جڳ جي جيوت ۽ انساني ٻه اکيائي ... نور احمد جنجهي

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ماڻهو به وڏو استحصالي ثابت ٿيو آهي هن پنهنجي علمي هٿيار وسيلي دنيا جي باقي مخلوق ۽ انسان ڀائرن جو استحصال ڪرڻ کان وسان نه گهٽايو آهي. جانورن کي مثال طور وٺندي هن پنهنجي عيبن کي لڪائڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي ته ڪيئي اُبتيون سُبتيون ڳالهيون به ڪيون آهن جنهن مان سندس رويئي جو پتو پوي ٿو ته هوڪهڙي ذهنيت رکي ٿو. سندس من ۾ جيڪي ڪجهه اچي ٿو هو ٻين تي ٿوپڻ کان به نٿو مُڙي. انسان پنهنجي رويئي ۾ مجموعي طور طاقت جو غلام نظر اچي ٿو. جنهن شئي ۾ طاقت ڏسي ٿو ان جي غرض به ڪڍي ٿو ته ان اڳيان مٿو به ٽيڪي ٿو. حقيقت ۾ ماڻهوءَ جي سگهه ته هيڻائيءَ مان نڪتي آهي. هيڻائي کي جن سگهه ڪري کنيو ۽ زندگيءَ جو حصو بنايائون اهي زندگي جي طاقت واري مڪروهه راند کي منهن ڏيڻ ۾ ڪنهن حد تائين سوڀارا ٿيا يا وري اُڪري پار پيا. ماڻهوءَ وٽ صدين کان ساڳيو ڳن، ساڳي ڪُهاڙي آهي. وڍ وڍان جي عمل ۾ لڳل آهي ڪڏهن ان ڳالهه جو به کيس خيال نٿو اچي ته هو فطرت جي جنهن وڻ تي چڙهيل آهي يا ان وڻ جو لاڀائڪ آهي، ساڳي وڻ کي به وڍي رهيو آهي. اهڙي اُبتي عمل مان گذرندي ، هاڻي ڌرتي اچي ٽامڻي ٿي آهي ته وري ڏاهو ٿيندي ان کي ”آبهوائي ڦير گهير“ يا ڪلائميٽ چينج چوي ٿو. کيس ڪير سمجهائي ته بابلا ! ڏاهو ٿي . ڪلائميٽ ۾ چينج ته هڪ مسلسل عمل آهي جيڪو جُڳن کان جاري آهي .ڪلائميٽ چينج نه هجي دنيا جو چرخو ڪيئن هلي. جنهن ڳالهه اچي دنيا جا تنجڻ تپايا آهن سو ته آبهوائي ٻڙڌڪ آهي جنهن ۾ انساني سرگرمين جو وڌڻ اچي ٿو ۽ انهن سرگرمين جي نتيجي ۾ دنيا جو تاپمان وڌڻ جو عمل ٿيو آهي. ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجي اجاين سرگرمين کي گهٽائين نه ته سندس سموريون حڪمت عمليون بيڪار ثابت ٿينديون. ماڻهوءَ جو جانورن ڏانهن رويو ڏسجي ٿو ته گهوڙو اهڙو جانور آهي جيڪو انسانن جو سڀ کان اڳ ساٿاري رهيو آهي. ويدن ۾ اشواميڌ جو ذڪر آهي .ڪُتي کي به انسان جي ويجهو سمجهيو وڃي ٿو بلڪ ڪن حالتن ۾ ته ڪُتي جي وفاداريءَ کي مثال بنائي ، انسان کي ڪُتي جي دڳ تي هلڻ جي تلقين ڪئي ويندي آهي ۽ ڪتابن جي انتسابن ۾ ڪُتي جي اهڙي مثالي وفاداريءَ کي ”بيوفا ڀرا“ کان وڌيڪ سمجهندي ”يار“ ڪرڻ جو چيو ويو آهي. انسان به تڪڙو آهي پر هن ڪڏهن تڪڙ جو الزام شيطان تي هنيو آهي ته ڪڏهن ”تڪڙي ڪُتي انڌا گلر ڄڻي “ جهڙا محاورا گهڙي ڪُتن جي تڪڙ کي نروار ڪيو آهي پر پنهنجي تڪڙتي سدائين اک ٻوٽ ڪئي آهي. ڪُتي جي وفاداريءَ جا ڳڻ ڳائيندڙ ماڻهن کي گهوڙو ويجهو رهيو آهي ۽ طاقت جي ڪم ۾ سندن ڀرجهلو ٿي بيٺو آهي سو هن ڪلون جوڙيندي به گهوڙي کي ياد رکيو ۽ بجليءَ جي هڪ ايڪي کي ”هارس پاور “ ڪوٺيو آهي. دانهن ڪوڪ به گڏيل انساني ورثو آهي پر اسان جي دانهن ڪوڪ ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ مدد پٺاڻ جي گهوڙن سان ڳنڍي وڃي ٿي . اسان وٽ اهڙا ڦورو اٺن تي به ايندا رهيا هوندا پر ”اُٺ ڙي اُٺ “ جهڙي رڙ ٻُڌڻ ۾ نٿي اچي . گهوڙن ۽ گهوٽن کي پاڻ ۾ گڏ ڳڻائيندي ، کين ڪڏهن رڻ واهي سڏيو وڃي ٿو ، ڪڏهن ڪوٽن منجهه رهڻ جو چيو وڃي ٿو ۽ سندن جيئڻ جي ڏينهن کي ”ٿورا ڏينهن “ چيو وڃي ٿو. گهوڙي جي رڱ ۽ پارن کي ڏسي اُن تي مختلف نالا رکيا ويا آهن جيئن ، بور ، ڪميت ، سُرخو، پنج ڪلياڻ وغيره. صافي گهوڙن کي نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي . فقير کي ڪنهن چيو ته بابا صافي گهوڙو نه ڌار ڏکيا ڏينهن ڏسندين . فقير وراڻيو ، ”بابا پنو پيا باقي اڃا ٻيو ڇا ٿيندو “. گهوڙي ويچاري جو ڪهڙو ڏوهه .ماڻهو پنهنجي طاقت جي اظهار لاءِ گهوڙي کي جنگين ۽ ڊوڙن ۾ ته استعمال ڪيو پر نمائشي طور پنهنجي نالي ڪڍائڻ لاءِ گهوڙن کي بيدرديءَ سان ڊوڙايو ۽ نچايو آهي . اهڙو بي رحم عمل سُڌريل دنيا ۾ به موجود آهي جتي گوڙي ڊور جا ڏيهان ڏيهي مقابلا ٿين ٿا ۽ مقابلن جي کٽڻ تي سٽي بازي به ٿئي. اسيمبلين ۾ گهوڙا ويچارا ڪڏهن به چونڊجي نٿا وڃن پر انسان ئي چونڊن ۾ حصو وٺن ٿا ۽ هڻي ڌڻي ، ڏيئي ويٺي کٽي وڃن ٿا ۽ اُتي جڏهن سندن خريد فروخت ٿئي ٿي ته ان کي به ”هارس ٽريڊنگ “ سڏيو ويندو آهي جيڪا گهوڙن سان سراسر بيواجبي آهي. وڪرو ماڻهو ٿئي ۽ نالو گهوڙي جو وٺجي . اهو ڪٿي جو انصاف آهي. اُٺن گهوڙن کانسواءِ رڍون ٻڪريون ۽ گڏهه به انسانن جي ويجها رهيا آهن. رڍ کي ماڻهو هيڻائيءَ جي نشاني سمجهندي ، ان کي بي همٿ ڪوٺي ٿو. جيڪو سادو ماڻهو چُپ ٿي ويٺو هجي ان بابت ايئن چيو ويندو آهي ته همراه ايئن ويٺو آهي ڄڻ ڪا رڍ ويٺي هجي. پنهنجي ٻوٿ جي رنگ کي نظرانداز ڪندي ، ماڻهو رڍن کي ڪار ٻوٿيون سڏي ٿو. حقيقت ۾ جيترو ٻوٿ ماڻهوءَ جو ڪارو ٿيل آهي ايترو باقي ڪنهن مخلوق جو شايد ئي ڪارو هجي. اڳي ته اهو ڪارو ٻوٿ لڪيل رهندو هو پر هاڻي جڏهن کان ماڻهوءَ ”ٻوٿ ڪتاب “ ٺاهي ان کي عالمي آکاڙو بنايو آهي ته رڍن جي بجاءِ ماڻهن جو ڪارو ٻوٿ وڌيڪ چٽو ٿي نظراچڻ لڳو آهي. ٻڪرين جو کير پي انسان وڏو ٿيو آهي. پهون سندس پُکي پيل آهن . هو اهڙو اجڙوار آهي جيڪو پنهنجي گيدي پڻي کي لڪائيندي ، ”بُزدل “ جو اصطلاح ڪم آڻي ٿو يعني ڊڄڻي ماڻهوءَ کي ”ٻڪريءَ جي دل وارو “ ڪوٺي ٿو. ”ٻڪري ڪري جيئن اڪ سان ، اڪ ڪري تيئن کل سان “ جهڙو پهاڪو جوڙي ٿو پر ان مان سبق گهٽ سکي ٿو. ڪنهن وڏي انساني هلان دوران انسانن جي قتل عام کي ”ماڻهو ڪوس“ سڏڻ بدران ”ٻاڪرڪٽو“ سڏيندي پنهنجو پاڻ کي ٻڪرين جي نالي ۾ لڪائي ٿو. ڍڳي ، ٻڪري ، مينهن ، رڍ ، اُٺ جو کير ته