صراط بلوچ
سينيئر رڪن
ڳوهه هڪ ريڙهيون پائيندڙ ساهدار آهي جيڪو پاڻي ۽ خشڪي سان گڏ باغن ۾ رهڻ سان گڏ زمينن ۾ کڏا ٺاهي يا جاين جڳهن ۾ پڻ رهندي آهي. هن زهريلي جانور جون بيشمار جاتيون صدين کان دنيا ڀر سان گڏ سنڌ ۾ پڻ رهنديون اچن ٿيون پر 1920ع ۾ ٿيندڙ هڪ سروي ۾ هن جي نسل کي به ناياب ساهدارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
ڳوهه جي پسنديدو خوراڪ ننڍا ننڍا جيو جهڙوڪ ڪوئا، مڇيون، نوريئڙا، پکين جا ٻچا، آنا وغيره ٿئي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن ڳيري، ڪبوتر وغيره جهڙن ننڍڙي پکين کي به جهڙپي کائي ويندي آهي.
ويهه پنجويهه سال اڳ دنيا ۾ ڳوهه جي چڱي خاصي آبادي هوندي هئي. سندس نالي سان واقفيت مون کي ننڍڙي هوندي ئي پنهنجي ڳوٺ ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ ٿي هئي جتي هر روز ڳوهن کي کيڙين، باغن ۽ زمينن ۾ روز ڏسندا رهندا هياسين جتي اڪثر ڪري باگڙي جاتي جا لوڪ انهن کي مارڻ جي ڪڍ ڦرندا وتندا هيا. باگڙين کي هن جانور جو گوشت ايترو ته وڻندو آهي جو اسان جي سماج ۾ پهاڪو پڻ جڙيو ته ”ڳوهه کي کٽي کڻي ته باگڙين جا گهر تاڙي“.
توڙي جو ڳوهه زهريلي ٿئي ٿي پر سندس زهر انسانن لاءِ گهاتڪ ڪونه ٿئي ٿو تنهن جي باوجود ماهر صلاح ڏيندا آهن ته ان جو پري پري کان مطالعو يا مطالعو ڪيو وڃي ته بهتر آهي جو سندس ڏنگڻ يا ڏندن جي ڪٽڻ سان انسان کي اڪثر بيڪٽريا انفيڪشن ٿي ويندو آهي جيڪي ڳوهه جي منهن ۾ جام ٿين ٿا. ان کان علاوه ڳوهه پنهنجي ڪنڊي دار پڇ ۽ تيز نوڪيلي چنبن سان پڻ حملو ڪندي آهي جيڪو پڻ اڪثر ڪري خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي ان لاءِ عقلمندي اها آهي ته ان سان ڪنهن به قسم جي کشٽ نه ڪئي وڃي.
ڳوهه هرو ڀرو ڪنهن سان ڪونه وچڙندي آهي بلڪه انسانن کي ڏسي وريام وانگر ائين پويان پير ڪندي آهي جو پوئتي به ڪونه ڏسي ۽ ڀڄڻ ۾ ٺاهوڪي تيز ٿئي ٿي پر جيڪڏهن ان جو گهيرائو ڪيو وڃي يا ڪنهن کان کيس خطرو محسوس ٿئي ته پوءِ پنهنجي جسم سموري هٿيارن جي استعمال جي کيس گهڻي اڪابري ايندي آهي.
ڪجهه سال اڳ مون کي به هڪ ڳوهه پڪڙي پالي هئي. ان جي ان وقت سائيز ٻن فٽن کان مٿي هئي جيڪا مون کي هڪ کيڙي ۾ گهمندي نظر آهي هئي. مون تي نظر پيس ته ڊوڙي وڃي هڪڙي گرکي ۾ لڪي ويهڻ جي ڪوشش ڪيائين جيڪو اندران بند هيو جنهن ڪري سندس اڌ ڌڙ ظاهر پيو ٿئيس ان لاءِ کيس پڪڙي پنهنجي گهر پارڪ ۾ اچي ڇڏيم.
سال ڏيڍ خدمت چاڪري به ڪيم پر پوءِ ڪجهه مهينن پوءِ جڏهن گم ٿي وئي ته مان به کيس وساري ويهي رهيم. سال ڏيڍ کان پوءِ هر مهيني ماسي منهنجي فارم هائوس تي رهندڙ ڳيرن يا ڪبوترن جو ڍڍ کاڌل لاش منهنجي گهر جي اترئين پاسي کان ملندو رهندو آهي جنهن سان لڳندو آهي ته نه ٻيلي اها ڳوهه اڃان منهنجي گهر ۾ ئي ڪٿي رهي ٿي. هڪ ٻه دفعا کيس مون به ڏٺو آهي جيڪا مون کي ڏسي اڏاوت جي ڪنهن وٿي ۾ ڀڄي ويندي آهي.