين جهليو ته ترسو، ٿي سگھي ٿو ان مان ڪا چڱائي ٿئي. ان مان چڱائي اها نڪتي جو منڊيلا پنهنجي سر نسلي حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪيون. ڏهاڪن تائين اهو چيو ويو ته باندي ڳالهيون نٿا ڪري سگھن ۽ هٿياربند جدوجهد جي حمايت ڪرڻ کان پوءِ هن فيصلو ڪيو ته سندن ويرين سان ڳالهائڻ جو وقت اچي ويو آهي. جڏهن هن 1985ع ۾ حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪيون ته ڪيترن جو خيال هو ته هو هارائجي چڪو آهي. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙن جي ڄاتل سڃاتل اڳواڻ سائرل رامافوسا چواڻي ته اسان سمجهيو ته هو وڪامجي چڪو آهي. مون سوچيو ته وڃي کيس جهليان ته هي تون ڇا پيپ ڪرين. هي يساهه نه اچڻ جوڳو قدم هو، هن وڏي جوکم وارو ڪم ٿي ڪيو. منڊيلا آفريقن نيشنل ڪانگريس کي اهو سمجهائڻ لاءِ مهم شروع ڪئي ته اهو صحيح رستو هو. هن جي ساک خطري ۾ هئي. ڪٿاردا ٻڌائي ٿو ته هن جيل ۾ پنهنجي هر ساٿيءَ وٽ وڃي کيس سمجهايو ته هو ڇا پيو ڪرڻ وڃي. هن آهستي آهستي کين هم خيال بڻايو. رامافوسا چوي ٿوته “توهان کي پنهنجي حمايت جي بنياد کي ساڻ کڻڻو پوي ٿو. هو (منڊيلا) ڪو ببل گم اڳواڻ ڪونه هو جيڪو چٻاڙي اڇلي ڇڏي. منڊيلا جي نظر ۾ ڳالهين کان انڪار نه پر حڪمت عملي جو حصو هو. هو هميشه منفرد رهيو، هن جا پڪا اصول، نسلي حڪومت جو انت ۽ هر ماڻهو لاءِ ووٽ جي حق واري سوڀ وڏا ڪم هئا، پر هن هر اها شيءِ جنهن کيس مقصد ماڻڻ ۾ مدد ڪئي اها هن جي نظر ۾ حڪمت عملي جو حصو هئي. هو آرشوادن ۾ سڀ کان وڏو هو. حقيقت پسند هو، رامافوسا چواڻي ته هو هڪ تاريخي ماڻهو آهي. هو اسان کان گھڻو اڳتي سوچيندو هو. جيل ۾ رهڻ سان هن ۾ ڏور ڏسڻ جي قابليت پيدا ٿي چڪي هئي. هن ڏينهن يا هفتن لاءِ نه پر ڏهاڪن لاءِ ٿي سوچيو کيس پتو هو ته تاريخ سندس پاسي آهي ۽ نتيجا اڻٽر آهن. رڳو ڏسڻو اهو ته اهي ڪيترو جلد ۽ ڪيئن حاصل ڪري سگھجن ٿا. پٺتي رهي اڳواڻي ڪريو ۽ ٻين کي ويساهه ڏيو ته هو اڳيان آهن منڊيلا پنهنجي ننڍپڻ ۾ مال هڪلڻ واريون گھڙيون ساريندي چوندو هو ته انهن کان (ڌڻ کان) رڳو پٺتي رهي اڳواڻي ڪري سگهجي ٿي پوءِ هو ڀرون اڀيون ڪري خاطري ڪندو هو ته مون کي سندس مثال سمجهه ۾ آيو يا نه، ننڍپڻ ۾ منڊيلا کيس پاليندڙ قبائلي سردار “جونگن تابا” کان تمام گھڻو متاثر هو، جڏهن سردار پنهنجو جرڳو سڏائيندو هو ته ماڻهو گول دائري ۾ ويهندا هئا ۽ جڏهن سڀ ڳالهائي چڪا هوندا هئا ته پوءِ هو ڳالهائيندو هو. منڊيلا جو چوڻ هو ته اڳواڻ جو ڪم اهو ناهي ته هو ماڻهن کي ٻڌائي ته کين ڇا ڪرڻو آهي پر هن جو ڪم آهي، سهمت راءِ پيدا ڪرڻ هو اڪثر چوندو هو ته وقت کان اڳ بحث ۾ نه گھڙو. منڊيلا جوهانسبرگ جي پسگردائي ۾ هوٽن ۾ واقع پنهنجي گھر ۾ ويجهن ساٿين جي گڏجاڻي سڏائيندو هو. رامافوسا ۽ ٿيبو موبيڪي ( جيڪو اڳتي هلي ڏکڻ آفريقا جو صدر بڻيو) سميت اڌ ڊزن کن همراهه گڏبا هئا. ڪي ته مٿس الرون ڪندا هئا ته هو وڌيڪ تيز ٿئي ۽ انقلابي واٽ وٺي. منڊيلا کين ٻڌندو رهندو هو ۽ جڏهن آخر ۾ هو ڳالهائيندو هو ته هوريان هوريان سڀني جي ڳالهين جو وچور ڪڍندو هو ۽ پوءِ پنهنجا خيال ظاهر ڪندي ڳالهه کي پنهنجي پسند واري فيصلي ڏانهن کڻي ايندو هو پر اهو مڙهيندو نه هو. هن جو چوڻ هو ته اڳواڻيءَ جي صلاحيت اها آهي ته ماڻهن کي ڪنهن ڪم لاِ ائين راضي ڪيو جو اهي سمجهن ته سندن به ساڳيو ئي خيال هو. پنهنجي دشمنن بابت پڇاڻو 1960ع جي ڏهاڪي ۾ منڊيلا، ڏکڻ آفريقي نسل پرست گورن جي زبان “آفريقانا” سکڻ شروع ڪئي سندس تنظيمي ساٿي کيس ٽوڪيندا هئا پر هن نسل پرستن جا خيال ڄاڻڻ ٿي گھريا. کيس پتو هو ته هڪ ڏينهن کيس ساڻن وڙهڻو يا ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ۽ سندس منزل ٻنهي صورتن ۾ هنن سان واڳيل آهي ان جي پٺيان حڪمت عملي اها هئي ته پنهنجي مخالفن جي ٻولي سکي هو سندن ڪمزوريون ۽ سگھارا پاسا ڄاڻي ٿي سگھيو ته جيئن هو به پنهنجي حڪمت عملي ان آهر جوڙي سگھي پر ساڳي وقت هو پنهنجي دشمنن کي متاثر به ڪندو هو. عام جيلر کان وٺي پي ڊبليو بوٿا (نسل پرست حڪمران) تائين سڀ هن جي آفريقانا ڳالهائڻ ۽ سندن تاريخ بابت ڄاڻ کان متاثر هوندا هئا. منڊيلا ايتري قدر جو آفريقانا ڳالهائيندڙن جي پسنديده راند رگبي بابت به ڄاڻ حاصل ڪندو رهندو هو ته جيئن هو ساڻن رانديگرن ۽ ٽيمن بابت خيالن جي ڏس وٺ ڪري سگھي. کيس ڄاڻ پئي ته آفريقانا ڳالهائيندڙن ۽ ڪارن ۾ ڪي بنيادي ڳالهيون هڪ جهڙيون هيون. مثال طور هو پاڻ کي ايترو ئي آفريقي سمجھندا هئا جيترو ڪارا پاڻ کي سمجهندا هئا. کيس اها به خبر هئي ته گورا آفريقي به هنن جيان نسلي مت ڀيد جو شڪار رهيا آهن. برطانوي حڪومت ۽ گورا آبادڪار کين هيچ سمجهندا هئا. ان ڪري هڪ احساس ڪمتريءَ جو شڪار هئا جيترو ڪارا هئا. منڊيلا وڪيل به هو، تنهن ڪري جيل ۾ گورن قيدين کي قانوني واهر به ڏيندو هو. اها هنن لاءِ نئين ڳالهه هئي ته هڪ ڪارو سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار هجي. آفريقي تاريخدان ايلسٽر اسپارڪ چواڻي ته نسل پرست انتهائي بي رحم ۽ ڪٺور ڪردار هئا پر منڊيلا هڪ ڳالهه ڄاتي ٿي ته انتهائي بدترين ۽ ڪٺور ماڻهن سان به ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون. پنهنجي دوستن کي ويجھو رکو ۽ مخالفن کي اڃا به وڌيڪ ويجهو رکو. منڊيلا پنهنجي گهر ۾ ڪيترن ئي اهڙن مهمانن کي به ڪوٺيندو هو، جن بابت هن مون کي ٻڌايو ته هو مٿن مڪمل ڀروسو نه ڪندو هو. کين ماني تي ڪوٺيندو هو، ساڻن صلاح مشورو ڪندو هو ۽ کين سوکڙيون به موڪليندو هو. منڊيلا جي ذات ۾ اڻ ميو موهه موجود آهي ۽ هو ان موهه کي رڳو ساٿين لاءِ نه پر انهن کان به وڌيڪ مخالفن لاءِ استعمال ڪندو هو. ربن ٻيٽ تي هو انهن ماڻهن کي به ساڻ رکندو هو جن کي يا ته هو پسند نه ڪندو هو يا وري مٿن مڪمل ڀروسو نه ڪندو هو انهن ۾ هڪ جو نالو “ڪرس هاني” هيو، جيڪو آفريقن نيشنل ڪانگريس جي ويڙهاڪ ڌڙي جو سربراهه هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هاني، منڊيلا خلاف سازش ۾ رڌل آهي. رامافوسا چواڻي رڳو هاني نه پر هو وڏن ڪارخانيدارن کاڻين جي مالڪ گهراڻن ۽ مخالف ڌر وارن کي به جنم ڏهاڙي تي فون ڪري واڌايون ڏيندو هو، هو سندن مڻن تي پهچندو هو ۽ هو ان کي هڪ موقعو تصور ڪندو هو. جڏهن منڊيلا جيل مان نڪتو ته هن جيلر کي پنهنجي دوستن ۾ شامل ڪيو ۽ جڏهن هن ڪابينا ٺاهي ته کيس جيل ۾ واريندڙ اڳواڻن کي ان ۾ کينائين. منڊيلا جو خيال هو ته مخالفن کي ضابطي ۾ رکڻ جو هڪ طريقو کين شرمسار ڪرڻ آهي. هو اثر جي دائري کان ٻاهر هوندا ته پنهنجي ذات ۾ وڌيڪ هڃيڪار ثابت ٿيندا. هن جو چوڻ هو ته ماڻهو بهرحال پنهنجي مفادن وٽان ئي ڪم ڪندا، اها انساني فطرت آهي خابي نه. منڊيلا جو خيال هو ته جن تي هو ڀروسو نه ڪندو هو تن کي منهن ڏيڻ جو هڪ طريقو اهو هو ته کين پنهنجي موهه وسيلي اڻ ڌريو بنائجي. (باقي ايندڙ قست ۾ پڙهندا)