پيئي ٿو پرپنهنجو پاڻ کي انهن مان ڪنهنجو پُٽ سڏرائڻ بدران ”شينهن جو پٽ“ ٿو سڏرائي ، ڄڻ شينهن ڪا آسماني مخلوق هجي. اهو به سندس طاقت کان مرغوبي جو هڪڙو چٽو مثال آهي. پنهنجي ڪارن ڪرتوتن کي لڪائڻ لاءِ ڍڳيءَ جي ڪاري پڇ ۽ مينهن جي ڪاري رنگ جا مثال ڏيئي ، سمجهاڻيون ڏئي ٿو جڏهن ته ٻنهي کي اها ڪاراڻ قدرت پاران ملي آهي پر ماڻهوءَ کي جيڪا چونڊ جي صلاحيت ڏنل آهي ان وسيلي هو ڪارا ۽ اڇا ڪم ڪري ٿو.پنهنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ ”ڍڳو پير پيران “ ٻول چوي ٿو. ايئن انسان جيڪو پاڻ کي سموري مخلوق کان مٿاهون ٿو سمجهي اهو پنهنجي غرض ۾ الائي ڪهڙي حد تائين ڪري سگهي ٿو ۽ سندس ڪرڻ جو اظهار سندس زبان ۾ موجود آهي . دنيا جي سڀني ٻولين کي چڪاسبو ته انهن ۾ انسان جي حيوان دشمني نظرايندي. انسان حيوان دوستيءَ ڏانهن لڙيو ئي ناهي جيتوڻيڪ حيوان ، جيت ، سُرڻا ، پکي ، ٻوٽا سڀئي هڪڙي گڏيل بقا جو جنسار آهن جنهن ۾ انسان به شامل آهي پرهو اُٺن تي بار به کڻي ٿو ، سواري به ڪري ٿو پر کين ويري سمجهي ٿو. اڄ تائين ڪنهن اُٺ گهوڙي انسان تي سنج وجهي سواري ڪئي ناهي يا وري ڪنهن شينهن جهنگ ۾ ديڳڙي چاڙهي ماڻهوءَ کي رڌي کاڌو ناهي. سموري جيوت فطرت جي ڪڙي ۾ ڪڙيل آهي پر انسان کي چونڊ جي ڇوٽ مليل آهي . هو اهڙي چونڊ مان گذرندي ڪڏهن مٿي هليو وڃي ٿو ته ڪڏهن جانورن کان به هيٺ هليو وڃي ٿو. پنهنجي ”احسن قوام “کي ”اسفل سافلين“ جي کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏي ٿو. فطرت جي ارتقا کيس سبق سيکاريندي رهي ٿي پر هو جڏو ۽ نٺر شاگرد ثابت ٿيو آهي تڏهن ته سندس نظر ۾ شينهن اهم آهي ۽ ماڪوڙي تڇ ۽ حقير . انسان پنهنجي طاقت جي ماپي کي ڀُلجي چڪو آهي جيڪو کيس بي طاقتيءَ جي روپ مليو هو. اهو وساريل سبق کيس ئي ياد ڪرڻو آهي . اُٺ گهوڙا کيس اهو نه سيکاريندا. قومن جا پنهنجا مونجهار آهن . ڪن ملڪن ۾ گڏهه جي ايڏي وڏي اهميت آهي جو قومي نشان طور ڳڻيو وڃي ٿو. ڪرشن چندر ”گڏهه جي سرگزشت “ لکي ان کي اهميت ڏني. پر اسان ته گڏهه کان سئو ڪم وٺي به کيس عيب سمجهون ٿا. گڏهن جو وڏو ميلو لڳائي انهن کي وڪڻي ، ڪروڙين رپيا ڪمايون ٿا پر ويچارن گڏهن جي ”ٿورخرچي“ هئڻ ۽ ” ڌڪ پچائڻ جي وڌ ۾ وڌ سگهه هجڻ “ تي ڪوئي ڌيان نٿا ڏيون جو اسين پاڻ کي عقل ڪل سمجهون ٿا ۽ انهي روش مان جهالت جي شرعات ٿئي ٿي. ماڻهوءَ جي سمورين اوڻاين جو علاج يا ته قربانيءَ ۾ آهي يا وري سهپ ۾ آهي پر هتي قصو ئي اور آهي. ماڻهو حيوانن کي ساڳي سنسار جي همعصر مخلوق ئي نٿو سمجهي.وڻ وڻ وات وجهندڙ اُٺن جي ذات ڀلي اوڳي هجي پر انسان جهڙي اکپور ، ويساري ۽ ناشڪري ٻي ڪا مخلوق ناهي.

    سنڌ ايڪسپريس 5 مئي 2021
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو