پورهيت (نظم ) نوراحمد جنجهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    فطرت سهڻو سنسار ڏيئي
    ماڻهوءَ کي اٿاهه پيار ڏيئي
    هن کي خلقيو ماڻهو آهي
    ماڻهو بُڻ ۾ موتي داڻو آهي
    پورهيو سندس پرچار آهي
    پرچار ۾ پگهر ۽ پيار آهي
    فطرت جي جوڙ کي سنواري
    سنواري ، سينگاري سُڌاري
    هو نت نوان روپ ڏئي ٿو
    هو فطرت جا راز کولي ٿو
    فطرت جي منهن مرڪ مان
    سنسار جي سونهن سرڪ مان
    ڪيئي ٽول جوڙي ۽ ٽوڙي
    ڪيئي دهرا ڌاتو موڙي مروڙي
    فطرت کي اک سرمو ڪري
    نئين جوڙ سان ٿو ور ور وري
    ته پورهيت اڏام لڳي ٿو
    فطرت جي ڪائي مام لڳي ٿو
    ڌنوانن پورهيت پياري کي
    ۽ فطرت جي منڊ ساري کي
    وڪري جو ڪو وڙ سمجهي
    يا مٽيءَ جو ڪو ڍڙ سمجهي
    ونڊي ورڇي هر هر هنڊائي ٿو
    ۽ وڪري جو وڙ بڻائي ٿو
    پورهيت کي پر پري رکي ٿو
    جنهن مال مان بئنڪ ڀري ٿو
    پورهيت جي نه هجي ها
    ڪير ڌنوانن جا بڀ ڀري ها
    پٿرڍوئي ، ڏلها ڍوئي
    منهن ڌوئي نه ڌوئي
    پر دنيا کي سينگاري ٿو
    سائنس سان سنواري ٿو
    دنياوي جوڙ جو جوڙڻهارآهي
    ۽ سنسار جو سينگار آهي
    پاڻ پورهيت ، پورهئي کي پرڻام
    پورهيو جوڙڻ جو نالو نام
    جوڙڻ وارا جڳ جي سونهن
    سونهن سان گڏ روح ورونهن
    روح جي ريحان کي سلام
    امن جي ايمان کي سلام
    پورهيت آهي لوءِ جو لال
    سدا ئين سرهو هجي شال
    (پهرين مئي 2021ع )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو